شوڪت لوهار ويجهڙائي ۾ هڪ مشهور سنڌي اخبار جي مئگزين ۾ سنڌي ٻولي بابت مضمون پڙهيم، جنهن ۾ محترم ليکڪ جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي بنهه محفوظ آهي، ان کي ڪوبه خوف خطرو ڪونه آهي، اِها وڌي ويجهي رهي آهي، ان موصوف جو وڌيڪ چوڻ هو ته اجايو کڻي چند اڌ اکري ماڻهن ٻائيتال مچايو آهي ته واروڙي سنڌي ٻولي مري رهي آهي، ان کي خطرو آهي، ان لاءِ ڪي اپاءَ ڪي تدارڪ ڪريو وغيره. اُنهيءَ مضمون جي لکندڙ جن ماڻهن ليکڪن جا نالا ڄاڻي چيو آهي ته هي فلاڻو شخص خوامخواهه جنهن تنهن تقرير ۾ وتي ٿو چوندو ته سنڌي ٻولي مري رهي آهي ۽ وارو ڪيو، ان کان علاوه سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار لاءِ پڻ لکيائين ته هو اجايو سنڌي چئنل تي ويهي ڌاري ٻولي ۾ رڳو ڀاشڻ ڏئي ٿو ۽ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه آهي. سنڌي ٻولي کي ڪوبه خطرو ڪونه آهي. آئون مضمون جي راقم المعروف سان هٿ ٻڌي اختلاف لکان ٿو ۽ پنهنجي ڳالهه کي اوهان سڀن پڙهندڙن آڏو ڪجهه هيئن کوليان ٿو ته هِن مضمون ۾ جن ٻن شخصيتن جا نالا ڏنا ويا آهن، منهنجو ذاتي طور تي انهن سان ڪجهه به ڪونه وڃي. اِهي سنڌي ٻولي لاءِ ڇا به چون ۽ هُو ائين ڇو ٿا سوچين ته سنڌي ٻولي کي خطرا آهن ۽ انهي کان علاوه سنڌي ڪيبل چئنل تي ڌاري ٻولي ۾ سنڌين کي گهٽ وڌ چوڻ تي ڪنهن ليکڪ سان مان به اختلاف رکان ٿو. جيستائين سنڌي ٻولي جي وجود ۽ هِن موجوده حالتن ۾ ان کي ڪي خطرا لاحق آهن يا نه جو تعلق آهي، پاڻ انهي پاسي تي پنهنجي ڳالهه رکنداسون، پوءِ ڳالهه وڻي ته به واهه، نه وڻي تڏهن به مضمون ويڙهي ڪلهي تي رکبو ۽ وري وڃي ڪنهن ٻئي در دانهن ڏبي. ”سنڌي ٻولي جي بچاءُ جي دليلن ۾ مذڪوره مضمون نگار اِهو چيو آهي ته جيستائين سنڌ ۾ شاهه لطيف جو رسالو موجود آهي ته سنڌي ٻولي کي ڪو خطرو ڪونه آهي.“ ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته شاهه جو رسالو سڀني لاءِ مقتدر ۽ مقدس آهي ۽ اوهان جو دليل به ڏاڍو خوبصورت ۽ جاندار آهي، پر افسوس ته اِهو هن وقت جي حالتن سان ٺهڪندڙ ڪونه آهي. ان دليل جي جواب ۾ آئون صرف ايترو چوندس ته پنج ڪروڙ سنڌين جي هيڏي اجگر سمنڊ مان گهڻا لک آهن، جيڪي شاهه لطيف جو رسالو پاڻ وٽ رکن ٿا ۽ انهن لکن مان ڪيترا هزار آهن، جيڪي شاهه لطيف جو رسالو پڙهن ٿا ۽ انهن هزارن مان ڪيترا سوين آهن، جن کي رسالو ياد آهي ۽ اهي پڙهي ڀرجهي پنهنجي روزمرهه جي زندگي سان شاهه صاحب جا بيت سلهاڙين ٿا؟ انهي کان علاوه ان دليل جي جواب ۾ اِهو چئي سگهجي ٿو ته ٻولين کي صرف شاعري ڪونه بچائيندي آهي، توڙي جو شاهه جو رسالو اسان لاءِ محترم آهي، پر ٻولين کي لسانياتي لاڙا ۽ عوامي واهپو بچائيندو آهي. ”دنيا جون ڪئين عظيم ترين ٻوليون جهڙوڪ لاطيني عبراني ۽ سنسڪرت هيون جن جا ڪئين اجگر شاعر ۽ سندن شاهوڪار ادب هو، پر اِهي دنيا جي نقشي تان غائب ٿي ويون يا سُسُي سوڙهيون ٿي ويون (ڊيوڊ ڪرسٽل هڪ لسانياتي ماهر) ان ڪري ائين چوڻ ته ڪا ٻولي ائين ئي هوندي، جيئن آهي ته اِهو دليل غلط آهي. ٻولي ۾ تبديلي ۽ ورائٽي Variety اڻٽر آهي، پر ان جو اِهو مطلب ڪونه آهي ته ٻولي جو بگاڙ ڇاڪاڻ ته بگاڙ ۽ ورائٽي ٻه الڳ الڳ شيون آهن. جيئن براج بي ڪچرو جو انگريزي لاءِ هڪ نظريو پيش ڪيل آهي ته اندريون دائرو اهي ملڪ جتي انگريزي ٻولي انهن رهاڪن جي ٻولي آهي، ٻاهريون جَن تي انگريزن قبضو ڪيو ۽ اتي پنهنجي ٻولي مڙهيائون ۽ ڦهجندڙ دائرو معنيٰ جتي هاڻ انگريزي ٻولي ماڻهن جي يا ملڪن جي ضرورت آهي. ان لاءِ اِهو چوڻ ته ٻولي کي ڪي خطرا ناهن، اِهو ائين آهي جيئن اُٺ پکي وانگر اکيون واريءَ ۾ وجهڻ. ٻولي هڪ سماجي لقاءُ آهي. سائنس ۾ جڏهن لوهه جي ڳتيل حصي کي ڪٽ Rust کائي تباهه ڪري ڇڏي ٿي، ڪاٺ کي سرو Maggot لڳي سگهي ٿو ته ٻولي ته هڪ "Dynamic" ۽ ان ۾ هر گهڙي ۽ هر وقت تبديلي رونما ٿي رهي آهي، ان ۾ تبديلي نه اچي، اِها ته هڪ عجيب ڳالهه ٿي وڃي ٿي. اِهو ائين آهي ته ”سج تون ڇو ٿو اڀرين جو آئون ته انڌو آهيان ۽ توکي ڏسي ڪونه ٿو سگهان“ (شيخ اياز) لمحي لمحي هوريان هوريان ٻولي تبديل ٿي رهي آهي. سنڌي ٻولي ۾ ڪئين لهجا آهن. ان کان علاوه اِهو چوڻ ته اڄ کان وڌ ون يونٽ واري دؤر ۾ سنڌي ٻولي تي ڏکيا ڏينهن هئا ته مٺا ان جو جواب آهي ته ون يونٽ کي هزارين سال ڪونه ٿيا آهن، ان کي مشڪل سان 50 سال ٿيا هوندا، تنهن ڪري انهي کان به اڳ سنڌي ٻولي لاءِ خطرا شروع ٿي ويا هئا. اڄوڪي وقت ۾ سنڌي ٻولي کي ڪئين لسانياتي مجبورين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ماڻهن کي توهان راغب ڪري سگهون ٿا، مجبور ڪونه ٿا ڪري سگهو. مون ٽيهن ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ”ادا تنهنجي موبائل ۾ ڳالهه ٻولهه لاءِ ڪهڙي ٻولي چونڊيل آهي ته سواءِ ٻن ماڻهن جي 28 ماڻهن جو جواب غير سنڌي ٻولي جي ڳالهه ٻولهه جي چونڊيل هجڻ بابت دليل هو. ماڻهو موبائل ۾ پيغام غير سنڌي ۾ ٿا ٽائيپ ڪَن، ان جي وجهه اِها آهي ته هِي يا اِهو نسل آهي، جيڪو شهرن ۾ وڌيو وڏو ٿيو آهي يا وري غير سنڌي ٻولي کين اهڙي ڀانءِ پئي آهي جو هو ان کي سنڌي کان وڌيڪ آسان ٿو سمجهي. اِهو هِڪ سماجي لقاءُ آهي ۽ لسانياتي حقيقت آهي. ان تي جذباتي ٿيڻ جي ضرورت ڪونه آهي. ماڻهن جي سوچ ۽ لاڙن تي اوهان تالا نٿا وجهي سگهو. سنڌي ٻولي کي هن وقت گهڻن پاسن کان لسانياتي خطرا موجود آهن ۽ هر آئي ڏينهن ڪو نه ڪو سنڌي لفظ ڌاري لفظ هٿان ڪُسجي رهيو آهي. ان کي اوهان نواڻ نٿا چئي سگهو. اِهو بگاڙ آهي. سنڌي ٻولي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڏکين، اوکين لفظن جي ڀنڊار لاءِ ڪوبه ڪم ڪونه ٿيو آهي. سنڌي لغت، سنڌي ليگزيڪو گرافي (Lexicography) لاءِ بنهه سائنسي انداز ۾ ڪم ڪونه ٿيو آهي. هر لمحي سنڌي ٻولي مري ۽ جهري رهي آهي. اوهان چئو ٿا ته سنڌي ٻولي کي خطرو ڪونه آهي، هن وقت تائين سواءِ مرزا قليچ بيگ، فتح محمد سيواڻي ۽ چند ٻين گرامردانن جي سنڌي ٻولي ۾ ڪهڙا ڪتاب موجود آهن، جن کي واقعي ۾ سنڌي صرف نحوي ۽ ڪمپيوٽيٽنل لسانيات لاءِ ڪم آڻي سگهجي. حالت اِها آهي ته اوهان جن کي ڏاها، مها ڏاها ۽ سنڌ جا پروميٿس ۽ برئينڊرسل چئو ٿا، انهن سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ۾ آڻڻ لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ اوهان گوگل ۾ دنيا جي هر شيءِ ڳولهي سگهو ٿا سواءِ سنڌي ٻولي تي ڪم جي، ان لاءِ ڇا چوڻ گهرجي؟ انهي کان علاوه سنڌي ٻولي ۾ ترجمي جو ڪم بنهه نه هجڻ جي برابر آهي، جيڪي ٿورا ترجما اڳ ۾ ٿيا سي ٿيا، هاڻ بس صابو هار ڏنا ڏني هار پاتا لڳو پيو آهي. سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي، ڪو ڀل اِهو سرڪاري هجي يا غير سرڪاري خانگي اسڪولن ۾ ڪڏهوڪو سنڌي ٻولي کي نيڪالي ڏني وئي آهي. ان جي وجهه اِها آهي ته جيڪا ٻولي ڏوڪڙ ٻولي ۾ تبديل ڪونه ٿي سگهي، اِهي اسڪول ان کي ڀلا ڇو پڙهائيندا؟ ماڻهو پاڻ به ڏسن ٿا ته جيڪڏهن هڪڙو ٻار سٺي سنڌي پڙهيل لکيل به هجي ته ڇا ٿي پوندو؟ وڌ کان وڌ مزدوري ڪري هِڪ مفلس زندگي گذاريندو. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ميڊيا ڀل اِها پرنٽ هجي يا ٽي وي، اُتي سنڌي ٻولي سان بگاڙ جاري آهي. ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. باقي خام خيالي ۾ رهڻ ته سنڌي ٻولي کي خطرا ڪونه آهن، اِهو حقيقت کان منهن موڙڻ جيان آهي. سنڌي ٻولي کي سرڪاري سرپرستي جي ضرورت آهي ۽ اِها جيستائين قومي ٻولي ڪونه ٿيندي، ان لاءِ خطرا پيا وڌندا. وڌيڪ اوهان جي مرضي آهي، اوهان نه مڃو ته ڀل نه مڃو.