• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت ۾ نئون پريفڪس “ٻول : lyrics”

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت دوستو!،
اميد ته ٺيڪ ٺاڪ هوندا، دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ مون انٽرنيٽ تي هڪ ڪلام ڳولهڻ چاهيو پر اُهو لڀي ئي نه، جڏهن ته اردو ڪلامن کي ڳولهيان پيو ته اُهي گوگل کي جلدي ملي پيا وڃن.، مونکي به خيال آيو ته ڇونه سنڌي ڪلامن جا ٻول هڪ بلاگ ۾ رکجن! پر جڏهن بلاگ کي ڏٺم ته اُهي گوگل تي ايترو جلدي نه پيا کُلن جيترو سنڌي ۾ سنڌسلامت پئي کُلي، ۽ ٻيو ته بلاگ ۾ صرف آئون ئي ڪلامن جا ٻول رکي پئي سگهيس باقي ٻيا سڀ صرف ڏِسي ٿا سگهن..
پو مونکي سنڌسلامت ئي بهتر لڳي ڪلامن جا ٻول گڏ ڪرڻ ۾، ڇوته هِتي ڪافي سارن ڪلامن جا ٻول اڳ ۾ ئي موجود آهن (جيڪي غزل، وائي يا بيتن جي صورت ۾ مختلف سيڪشنز ۾ پيل آهن)، ۽ ٻيو ته سنڌي فورمز ۾ هي واحد وسيع فورم آهي جيڪو گذريل 6 سالن کان هلندو اچي ۽ انشا الله باقي رهندو (جيستائين ذيشان رشيد آهي تيستائين، الله پاڪ کيس وڏي عُمر عطا فرمائي)، تنهنڪري هي فورم گوگل ڳولا ۾ پهرين نمبر تي آهي..
دوستو سنڌسلامت ۾ ٻول (لئرڪس) نالي هڪ نئون پريفڪس “سنڌي موسيقي“ جي سيڪشن ۾ رکيو ويو آهي، جنهن جو مقصد سنڌي ڪلامن جا ٻول گڏ ڪرڻ آهي.
سنڌي ڪلامن جا ٻول گڏ ڪرڻ سان فائدو اِهو آهي ته جيڪڏهن اسان کي سنڌي ڪلام ٻُڌڻ مهل اُن جا ٻول سمجهه ۾ نه اچن ته اسان سنڌسلامت يا گوگل تي اُن ڪلام جي اڳيان سنڌي اکر ”ٻول“ لکون ته اُن ڪلام جا ٻول ظاهر ٿي پون ۽ ڪلام صحيح سمجهه ۾ اچي..

سو ! سڀني دوستن کي گذارش آهي ته سنڌي ڪلامن جا ٻول مطلوبه سيڪشن ۾ موڪليندا رهن. ڪلامن موڪلڻ جو طريقيڪار توهان هيٺ ڏنل تصوير مان سمجهي وٺو.
ياد رکو! توهان صرف سنڌي موسيقي سيڪشن ۾ ئي ٻول جو پريفڪس ڏئي سگهو ٿا.

22984935359_81eeb04633_o.jpg
 
ڪم تمام ڀلو ... وڻيو
پر ان کي اڃان به بهتر ڪري سگهجي ٿو. پريفڪس ٻول بجاءِ شاعر جي نالي سان هجي ۽ شاعري واري خاني ۾ پسنديده ڪلام يا پسنديده شاعري جي سب ڪيٽيگري هجي.

ان سان اهو ٿيندو ته هڪ شاعر جي شاعري هڪ هنڌ ملي ويندي

مان زين فورو جي اردو فورم محفل جي لنڪ موڪليان پيو اها ڏسو.

هي ڪم وقت وٺندڙ آهي پر ان سان شاعري سولائي سان ملي ويندي، اوهان شاعري سان گڏ وڊيو به رکو.
 
ڪم تمام ڀلو ... وڻيو
پر ان کي اڃان به بهتر ڪري سگهجي ٿو. پريفڪس ٻول بجاءِ شاعر جي نالي سان هجي ۽ شاعري واري خاني ۾ پسنديده ڪلام يا پسنديده شاعري جي سب ڪيٽيگري هجي.

ان سان اهو ٿيندو ته هڪ شاعر جي شاعري هڪ هنڌ ملي ويندي

مان زين فورو جي اردو فورم محفل جي لنڪ موڪليان پيو اها ڏسو.

هي ڪم وقت وٺندڙ آهي پر ان سان شاعري سولائي سان ملي ويندي، اوهان شاعري سان گڏ وڊيو به رکو.

هن ۾ جڏهن پريفڪس تي ڪلڪ ٿا ڪريون ته مطلوبه ڪيٽيگري کُلي ٿي، پر سنڌسلامت ۾ الائي ڇو ائين ناهي!
جيڪڏهن شاعري جي پريفڪس تي ڪلڪ ڪجي ته شاعري ڪيٽيگري ئي کُلي..
بحرحال، سائين ذيشان رشيد ئي ان جو ڪو آسان حل ٻُڌائي سگهي ٿو.
 
زبردست ڪَم..
ها ائين ئي ٻول (لئرڪس) جو پريفڪس به هُجي، شاعري سيڪشن ۾ شاعر جي سان پريفڪس هُجي.. :)
 
Back
Top