• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ ايازجي شاعري

الطاف اوڳاهي

سينيئر رڪن
قــدم قــدم تــي هـجـومِ زنـــدان ، نــظـر نظر ۾ شراب خانا
ڪـــري ويــو ڪــير بــارشِ مَيءِ ، خمار آلود ٿيا زمانا

شعورِ هستي جتي ڪٿي آ ، شعارِ هستي ڪٿي ڪٿي آ
پيئو پـيـئاريــو ، جـيــئو جيـئـاريـو ، مـــــگر به اندازِ عارفانا

اسان جو چاهيو ته روح تنهنجو چپن مان چُوسي وٺون ته ساقي
گهڙي نه گذري خلاف پنهنجي ٿيا سمورا شراب خـــــــانا

ڪڏهن ڪڏهن مؤج مَيءِ مان اُڀري خودي وري غرقِ جام ٿي وئي
ڪـــــنـدو رهـيو ســـاحــلِ تمنا سوين اشارا ، سوين بهانا

مثالِ سيلاب وقت گذري ، لُٽي ڇڏيو قصرِ عاشقيءَ کي
ڪٿي جبينون جھڪيون آلائي ، جٿي هيو سنگِ آستانا

اڙي! اڙي! ترس ترس، ڪنهن کي مٽائين ٿو بي خبر ، نظر ڪر
” ايــــــاز “ آ شاعـــرِ محبـــــت ، اڙي زمـــانا ، اڙي زمانا !
 
Back
Top