ادا، جيڪو ڏاڍو سو گابو، هاڻي شينهن جا ٻچڙا سنهڙين لامن تي ڪيئن چڙهن، بس ڀولي بادشاهه کي ته وارو مليو آهي، انهن کي تنگ ڪرڻ جو
ها دا ائين به ٿيندو آهي خاص ڪري جڏهن طاقت ور کي اهو احساس ڏيارڻو هجي ته تون سڀ ڪجه ڪري سگهين ٿو پر ڪجه ڪم اهڙا آهن جيڪي اسان جي وس ۾ آهن ۽ تون نٿو ڪري سگهين ان موضوع تي مون کي وتايي فقير جي هي ڳاله ياد اچي ٿي ته ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ڳالهه اچي ڇڙي ته سڀ ڪجهه الله سائين جي وس ۾ آهي. ڪرڻ ڪرائڻ وارو پاڻ پروردگار آهي. روزي به سندس وس ۾ آهي. گهڻي ڏي يا ٿوري. پاڻ رزاق آهي، سندس ئي حڪم سان دنيا جو ڪارخانو پيو هلي. وتايو فقير به ان ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، ڳالهيون جڏهن دنگ ٿيون ته امالڪ چيائين ته: جيڪي چئو ٿا سو سڀ سچ آهي، پر هڪڙي ڳالهه امان جي وس ۾ به آهي. ماڻهن پڇيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي؟ فقير چيو ته اِهو امان جي مرضي تي ڇڏيل آهي، وڻيس ته ڀَت رڌي، وڻيس ته ماني پچائي.
ها ها ها ها ها ها ادا علي وتايو فقير جي ڳالهين کي عام طرح سان ته کل ڀوڳ واري انداز ۾ ورتو وڃي ٿو پر ادا علي علي ان جي کل ڀوڳ واري ڳالهين تي ٿورو غور ڪيو وڃي ته ان مان وري مطلب ئي اصلي ٻيو نڪرندو shal judy hujeen
باندر & ڀولا سائين فقير اهڙيون سخاوتون ڪندا رهندا ڪريو ... پر يار باندر & ڀولا اسانجي وس ۾ ناهن، اسان واري هوٽل جي مالڪ جو نالو به بندر آهي & خوبيون به بلڪل ساڳيون اٿس ... پگهار ڏيڻ وقت اهڙيون ته قلابازيون کائيندو آهي جو وڃي ٿيا خئير!!! بهرحال تمام مذيدار & ڀوڳائتي فلم جي ونڊ جي مهرباني
واهه سائين واهه، سائين نثار ابڙا، ادا ڦلپوٽه فقير، ادا علي علي، مونکي اڄ تائين اهي خبر ناهي پئي ته وتايو فقير ڪهڙي شهر يا عللائقي سان واستو رکي ٿو، يا ڪنهن علائقي جو هو۔ ڪهڙي زماني جو هو، بس رڳو ڳالهيون ٻڌندا آهيون۔