جواب: طوطو ڳالهائي ٿو۔
هائو يار مٺو به وڏا استاد هوندا آهن، اصل اهڙا مزا ڪندا آهن جو وڃي ٿيا خئير۔ اسانجن گهرن ۾ اڪثر مٺو هوندا هئا ، ٻار، جوان، پوڙها سڀ خوش، آ پڻ وڏو شوقين هوندو هيس ۽ امڙ سڳوري ته اصل طوطي سان اهڙو پيار ڪندي هئي جو اسانکي کاڌو ملي يا نه طوطي لئه چوري ۽ ساوا مرچ ۽ ڪجهه ميوو ضرور ايندو هو ۔۔۔
“ مٺو پٽ پڪوڙو کائيندي ” ته اصل واه جو چٽو ڳالهائيندو هو جو ماڻهون ٻڌي حيران ٿي وڃي ۔۔۔ ٻلين جي آواز، ڪڪڙن جا آواز ۽ ٻين جانورن جا آواز به سندس مشغلو هو ۔۔۔