• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آسَا اُڀِرَندَيئِي سِجِ، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

23020222309_ac03898963_o.jpg


اُڀِرَندَيئِي سِج، پِرِين جَي نَه پَسَندِيُون
ڪَڍِي ٻَيئِي ڏِج، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کَي


سُرُ آسا

اُڀِرَندَيئِي سِج = سج اڀرڻ ساڻ ئي
پِرِين = محبوب، جاني، جانب
پَسَندِيُون = ڏسنديون
ڏِجِ = ڏيئي ڇڏ، وڃي ڏي
ڪانگَنِ کَي = ڪانوَنِ کي

بيت جو پس منظر

~ سج اڀرڻ سان جيڪي محبوب کي نٿيون ڏسن.
~ سي ٻيئي اکيون ڪڍي ڪانوَن کي کارائجن.

سمجهاڻي

اڄ ڪلھ زندگي ڏاڍي مصروف بڻجي وئي آهي. هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ واري دور ۾ انسان پاڻ بہ هڪ مشيني پرزو بڻجي ويو آهي. صبح جو سوير اٿي چانھ سان گڏ اخبار جو مطالعو، پوءِ تيار ٿي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، اداري يا دفتر ۾ ڪم ڪندي سڄو ڏينهن مصروف گذري ٿو.
پورهيت طبقي جا ماڻهون پڻ سج اڀريي مختلف ڪمن تي روانا ٿين ٿا، شام جو ٿڪجي واپس ٿين ٿا. هن مصروفيت جي ڪري پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وقت نٿو ڏيئي سگهجي.
ڀٽائي چئي ٿو:
سج اڀرڻ ساڻ هي اکيون جيڪڏهن محبوب کي نٿيون ڏسن تہ پوءِ هنن جو هجڻ ئي اجايو آهي. پوءِ هي ٻيئي اکيون ڪڍي وڃي ڪانون کي کارائجن.
ٻين لفظن ۾ ڀٽائي اسان کي هدايت ٿو ڪري تہ ڪيڏيون بہ مصروفيتون ڇونہ ھجن پنهنجي پيارن ۽ مقدس رشتن کي وسارڻ نہ گهرجي. ڇوتہ پيار ۽ محبتون ئي بهتر جياپي جو سبب آهن.


_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top