شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما – رسول بخش پليجو

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    شاهه لطيفَ جا فڪري پهلو ۽ انساني ڄاڻ جا سرچشما

    رسول بخش پليجو

    شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄائو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. شاهه لطيف جي دؤر کي سمجهڻ لاءِ هڪ حد تائين ان جي تاريخي ۽ ادبي پس منظر کي سمجهڻ لازمي آهي. سياسي طرح هي دور هڪڙو فيصلي ڪن دور هو. برصغير جي تاريخ ۾ توڙي ايشيا ۽ يورپ جي تاريخ ۾ ۽ عالمي سطح تي، هڪڙي دور جي خاتمي جو نڪتو ۽ ٻئي دور جي آغاز جو نڪتو هو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جي شروعات ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾، جڏهن شاهه لطيف ڄائو هو، تڏهن اورنگزيب دکن روانو ٿي چڪو هو. ماورالنحر ۽ افغانستاني بغاوتن کي ڪچلڻ لاءِ هن کي موڪليو ويو هو. اتان ٿي واپس آيو. انهيءَ سال هن اچي شيواجي جي پٽ سنڀارجي تي حملو ڪيو هو ۽ ان کي قتل ڪيو هئائين. مغل دور هندوستان مان موڪلائي ويو ۽ جيئن جيئن لطيف سائين جي جوانيءَ ۾ نادر شاهه 1739ع ۾ دهليءَ تي حملو ڪيو ۽ مغل شهنشاهه کي ڪاپاري ڌڪ هڻي ختم ڪيائين. لطيف سائين جي وفات کان جلدي پوءِ 1765ع ۾ احمد شاهه ابدالي مغلن مرهٽن کي نيست ۽ نابود ڪري، انگريزن جي واپارين لاءِ هندوستان جو رستو کوليو. اهو دور هندوستان ۾ ترڪ ۽ مغل سلطنت جي خاتمي جو دور هو، مغلن جي زوال جو دور هو، افراتفريءَ جو دور هو. ٻئي پاسي يورپ ۾ Age of Enlightment جو دور هلندڙ هو. ان کان اڳ ۾ Reformation ۽ Counter Reformation هئي، مذهبي سڌارن جو دور هو. تنهن کان اڳ ۾ ايجادن جو دور Age of Discoveries هو. 1458ع ۾ ترڪن قسطنطنيه تي قبضو ڪيو. تنهنڪري گوبي جي رڻ پٽ مان مشرق کان جيڪو رستو يورپ ۾ ويندو هو، ان رستي جاوا، چين ۽ هندوستان جو جيڪو مال يورپ ويندو هو، ان جو رستو ترڪن بند ڪري ڇڏيو. يورپ جا وڏا وڏا شهر، جيڪي واپار جا شهر هئا. انهن مان اٽليءَ جي شهر ۾ هڪ نئون نظام شروع ٿيو، جنهن کي پاڻ سرمائيداري چئون ٿا، جنهن ۾ جاگيردارن جي مقابلي ۾ واپارين جاگيردارن سان وڙهي وڙهي پنهنجا نيم خودمختيار شهر قائم ڪيا. انهن جو رستو قسطنطنيه کان هو، جيڪو ترڪن 1458ع ۾ بند ڪري ڇڏيو. نئين رستي کي ڳولڻ لاءِ Age of Discoveries شروع ٿيون. انهيءَ صدي 1496ع ۾ ڪولمبس آمريڪا ڳولي لڌو. 1498ع ۾ واسڪو ڊيگاما هندوستان جي طرف آيو. ان کان پوءِ سمنڊ جي رستي مغرب جو سرمائيداري نظام، مغرب جو واپاري نظام اوڀر ۾ ڦهليو. چين تي قبضو ٿيو، جاپان تائين پهتا، يعني سامراج جو سڀني کنڊن تي ڇانئجڻ جو دور شروع ٿيو. ان کان ترت پوءِ جيڪي نوان خيال سامهون آيا، 1522ع يعني سورهين صديءَ ۾ مارٽرن لوٿر چرچ جي مٿان ٿيسس لکيو ۽ چيو ته پوپ صحيح ناهي. پوپ جي جيڪا يورپ ۾ روحاني آمريت هئي، تنهن کي چئلينج ڪيو ويو. ان کان پوءِ ٻي Counter Reformation شروع ٿي، يعني روحاني آمريت جي طرفان جوابي حملو ٿيو. سورهين صدي جي پڇاڙي تائين، يعني لطيف جي ڄمڻ واري دؤر تائين، خوني جنگيون ٿيون، اها سڄي صدي هڪٻئي سان وڙهڻ، مقابلا ڪرڻ جي صدي رهي آهي. ان جو خاتمو Treaty of West Falliea يعني هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ ڪيٿولڪ ۽ پروٽيسٽن جي وچ ۾ ٺاهه ٿيو. اهو وقت يورپ ۾ اٿل پٿل ۽ نون خيالن جو دور هو، نين سائنسن جو دور هو. ان کان اڳ ۾ تيرهين صديءَ ۾ Renaissance شروع ٿي چڪي هئي. ان دور جا ٻه باني بڪيشو ۽ پيٽرياٽ هئا، جن نئين جاڳرتا شروع ڪئي، جنهن کي نئين جاڳرتا جو دور چيو وڃي ٿو.
    اديبن ۽ مفڪرن جو خيال هو ته يورپ جي اصل ڄاڻ، سمجهه ۽ زندگي عيسائي مذهب جي اچڻ کان پوءِ صدين جون صديون جيڪو Age of Darkness (اونداهون دور) رهيو، ان کان پوءِ شروع ٿي. ان کان اڳ ۾ حضرت عيسى جي ڄمڻ کان اٺ سئو سال اڳ پاڻ کي هومر ملي ٿو. هومر کان پوءِ يوناني حڪومتن جو دور شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ يوناني سائنس آهي، جنهن ۾ سڪرات آهي، ارسطو آهي، ٿيوسي ڊائيس آهي، اديب، شاعر، فصيح بيان مقرر، جنرل ۽ سياستدان اهو يونان جو شاندار دؤر آهي. تنهن کان پوءِ روم جو دور رهيو. روم جي انجنيئرنگ، روم جا روڊ، روم جا رستا ۽ Roman Law، يورپ جي سٺن ماڻهن جو خيال هو ته يورپ جو اصل ورثو يونان ۽ روم هئا، عيسائين جي اچڻ ڪري اهو ورثو مري ويو، دفن ٿي ويو. ان کان پوءِ ٻن ماڻهن پيٽرياٽ ۽ بڪيشو جي اڳواڻيءَ هيٺ علم، ادب ۽ افساني جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو. راڳ ۾، پينٽنگ ۾ ۽ موسيقيءَ ۾ نئين سياست ۾، نين روين ۾ نون آدرشن ۾ نئين سجاڳي جو ادراڪ ٿيو. Universal Man (عالمگير انسان) جو تصور پيدا ٿيو. ماڻهن ۾ نوان خيال ۽ تصور پيدا ٿيا. ماڻهن ۾ سماج جي باري ۾، آسمانن جي باري ۾ جيڪي پراڻا تصور هئا، اهي بدلجي ويا. نئين سجاڳي جا مختلف تهه آهن، مختلف پرت آهن. انهن ۾ پهريون Humanism (انسان دوستي) جو دور آيو، يعني آسمان تي سوچڻ جي بدران انسان بابت سوچڻ، يعني انسان جو چهرو ڪهڙو آهي، انسان جي صورت ڪهڙي آهي، انسان جي Body (جسم) ڪيئن آهي، انسان جو جسم ڪيئن ٺهيل آهي. ادب جو، شاعريءَ جو، فن جو نئين سري سان جائزو ورتو ويو. انهن تي يورپ ۾ تحريڪون هلڻ شروع ٿيون. ان جو نقطهء عروج ترڪن جي قسطنطنيه تي قبضي کان پوءِ کوجنائون شروع ٿيون ۽ سامراج به پيدا ٿيو، ڪالونيون به پيدا ٿيون، ملڪن تي قبضا ٿيڻ شروع ٿيا.
    سترهين صدي اهڙي هئي جيڪا رچي راس ٿي، انگلينڊ ۾ انقلاب آيو، اتي مئگناڪارٽا، Bill of Rights، جمهوريت جو دور شروع ٿيو. شيڪسپيئر اچي چڪو هو. لطيف کان اڳ ۾ نيوٽن سائنس تي ڪم ڪري چڪو هو، يورپ سماجي طور ڦوهه جواني ۾ پير پائي اچي چڪو هو. سترهين صديءَ جي آخر ۾، جڏهن لطيف جي عمر يارهن سال هئي، تڏهن يورپ پنهنجي ترقي جي بلند ترين چوٽين طرف روانو ٿي چڪو هو ۽ اوڀر ايشيا ۾ زوال شروع ٿي چڪو هو.
    پاڻ اها ڳالهه ڪندا هلون ته 500 صدي عيسويءَ کان وٺي تقريباً 1500سالن تائين ايشيا يورپ تي حاوي هو. 1458ع جي قريب قريب ايشيا جي يورپ مٿان برتري ختم ٿي، ايشيا جي برتري جو آغاز ايران جي سلطنت جو قائم ٿيڻ ماورالنحر کان وٺي پئسفڪ سمنڊ تائين پهچڻ، اسپين ۽ مالٽا جي علائقن تي قابض هجڻ، ايراني شهنشاهيت جو آفريقا ۾ ڦهلجڻ، مصر تي قابض هجڻ، مالٽا، يونان، ترڪي، اهي سڀ علائقا ايراني شهنشاهيت جي ماتحت هئا. پندرهين صديءَ تائين صليبي لڙايون هليون. ان دور ۾ اوڀر طاقتور هو، ان وٽ پئسا هئا، ان وٽ دولت هئي، ان وٽ نظام هو، ان وٽ جنگي قوتون هيون. ان وقت ۾ شام جي هڪ حڪومت صلاح الدين ايوبيءَ جي اڳواڻي هيٺ يورپ کي شڪست ڏني. هڪڙي پاسي فرانس هو، انگلينڊ هو، سڄو يورپ هو، ٻئي پاسي صلاح الدين ايوبي، جيڪو سيڪنڊ ڪلاس جو جنرل هو. هو نيپولين ۽ سڪندرِ اعظم جهڙو ڪونه هو، تيمورلنگ جهڙو ڪونه هو، فوجي نقطهء نگاهه کان جنرل نه هو، منتظم هو، يگانو ماڻهو هو. ان دور ۾ اقتصادي صورتحال هيءَ هئي ته سنڌ ۽ هندوستان جو ڪپڙو سٺو هو، يورپ ۾ مقبول هو ان ڪپڙي تي انگلينڊ بندش وجهي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو انگلينڊ ۽ يورپ ۾ تمام گهڻو مقبول هو. جڏهن ته انگلينڊ ۾ مانچيسٽر جي ڪارخانن ۾ کهرو ۽ گهٽ درجي جو ڪپڙو ٺهندو هو، جنهن کي انگلينڊ جي ماڻهن نٿي ورتو، تنهن ڪري لطيف سائينءَ جي عمر ۾ سنڌ ۽ هند جي ڪپڙي جي ڪوٽا تي انگلينڊ وارن بندش وجهي ڇڏي. ڇاڪاڻ جو انگلينڊ جا ڪارخانا بند ٿي ويندا. يورپ اقتصادي طرح مس نئون اڀريو پئي. اسان جي اتر پاسي ۾ روس ۾ پيٽر اعظم جي اڳواڻيءَ هيٺ روس نئين سر اڀريو. منگولن جي تباهين کان پوءِ، سوئيڊن جي تباهين کان پوءِ يورپ ۾ نئون دؤر شروع ٿيو ۽ ان جو پهريون پهريون شاعر شيلي هو، پشڪن بعد ۾ آيو. پهرين پهرين ابتدائي قسم جي شاعري ٿي ۽ يورپ ۾ هڪڙو تمام وڏو ماڻهو پيدا ٿيو، جيڪو سائنسدان به هو، شاعر به هو، اهلِ قلم به هو، پر اهو هڪڙو شروعاتي دور هو. توهان ڏسندؤ ته انهن ۾ اهي خيال نه هئا، جنهن جي پاڻ ڳالهه ڪنداسين.
    نائين صدي عيسويءَ ۾ هندوستان جي ڀڳتي تحريڪ جو پيشوا شنڪر آچاريه پيدا ٿيو. هي اهو دور آهي، جيڪو مشرقِ وسطى ۾ مشهور ۽ معروف خليفي هارون رشيد ۽ مامون رشيد جو دؤر حڪومت آهي. مسلمان دنيا اندر عقلي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي. هندوستان ۾ ڀڳتي تحريڪ جي نتيجي ۾ وڏا وڏا شاعر ميران ٻائي، تلسيداس پيدا ٿيا. اسين ان دور کي لطيف جي شاعريءَ جا سرچشما جن ۾ اسين شمار ڪريون ٿا. ان دؤر ۾ سنڌي شاعري سمنگ چارڻ جي ”ڳاهن سان ڳالهين“ واري شاعريءَ جيڪا شاعري جو هڪ قسم آهي ۽ دودي چنيسر جي ڪاهن جو دور آهي. اها ابتدائي سنڌي شاعري، جيڪا نهايت خوبصورت آهي، ان کان پوءِ قاضي قاضن، شاهه ڪريم ۽ ٽيون شاعر شاهه عنايت رضوي جيڪي تمام وڏا شاعر هئا، انهن جا شعر لطيف جي شعرن جي مقابلي ۾ رکي سگهجن ٿا. انهن جا فڪري بنياد نهايت مضبوط آهن. قاضي قاضن جو شعر آهي ته:

    ڪنز قدوري قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ،
    ته ڪر منڊي ماڪوڙي کوهه ۾، ويٺي ڪڇي اُڀ.

    شاهه ڪريم جو شعر آهي ته:

    آيل سهڻو رد، سهڻي ڪا مَ وسهي،
    ستي هُيڙم گڏ، جان جاڳان تان ناهه پرين.

    لطيف سائينءَ جي رسالي ۾ انهن جا ڪيترائي شعر شامل آهن. سمنگ چارڻ کان اڳ ۾ ڀاڳوڀان آهي، جنهن جو شعر آهي ته:

    ارڙهن ڌڪ ڌراڙ جا، لڳا ننگر مٿي تان،
    ته به ٽڪر ٽريو ڪين ڪي، جبل جو سماءِ،
    سان وڙهن جيئن سومرا، جيئن ڳوڌا ڳاهه ڳهن.

    هيءَ تمام اعلى درجي جي شاعري آهي. پنجاب وٽ داستانن جي روايت آهي، اسان وٽ داستانن جي روايت گهڻي ڪمزور آهي پر تمام نمايان آهي. حفيظ تيوڻي جي شاعري آهي:

    جڏهن سوڍو اٿيو سنڀري، ڪوپو ساهي ڪر،
    موت ڏيارج مون ڌڻي، آهيان تو آڌر،
    هاڻ هڪ جيڏين ۾ تون، پت رکين پروَر،
    مامون ميري تي چڙهيو، ڪري الله توهر،
    ڦوڪو ڏين فراق مان، ڪي ڪاريهر ڪر،
    واٽ وڃڻ جي نه لڀي، پکڙيون کوڙ کپر،
    ممون ڳوهون ڳورپٽ ٻيا ڀٽون ڀيڻي ڀر،
    بر ۾ بلائون بڇڙيون، ٻيون آفت اجگر.

    تمام بي مثال شاعري آهي. شاهه لطيف اڪيلو شاعر ناهي، اسان جا ٻيا به ڪيترائي شاعر آهن جيڪي پنهنجي سر شاهه لطيف جي ڀرسان بيهي سگهن ٿا. اهي پنهنجي پنهنجي فن ۾ فنڪار هئا، لطيف سائين غزلن جو شاعر نه هو، داستانن جو شاعر نه هو، ڳاهن جو شاعر نه هو. هڪڙو شعر جيڪو خواجه فريد جو آهي ته:

    ميڏا يار ڀي تون، ميڏا دلدار وي تون

    هيءَ تمام وڏي تخليق آهي. برصغير جا ٻه وڏا شاعر، هڪ بلهي شاهه بي مثال، يگانو، روحاني آمريت جو دشمن، جيڪو جارحانه انداز ۾ ڳالهه ڪندڙ آهي:

    جي تون غازي بنڻا، لک بن تلوار،
    پهلي ملان مار ڪي، پڇون ڪافر مار.

    ان قسم جو بي مثال شاعر، جنهن روحاني آمريت جي خلاف ڳالهه ڪئي آهي. لطيف سائينءَ جو پيش رو شاهه حسين، جنهن چيو ته:

    بريان بريان بريان………………………………………………………….
    پريم ڪٽوري عرشون اُتري، ڪيون بيتي ڪيون بيتي سجڻا،
    سرت دي سئي پريم دا ڌاگا، اسان گودڙي سيتي،
    ڪيون بيتي ڪيون بيتي سجڻا، ڪيون بيتي ڪيون بيتي سجڻا.

    شاهه حسين جو لطيف جي شاعريءَ تي تمام وڏو اثر آهي. ان کان پوءِ اسان جو تمام وڏو شاعر بابا فريد آهي.

    فريدا! مين جاڻيا دک مجهه ڪو، دک سوائي جڳ،
    اُچي چڙهه ڪي ويکيا، تان گهر گهر ايها آگ.

    سنڌي سرائڪي شاعري جو ميلاپ، يگانو شاعر، وڏو صوفي، وڏو انسان دوست، جيڪو تصوف جو سڀ کان وڏي اڏام جو پايو رکندڙ آهي، چشتي طريقو، جيڪو سڀ کان وڌيڪ انسان دوستيءَ جي ويجهو اچي ٿو. 1521ع ڌاري ڄام نندي جي زماني ۾ ميران ٻائي ان زماني ۾ ننڍي ڇوڪري هئي، ان جي شاعري آهي. جيڪا شاعري خاص ڪري اسان کي ويجهو آئي، اها مرهٽي ۽ گجراتي آهي پر شاهه لطيف کي متاثر ڪندڙ ٻي روايت ايراني شاعريءَ جي آهي. ايراني تصوف واري شاعري، جنهن جو باني ابو سعيد ابلخير آهي، حافظ ۽ رومي غزل جي شاعري جا وڏا علمبردار آهن، لطيف سائين ٻنهي کان متاثر هو ۽ فارسيءَ جا ڪيترائي گهاڙيٽا، ڪيترا خيال لطيف سائينءَ کي ويجها اچن ٿا، انهن کان متاثر ٿيو آهي. انهن جي ٻولي سکيو آهي. لطيف ڪبير کان، شاهه حسين کان، سنڌي شاعريءَ کان متاثر ٿيو آهي. ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪي وڏا شاعر يا وڏا ماڻهو پيدا ٿين ٿا، اهي آسمان مان پيدا ٿين ٿا پر ايئن ناهي. ماڻهو انهن کي ڊرامائي انداز ۾، بي پاڙي ول وانگر پيش ڪرڻ ۾ وڏو فخر سمجهن ٿا. اهي معجزن جا پوڄاري آهن. تصوف جو ڏاڪي به ڏاڪي اڳتي وڌڻ ٻين کان متاثر ٿيڻ ۽ تاريخي بيڪ گرائونڊ کان اچڻ، هڪٻئي کان متاثر ٿيڻ آهي. ڪائنات جو هڪ وڏي ۾ وڏو بنيادي اصول آهي ته Things are inter-dependant, inter-connected and inter-penetrating ”شيون، لقاءَ، ماجرائون ۽ ڪيفيتون هڪٻئي کان متاثر ٿين ٿيون، هڪٻئي کي متاثر ڪن ٿيون، هڪٻئي کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون ۽ هڪٻئي ۾ سمائجن ٿيون.“
    جيئن اسلام ۾ ڳالهه آهي ته حضور جن اوچتو پيغمبر ٿيا ۽ ان کان اڳ ۾ عرب ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانه هئي، حالانڪ اها ڳالهه اڻ ڄاڻائيءَ تي ٻڌل آهي. حضور جن کان اڳ ۾ مشهور حنيف پيدا ٿيا، جن عرب جي مذهب کان انڪار ڪيو. انهن مان هڪڙو حضرت عمر جو عزيز هو اهو ماڻهو تمام گهڻو مشهور آهي. ان جي باري ۾ مشهور آهي ته هن ڪعبي ۾ گهڙي چيو ته، ”اي الله! مون کي خبر ناهي ته آئون تنهنجي ڪيئن عبادت ڪريان، مون کي توسان بي پناهه محبت آهي. مون کي خبر ناهي ته توسان ملڻ جو ڪهڙو رستو آهي.“ هر شيءِ جو تسلسل آهي. ان کان اڳ ۾ حنيفن جو وڏو تسلسل آهي. اهي پاڻ ۾ هڪڙي غار اندر لڪي ملندا هئا. حضور جن جي زندگيءَ تي پهريون مستند ڪتاب ابنِ اسحاق جو آهي. ان ۾ اهي ڳالهيون وڏي وضاحت، وڏي تفصيل سان موجود آهن. ان کان سواءِ ابو طالب جا مشهور قصيدا مشهور آهن، تبليغ جا وڏا شاهڪار آهن، جيڪي ابنِ حشام ۾ آهن، اهي توهان پڙهندؤ ته توهان کي خبر پوندي ته ابو طالب ڪيڏي وڏي پائي جو ماڻهو هو. اهڙيءَ طرح لطيف سائينءَ جا جيڪي پيش رو هئا. انهن کان سکيو، انهن کان متاثر ٿيو، انهن جي اثر هيٺ آيو ۽ انهن کان Inspire ٿيو.
    هڪڙي روايت جيڪا لطيف سائينءَ ۾ آهي، اها غريب دوستي آهي، غريب نوازي نه. غريب نوازي ۽ غريب دوستيءَ ۾ فرق آهي. غريبن کي نوازيندڙ مٿين طبقن جا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي انهن سان گڏ ڪونه هوندا آهن، انهن سان هڪ ڪونه ٿيندا آهن، انهن منجهان پاڻ کي ڪونه سمجهندا آهن. لطيف سائينءَ جي روايت غريب نوازيءَ جي نه آهي، غريب دوستيءَ جي آهي. غريبن منجهان هجڻ جي آهي. اها روايت هن کي شاهه ڪريم کان ملي. شاهه ڪريم وٽ جڏهن مهمان ايندا هئا ۽ سندس گهر ۾ ڪجهه ڪونه هوندو هو، پوءِ گڏهه تي چڙهي، ڳوٺن مان اٽو وٺي، ماڻهن کي ماني کارائيندو هو. اها جيڪا نهٺائي جي، غربت جي، افلاس جي، پٽ تي ويهڻ جي، غريب ترين ماڻهن سان گڏ ويهڻ جي روايت شاهه لطيف کي پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم کان ملي آهي ۽ پاڻ پنهنجي ڏاڏي جي شاعريءَ کان به متاثر هو ۽ ان روايت کي برقرار رکيائين.
    لطيف جي شاعريءَ تي جڏهن اسين غور ٿا ڪريون ته حسن ۽ عشق جا لافاني داستان ان کان اڳ ۾ هومر جي زماني کان وٺي آهن. هومر دنيا جو پهريون عظيم ترين شاعر آهي، جيڪو اٺ صديون قبل مسيح اڳ جو آهي. ان جي شاعريءَ جا داستان يورپ ۾ مشهور آهن. جيئن اسان وٽ سنسڪرت شاعريءَ جو بنياد پهرين صديءَ ۾ پيو، جيئن اسان وٽ عربيءَ ۾ وڏو شاعر عمر الڪيف آهي، جيڪو پنجين صديءَ ۾ پيدا ٿيو، جيئن اسان وٽ فارسي شاعري رودڪيءَ جي زماني کان شروع ٿي، اها تقريباً يارهين صديءَ ۾ شروع ٿئي ٿي. ايئن اسين ڏسون ٿا ته يونان جو ۽ دنيا جو پهريون شاعر اٺ صديون اڳ پيدا ٿيو، اهو هومر آهي. سڄي دنيا جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي موضوع ساڳيا آهن، مثال طور: محبت جو موضوع ساڳيو آهي، عشق جو موضوع ساڳيو آهي، سهڻين ڇوڪرين ۽ سهڻن ماڻهن کان سواءِ جانباز جوڌن، سورمن جا موضوع سڀني وٽ آهن. قدرت جي سونهن جا موضوع بعد ۾ آيا. ان جو ڪوبه مثال سنسڪرت جي شاعريءَ سان مقابلو نٿو ڪري سگهي. هر شاعريءَ جو پنهنجو پنهنجو مزاج، نفاست، قدرتي سونهن، انساني جذبن جي باريڪي، اها سنسڪرت شاعريءَ تي ختم آهي. خيالن جو تفڪريت، جنهن ۾ فڪر هجي، اها يوناني ۽ رومي شاعريءَ ۾ آهي. عقل، سوچ، خيال جي شوخي اسان کي ايراني شاعريءَ ۾ ملندي. جتي حافظ ۽ رومي ڳالهه ڪندا، انهن کي يورپ نه پڄندو. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جن ۾ يونان کي مشرق نه پڄندو، ان جهڙو ٿي نه سگهندو. اها ڳالهه مارڪس به ڪئي آهي ته يونان ۾ انسان جو ٻالڪپڻي جو جيڪو دور هو، ان زماني ۾ ٻار جيئن معصوم ٿئي ٿو، سادو ٿئي ٿو، خوبصورت ٿئي ٿو، هڪڙو دلڪش ۽ پيار ڪندڙ ٿئي ٿو، اهڙو ان دور ۾ يونان آهي، جيئن هر قوم جي شاعريءَ ۾ پنهنجون پنهنجون خصوصيتون ٿين ٿيون ۽ ڪي قدر مشترڪ ٿين ٿا، انهن ۾ محبت، وڇوڙو، پيار، سورهيائي، قرباني آهي. فارسي، عربي، چيني، جپاني شاعري، جيڪا قديم زماني ۾ ٿي آهي، اها اسان جي سنڌي شاعريءَ جي ويجهو آهي. ڪلاسيڪل ۽ فوڪ شاعريءَ ۾ جپاني شاعريءَ جو درجو چيني شاعريءَ کان وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ چيني تمام سولائيزڊ آهن. جپاني شاعريءَ ۾ جيڪا سادگي آهي، جيڪو خلوص آهي، جيڪا لهس آهي، ان جو مثال ڪونهي. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ اهي سڀ شيون آهن. ڪلاسيڪل شاعريءَ کان وٺي فوڪ شاعريءَ کان وٺي، ڳاهن واري شاعريءَ کان وٺي جديد شاعريءَ تائين، ميٺاج جي خيال کان، فڪر جي خيال کان، شيرين جي خيال کان، بي ساختگيءَ جي خيال کان، اهي سڀئي شيون لطيف ۾ آهن. اسين جيڪي به هتي ويٺا آهيون، ان کان بخوبي آشنا آهيون، پر ڪي ڳالهيون لطيف سائينءَ ۾ اهڙيون آهن، جن جو تعلق يونان سان آهي. يونان جي باري ۾ مارڪس به چيو آهي ته، ”يوناني ماڻهن ڪي ڳالهيون محض قياس ۽ اندازن جي بنيادن تي اهڙيون چيون، جيڪي صحيح هيون، پر هو انهن کي ثابت نه ڪري سگهيا، انهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪو سائنسي ثبوت کپي اهو پيش ڪري نه سگهيا، تنهن ڪري هو ثابت نه ڪري سگهيا. انهن جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هزار سالن کان پوءِ ثابت ٿيون.“
    انساني تاريخ ۾ ڪيترا ماڻهو وقت کان پوءِ جون ڳالهيون ڪندا آهن. ٻيا ماڻهو ان دور جون ڳالهيون ڪندا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي وقت کان اڳي جون ڳالهيون ڪندا آهن. ٻيا ماڻهو پنهنجي دور جون تُز ڳالهيون ڪندا آهن. تمام اهم ڪردار انهن ڳالهين جو آهي جيڪي وقت کان اڳي ڪيون ويون هجن. ان تي تمام سٺو ڪتاب روسي ليکڪ E.I Parnov جو لکيل آهي. ان انساني خيالن جي تاريخ لکي آهي. ڪتاب جو عنوان آهي “At the Cross Road of Infinities” جنهن جي معنى آهي ”ابديت جي چوواٽن تي.“ ان لکيو آهي ته ڪنهن دور ۾ ڪي خيال ٽٻي هڻي ويندا آهن، جيڪي ڪنهن ٻئي ملڪ يا ڪنهن ٻئي کنڊ مان ظاهر ٿيندا آهن، جيئن تصوف جي ڳالهه آهي Transformation of Soul. هندوستان ۾ اها ڳالهه هئي ته ٻي جوڻ ٿئي ٿي ۽ يونان ۾ پيٿاگورس به اها ساڳي ڳالهه ڪئي. انهن ٻنهي ملڪن جو پاڻ ۾ لاڳاپو به ڪونه هو. ايئن تاريخ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿين ٿيون، جيڪي دنيا جي هڪڙي ملڪ وارا ڪن ٿا، ساڳيون ڳالهيون دنيا جي ٻين علائقن ۾ ٿين ٿيون. اهڙيون ڳالهيون ڪن ماڻهن ڪيون جيڪي ان دور جي ماڻهن قبول نه ڪيون. اهي ڳالهيون ڪنهن به ڪونه سمجهيون، ڪنهن انهن ڏانهن ڌيان به ڪونه ڏنو ۽ اهي ڳالهيون ان وقت صحيح به ڪونه هيون، پوريون به ڪونه هيون، اجنبي هيون، اڻ پوريون هيون، پر پوءِ ٻئي دور جي ماڻهن انهن ڳالهين کي ٿورو تبديل ڪري چيو ته هي ڳالهيون صحيح آهن. وقت کان اڳ ۾ ڪيل ڳالهيون تن جو انساني تاريخ جي واڌاري ۾ تمام فيصلي ڪن ڪردار آهي. جيئن گليلو سان ٿيو، جنهن چيو ته ڌرتي گول آهي. عيسائي ملن چيو ته ڌرتي گول آهي ڳالهه انجيل ۾ ايئن لکيل ئي ڪونهي، تون ڪفر جي ڳالهه ٿو ڪرين. اهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سائينءَ چيو آهي ته:

    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    اُنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

    (هلندڙ)

    عوامي آواز جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو