رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اڏار آس کي اڏار
________________
اڏار آس کي اڏار
آسمان کان مٿي پڄي پوي تنهنجي پڪار
اڏار آس کي اڏار
جهان ۾ ڦهلاءُ ڪيو
روح سان رلاءُ ڪيو
ڪنهن سان ڪين ٿي ڌڪار
اڏار آس کي اڏار
پريت جي به ريت آ
ريت جي سريت آ
سنڌ ۾ هجي سڪار
اڏار آس کي اڏار
نه ڪامڻيون ڪوماڻجن
اهڙيون آسو ن واڻجن
رنج ٿي نه ڪا ڪنوار
اڏار آس کي اڏار
ڌرتي ديس دنگ کي
پٽڪي پنهنجي ونگ کي
عشق جو ڪجي آڌار
اڏار آس کي اڏار
ديس منهنجو دادلو
غير ملڪ کان ڀلو
وندر ۾ سڀ ڪيو وينجهار
اڏار آس کي اڏار
نه ٿين مياري محبتون
سڪ سدائين صحبتون
بره جي هجي بهار
اڏار آس کي اڏار
هڪ سنڌ سوچ سان
لوڪ جنهن لوچ سان
نينهن جي هجي نهار
اڏار آس کي اڏار
هوا جيئان گهلي پئون
ٿاڪ سنڌ جا ٿيئون
جاڏي ڪاڏي جيءَ جيار
اڏار آس کي اڏار
نفرتن کي ناس ڪيون
رغبتن کي راس ڪيون
پيار جي ٿيون پڪار
اڏار آس کي اڏار
سڀ قصا ڪهاڻيون
سسيون مارئيون مهاڻيون
ياد ۾ هجن جي يار
اڏار آس کي اڏار
رسول بخش دائودپوٽه
________________
اڏار آس کي اڏار
آسمان کان مٿي پڄي پوي تنهنجي پڪار
اڏار آس کي اڏار
جهان ۾ ڦهلاءُ ڪيو
روح سان رلاءُ ڪيو
ڪنهن سان ڪين ٿي ڌڪار
اڏار آس کي اڏار
پريت جي به ريت آ
ريت جي سريت آ
سنڌ ۾ هجي سڪار
اڏار آس کي اڏار
نه ڪامڻيون ڪوماڻجن
اهڙيون آسو ن واڻجن
رنج ٿي نه ڪا ڪنوار
اڏار آس کي اڏار
ڌرتي ديس دنگ کي
پٽڪي پنهنجي ونگ کي
عشق جو ڪجي آڌار
اڏار آس کي اڏار
ديس منهنجو دادلو
غير ملڪ کان ڀلو
وندر ۾ سڀ ڪيو وينجهار
اڏار آس کي اڏار
نه ٿين مياري محبتون
سڪ سدائين صحبتون
بره جي هجي بهار
اڏار آس کي اڏار
هڪ سنڌ سوچ سان
لوڪ جنهن لوچ سان
نينهن جي هجي نهار
اڏار آس کي اڏار
هوا جيئان گهلي پئون
ٿاڪ سنڌ جا ٿيئون
جاڏي ڪاڏي جيءَ جيار
اڏار آس کي اڏار
نفرتن کي ناس ڪيون
رغبتن کي راس ڪيون
پيار جي ٿيون پڪار
اڏار آس کي اڏار
سڀ قصا ڪهاڻيون
سسيون مارئيون مهاڻيون
ياد ۾ هجن جي يار
اڏار آس کي اڏار
رسول بخش دائودپوٽه
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: