• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌسلامت جي دوستن سان گڏ : اڄ 29 نومبر 2015

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
گذريل ڏينهن (ڇنڇر تي) محترم مفتي عبد الله فهيمي جَن فون ڪيو ته اسان کي ٽنڊوآدم جي هڪ مدرسي ۾ لائبريري ڏسڻ جو شوق آهي، جنهن ۾ پراڻي دور جا مخطوطات پيل آهن، ساڻن گڏ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر محترم سائين نوراحمد چانِڊيو صاحب پڻ آيا، تمام گھڻي خوشي ٿِي ته ڪافي ڏينهن کان پوءِ پري جا مهمان اوطاق تي پير ڀري آيا.
خئير.. ڳالهيون کوڙ ٿِيون، ڪچهريون به ٿيون، پر جنهن ڪم لاءِ آيا هُئا اُهو نه پئي ٿِي سگھيو، ڇو ته کين جيڪي مخطوطات گھُرجن پيا سي تمام گھڻا هُئا ۽ هرهڪ صفحي کي اسڪين ڪرڻ ۾ وقت پئي لڳو ۽ وٽن وقت تمام گھٽ هو، مدرسي جي مهتمم پڇا ڪرڻ تي ٻُڌايو ته اسان وٽ سي.ڊيز به پيل آهن پر 10 سال پُراڻيون آهن جن ۾ مخطوطات پيل آهن، اگر ڪمپيوٽر کڻي اچو ته سي.ڊيز ڪاپي ڪري وڃي سگھو ٿا. بس پوءِ دير هُئي ڪمپيوٽر هٿ ڪرڻ جي، جيئن ته اهو مدرسو ڳوٺ ۾ آهي ۽ بجليءَ جي لوڊشيڊنگ تمام گھڻي رهندي آهي تنهن ڪري ڊيسڪٽاپ بجاءِ ليپٽاپ جي ضرورت پئي ٿِي.. سائين فهيميءَ چيو ته ليپٽاپ هٿي ڪري ڏيو ته ڪم اُڪلائي وٺون ، نه ته مونکي واپس ٽنڊوڄام وڃڻو پوندو ليپٽاپ کڻڻ جي لاءِ... بس پوءِ دير هُئي دوستن آڏو عرض رکڻ جي ، ڇوته منهنجو پنهنجو ليپٽاپ گذريل مهيني خراب ٿي پيو جيڪو اڃا تائين ماهرن جي دُڪان جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ پيل آهي.. :) ، ذهن جي اسڪرين تي پهريون نالو گُل جو آيو، پياري دوست گل حسن لاکو کي پيغام موڪليم ته اُن چيو شهدادپور اچو ۽ کڻي وڃو..
قصو ڪوتاھ، نومبر جو 29 هون سج اڀريو، اسان به سايو ڪيو شهدادپور وڃڻ جو، گُل فون ڪري چيو ته ٽنڊوآدم مان نڪرڻ مهل مونکي اطلاع ڏجو، بس کيس اطلاع ڏيڻ ضرورت هُئي، گُل اڳ ئي شهدادپور ۾ اسان جي انتظار ۾ هُئو، تمام گهڻي تَڪَڙ هُئي تنهن ڪري شهدادپور جي ٻين دوستن سان ملي ڪونه سگھياسين، دوست آزاد لاکو جي دوڪان ڀرسان به گذرياسين پر وقت گھٽ هو تنهنڪري ساڻس دُعا سلام نه ڪري سگھياسين..
دوست گُل حسن ۽ سائين فهيميءَ جي پهرين مُلاقات هُئي، ٻنهي مختصر ڪچهري ڪئي ۽ ڪچهريءَ کي يادگير بڻائڻ لاءِ سائين فهيميءَ هڪ تصوير ڇڪڻ لاءِ چيو..
هڪ اڌ ڦوٽو ڇِڪيم پر مزو نه آيو! ڇوته سيلفي، سيلفي هوندي آ.. :)
لک ٿورا دوست گُل حسن جا جنهن پنهنجو ليپٽاپ ڏنو..

22770936844_6c259e55c3_o.jpg
 
Back
Top