• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آمريڪا ۾ سنڱن کانسواءِ 2 ڍڳا پيدا ڪيا ويا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمس 28 نومبر واري پرچي ۾ پهرين صفحي تي خبر ڏني آهي ته جين ايڊيٽنگ (پيوندڪاري) ذريعي ٻه اهڙا گابا پيدا ڪيا ويا آهن جن کي سڱ ڪونهن ـ ان کان اڳ اهڙي مڇي تيار ڪئي وئي هئي جنهن ۾ وڌيڪ گوشت آهي، سا گھڻو ڪري کاڌي جي ٽيبلن تي موجود هوندي آهي جڏهن ته هڪ اهڙو مڇر به پيدا ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مليريا پکيڙڻ جي صلاحيت ڪونهي ـ
چون ٿا ته انزمائر جي استعمال ذريعي، ڊي اين ايَ ۾ پنهنجي خواهش موجب، جين کي ڪڍي، نئين چَتي لڳائي گھربل جانور پيدا ڪري سگھجي ٿو ـ
هاڻ اوهان پاڻ ئي ڪاٿو لڳايو ته جيڪڏهن انسانن ۾ جين ايڊٽنگ جي اجازت ڏني وئي، جيڪا هن وقت ڪونهي ته اڳتي هلي ڪهڙي قسم جا انسان پيدا ڪري سگھبا؟
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top