سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ barkat ali طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2010۔

  1. barkat ali

    barkat ali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    hyderabad
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو

    سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف


    ڪيڏارو معنى ”جنگ جو ميدان“ ۽ برصغير ۾ هڪ راڳڻي جو نالو آهي جيڪا موسيقيءَ جي چند ڄاڻن چواڻِي ڪلياڻ ٺاٺ ۾ شمار ٿئي ٿي. هن سر ۾ ميداني جنگ ۽ اتان جي حالات واقعات جو بيان اهڙي ته انداز سان ڪيو ويندو آهي، جهڙوڪر اکين اڳيان ٿيندو هجي؛ ظاهر آهي ته منظرنگاري هن جو خاص جز آهي.
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب: ”ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ’ڪيدار‘ جي بگڙيل صورت آهي، جنهنجي معنى آهي ’جنگ جو ميدان‘. هندستاني گوئين موجب ’ڪيداري‘ هڪ راڳڻي جو نالو آهي، جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي.“ (۱)
    غلام محمد شهواڻي، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ بغير تحقيق جي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري وضاحت جي تتبع تي لکيو آهي:
    شهواڻي: ” ڪيڏارو معنى جنگ جو ميدان. ڪيداري هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن (زالن) مان هڪ آهي.“ (۲)
    علامه قاسمي: ” ڪيڏارو معنى جنگ جو ميدان، ’ڪيڏاري‘ هڪ هندستاني راڳڻي جو پڻ نالو آهي جا ديپڪ راڳ جي پنجن ڀاريائن(زالن) مان آهي.“ (۳)
    ڪلياڻ آڏواڻي: ”هندستان جي گائن وديا موجب ’ڪيداري‘ ديپڪ راڳ جي پنجن استرين مان هڪ آهي، هيءَ راڳڻي اڌ رات جو ڳائبي آهي ۽ سمپورڻ ڪري سڏي ويندي آهي. ڪيڏارو سنسڪرت شبد ڪيدار جي بگڙيل صورت آهي، ڪيدار جي معنى آهي جنگ جو ميدان. هي سر مرثيه ۽ رزمي شعر جو هڪ لاثاني مثال آهي.“ (۴)
    پير بخش مغل 1955ع ۾ علم سنگيت تي تحيقيقي ڪم ڪري ”راڳ ساگر“ لکيو، ان موجب: ”ڪيدارا هندستاني راڳ موجب مارگ راگ ۾ شمار ٿئي ٿو. ۽ ’ڪلياڻ‘ ٺاٺ جي راڳڻي آهي. ۽ سج لهڻ وقت ڳائبي آهي. جڏهن ته ڪيڏارو، شنهن ڪيڏارو ديسي راڳ ۾ شمار ٿئي ٿو.“ (۵)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق موجب: سنڌي راڳ ’ڪيڏارو‘ هند جي ’ڪيدارا‘ کان الڳ آهي. هند جي موسيقي جي روايت ۾ ’ڪيدار‘ شِوَ جو نالو آهي، ۽ ’ڪيدارا‘ يا ’ڪيداري‘ شِوَ جي ڀيٽا جو راڳ آهي. ان جي برعڪس سنڌي ڪيڏارو اصل ۾ جنگنامي جو سر آهي، ۽ عربي لفظ ’ڪيد‘ (معنى جنگ) مان نڪتل آهي. انهيءَ ڪري سنڌي اصطلاح ۾ ڪيڏارو جون ٻه معنائون آهن: هڪڙي معنى جنگ ۽ ٻي معنى جنگنامي جو سر يعني راڳ ڪيڏارو. رسالي جو بيت آهي ته:
    ڳــــجھـــڙين ڳارو، راتــو ڏينـــهــان رڻ ۾،
    ڀوڻيون پڇن پاڻ ۾، ڪنهن پر ڪيڏارو،
    کائـن کڳ مارو، ڪانئـر پيو ڪِنــو ٿئي.
    يعني ڳجھڙيون اڏامندي اها پچار پيون ڪن ته جنگ ڪهڙي پاسي آهي ته هلي ڪو ڍؤ ڪريون. (۶)
    ڄاڻايل حوالن مان اهو اخذ ٿئي ٿو سر ڪيڏارو هندستاني راڳڻين مان ديپڪ راڳ يا ڪلياڻ ٺاٺ کان هٽي ڪري ديسي راڳ جي زمري ۾ اچي ٿو، ۽ پير بخش مغل جي راءِ موجب: ’ڪيدارا‘ ڪلياڻ ٺاٺ جي راڳڻي آهي، جڏهن ته ’ڪيڏارو‘ ديسي راڳ ۾ شمار ٿئي ٿو
    شاهه جي رسالي جي ٻن مختلف قسمن جي نسخن ( آڳاٽا نسخا ۽ ۱۳هين صدي هه/ 19هين صدي ع ) ۾ جيڪي سر ڪلام جي عنوان طور ملن ٿا تن ٻنهي قسمن جي نسخن ۾ ڪيڏارو ۽ شينه ڪيڏارو جي سرن جا حوالا ملن ٿا. (۷)
    رسالي جي ٻئي دؤر ۾ سرن کي مضمون جي لحاظ سان نه، پر وقت جي لحاظ سان ترتيب ڏئي ڳايو ويو. يعني ڪيڏارو آڌيءَ رات بعد فقط محرم جي مهيني ۾ ڳاتو ويندو هو، هن ويجھي دؤر ۾ پوين ٻن سجاده نشين پيرن جي فرمائش تي ڪيڏارو ذوالحج مهيني ۾ ڳايائون، ۽ بالآخر فقيرن لاءِ اهو لازم ٺهرايو ويو ته عيد واري ڏينهن تي پڻ سجاده نشين پير جي آڏو ڪيڏارو ڳائين. (۸)
    شاهه لطيف کانپوءِ سچل، نواب امام بخش لغاري تاجپوري، منٺار فقير راڄڙ ۽ صوفي محمد صديق سومري پنهنجي ڪلامن ۾ سر ڪيڏاري جا روپ رکيا آهن. صوفي صديق جھوڪ شريف جي درگاهه تي سجاده نشين فضل الله شاهه قلندر جي وقت راڳ جو سلسلو ڪيو . صوفي صديق فقير شاهه جي راڳ کان باخبر هو. شاهه عنايت شهيد جي سالياني ميلي تي راڳ جا ڇهه ويلا ٿيندا آهن، ڇهين ويلي (يعني ٽئين ڏينهن ) ڪيڏارو به ڳاتو ويندو آهي. (۹)
    ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي سر ڪيڏاري جي حوالي سان هڪ راءِ وزنائتي آهي ته ” هي سر مرثيه ۽ رزميه شعر جو هڪ لاثاني مثال آهي.“ ڇوته شاه جي سر ڪيڏاري ۾ مرثيه ۽ رزميه مزاج جو امتزاج ملي ٿو، جنهن بنياد تي ڊاڪٽر گربخشاڻي ڪنهن هڪ مزاج جو تعين نه ڪري سگھڻ تي وچٿري راءِ ڏني ته: ” رزمي شعر يعني لڙاين ۽ جنگين جو ذڪر، شاه گھڻو نه چيو آهي. سر ڪيڏاري کي رزمي شعر جي قطار ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو…ڪن ڪن بيتن ۾ مرثيي جي لغار لڳل آهي.“ (۱۰)
    سنڌي ادب ۾ اهڙي قسم جي شاعري جنهن ۾ جنگ جي ميدان ۽ جوانن جي بهادريءَ جو ذڪر اچي ان کي رزميه (رجزيه) شاعريءَ جي زمري ۾ آندو ويندو آهي. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي لفظن موجب رزميه شاعري،شاعريءَ جي صنفن ۾ بلند درجو رکي ٿي، جو ان ۾ بهادريءَ جا ڪارناما ۽ سپاهين جي شجاعت جا جوهر ۽ جذبا نهايت دلپسند نموني ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا. بلند اقبال ۽ ڪامياب قومن جي شاعرن هر دؤر ۾ بهادريءَ جي جذبن ۽ ماڻهن جو رزميه ڪلام اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، جهڙوڪ يونان جو مشهور شعر هومر، جنهن جو رزميه ڪلام ’اليئڊ‘ ۽ ’اوڊيسي‘ نظمن ۾ آهي. ايران جي مشهور شاعر فردوسي، جنهن کي رزميه شاعريءَ جي پيغمبرن مان ليکيو ويو آهي، تنهن جو ’شاهنامو‘؛ عرب شاعرن جو رجز، عرب شاعر هڪ قبيلي کي ٻئي سان مقابل ٿيڻ تي ميدان ۾ ڳائيندا هئا، بهادريءَ جي انهيءَ جذبي کي اسلام نهايت عمدي نموني سان درست ڪري پيش ڪيو آهي، جو اهو جذبو جهاد في سبيل الله ۽ دين جي حفاظت ۽ اسلام جي تبليغ لاءِ ڪم آڻي سگھجي ٿو، انهيءَ طريقي جو ثبوت اسلامي جنگين ۾ نظر اچي ٿو. (۱۱)
    رزم جو مطلب آهي ته جنگ جي ميدان ۾ جيڪي وهي واپري، تنهن جو پورو پورو نقشو چٽڻ. سنڌي ٻوليءَ ۾ رزميه شاعري گھڻي ڀاڱي مثنويءَ جي شڪل ۾ موجود آهي ۽ اها ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگھجي ٿي، هڪ اها رزميه جا ڏوهيڙي ۾ چئي وئي آهي ۽ ٻيو اها رزميه شاعري جا فارسيءَ جي تتبع تي چيل آهي. (۱۲)
    سنڌي لفظ ’رزم‘ عربي ادب جي ’رجز‘ جي ئي بگڙيل صورت آهي، جيڪا مضمون جي لحاظ کان شاعريءَ جا اوائلي مشهور صنف آهي ۽ خليل بن احمد بصريءَ جي ترتيب ڏنل علم عَروض ۾ ’مستفعلن‘ وزن جي بحر جو نالو آهي. رجز انهن شعرن کي چئبو آهي، جي ميدان جنگ ۾، ۽ فخر جي موقعي تي پنهنجي قوم جي مردانگي ۽ شرافت ڏيکارڻ جي لاءِ پڙهيا ويندا آهن. گھڻو ڪري اهڙي قسم جا شعر انهيءَ بحر ۾ هوندا آهن. رجز جي ٻي معنى اضطرابي ۽ شتابي جي آهي. بهادريءَ جا شعر جيڪي ميدان جنگ ۾ پڙهيا ويندا آهن اهو وقت اضطرابي جو هوندو آهي انهيءَ سبب ڪري انهيءَ بحر جو نالو به رجز رکيو ويو (۱۳)
    مرثيه صنف به ٿوري گھڻي فرق سان مذڪوره صنف سان نسبت رکي ٿي، ۽ ’رثه‘ ڌاتو مان ورتل آهي.معنى اٿس: ’ڪنهن دل واري جي مرڻ يا مارجي وڃڻ تي روڄ راڙو ڪرڻ _ پار ڪڍڻ _ زاريون چوڻ _ اوسارا چوڻ.
    رزميه يا مرثيه صنفون مضمون جي حوالي سڃاتيون وينديون آهن، تنهنڪري شاعريءَ جي ڪنهن به گھاڙيٽي يا هيئت ۾ چئي سگھجن ٿيون، جهڙوڪ: بيت، وائي/ ڪافي، مثنوي، رباعي، مخمس، مسدس، مثمن، قصيدو/ غزل، وغيره. البته، رزميه لاءِ ضخامت سببان مثنوي کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي.
    شاه جي سر ڪيڏاري جو شمار رزميه شاعريءَ ۾ ڪري سگھجي ٿو، ان حوالي سان ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته: ” شاه امام حسين ۽ سندس جنگ جي جوانن جي ننڍڙيءَ ٽوليءَ جي همت ۽ بهادري، ڪربلا جي ميدان جون سختيون بي نظير نموني ۾ بيان ڪئي اٿس. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا اثرائتا لفظ ڪتب آند اٿس، جو انهن شين جن لاءِ اهي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، تن جو پڙلاءُ ڪن تي پيو پوي، مثلاً:
    ان سين طبل باز تبرُون، ڪُنَنِ ڪَٽارا ڪِيرَ.
    انگريزي شاعر ملٽن جي رزمي شعر جي هيءَ هڪ خاص خوبي ليکي ويندي آهي ته شهيدن جي شهادت تي ساري فطرت ماتم ڪري ٿي. اهڙي خيال کي انگريزي شعر ۾ ”پَئٿِيٽڪ فَئلَسي“ ۽ عربيءَ ۾ ”مجاز عقلي“ ڪري چوندا آهن.
    حســـن مــير حســين کـــي، رنــــو ٽـــن ٽــولن،
    گھر ماڙهين، جھنگ مرئين، اڀ ۾ ملڪن،
    پکــين پاڻ پـــڇاڙئو، ته لـــــڏئو هـــوت وڃن،
    الا! شهـــزادن ســوڀون ڏييــن ســــچا ڌڻـــــي. (۱۴)
    سنڌي ادب ۾ سُر ڪيڏارو ٻن حوالن سان چيو ويو آهي، هڪ: ڪربلا جو واقعو؛ ٻيو: کرڙيءَ جي جنگ جو احوال.’کرڙيءَ جي جنگ‘ ميرن ۽ افغاني شاهه شجاع ملڪ جي وچ ۾ سکر جي ڀر ۾ کرڙيءَ جي ميدان تي لڳي، جنهن ۾ سنڌ جا جوڌا پنهنجون چيلهون هڪٻئي سان ٻڌي پنهنجي ڌرتيءَ جي تحفظ لاءِ لڙيا ۽ ڪافي شهيد ٿي ويا؛ جن جي جوانمردي ۽ شهادت جو احوال خليفي نبي بخش لغاريءَ پنهنجي ڪلام ۾ سُر ڪيڏاري جي نالي سان ڪيو آهي. باقي سنڌ جي مڙني شاعرن جي سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جي جوانن جو احوال ملي ٿو؛ ۽ مرثيه پڻ اهلبيت جي حوالي سان مخصوص ٿي ويو. اهڙو خيال ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي هيئن بيان ڪري ٿو ته: ” مرثيه ان قسم جي شاعريءَ کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ حضرت امام حسينؑ ۽ ڪربلا جي شهيدن جي شهادت جو ذڪر درد انگيز نموني بيان ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي شهادتن تي ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو ويندو آهي، ان سان گڏ ان ۾ لڙائيءَ جا منظر پڻ بيان ڪيا ويندا آهن ۽ حضرت امام حسينؑ جي ساٿين جي بهادري ۽ صبر جو ذڪر به آندو ويندو آهي.“ (۱۵)
    ڪربلا جو واقعو اهڙو آهي جو ان وقت جي حادثن کي اڄ به ياد ڪري خون جا ڳوڙها وهن ٿا، مگر جيئن ته بنو اميه جي سطوت ۽ جباري ڇانيل هئي، تنهنڪري عربن جي جذبات مرده ٿي چڪي هئي ۽ هي فن هميشه لاءِ ختم ٿي ويو، علامه شبلي نعماني لکيو آهي ته: ” هي هڪ اهڙو واقعو هو، جو جيڪڏهن عرب جي اصل جذبات موجود هجي ها، ته اهڙا ته زوردار مرثيه لکيا وڃن ها، جو سڄي دنيا ۾ باهه لڳي وڃي ها.“ (۱۶)
    سنڌي ادب ۾ موزون يا غير موزون مرثيه گوئيءَ ۾ مخدوم عبدالله نرئي وارو، سيد خير شاهه، مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، فتح فقير، احسان فقير، جيئندل فقير، اسماعيل فقير، جاڙو فقير، مولوي احمد، فقير عبدالله قديم، چنڻ فقير ۽ بعد ۾ سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، مير حسن علي، آخوند محمد عالم خيرپوري، مرزا ٻڍل بيگ جن جا نالا ڳڻي سگھجن ٿا.
    هت صرف شاه لطيفؒ جي سر ڪيڏاري تي ڇنڊ ڇاڻ ڪبي، جيڪو ڪافي ان ڇڪتاڻ ۾ رهيو آهي ته اهو واقعي به شاهه صاحب جو آهي يا ماڳهين ٻين بزرگن جو! ان حوالي سان ڊاڪٽرگربخشاڻيءَ باقائده تحقيق وَ تنقيد جي اصولن موجب سر ڪيڏاري تي ڪم ڪندي ڪافي بيت ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٻين سالڪن جا بيت ڪڍي باقي بيت پنهنجي نسخي ۾ شايع ڪرائي، ابتدائي ڪوشش ورتي. ان وقت سندس شاگرد ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي سر ڪيڏاري تي ساڻس بحث مباحثه ڪندو رهيو ۽ ان ڳالهه تي بضد رهيو ته سر ڪيڏارو شاهه لطيف جو چيل ئي ڪونهي، اهڙي راءِ رکندڙن ۾ علامه آءِ. آءِ قاضي، مولانا دين محمد وفائي، علامه غلام مصطفى قاسمي ۽ عصرِ حاضر جو محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شامل آهن.
    مولانا دين محمد وفائي’لطف اللطيف‘ ۾ ص: ۱۴۱ تي لکي ٿو ته: ”۔۔۔۔سرڪيڏاري بابت يقيني طرح چئي نه سگھبو ته ڪو شاهه جو چيل آهي، پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته شاهه صاحب جو چيل ئي نه آهي ته ڪنهن حد تائين درست آهي.“ (۱۷)
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ دؤر جديد ۾ ’شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام‘ تي ۱۰هن جلدن ۾ تحقيقي ڪم ڪيو آهي، سو پڻ لکي ٿو ته: ”۔۔۔۔ٻيو ته سر ڪيڏاري بابت اڳين عالمن جي ڏنل راين مان گھڻي حد تائين اها تصديق ٿي ته رسالي (بمبئي ڇاپي) ۾ شامل ڪيڏاري جا بيت شاهه جا چيل ناهن، پراها صفائي نه ٿي سگھي ته ڪنهن جا چيل آهن. البته مير عبدالحسين خان سانگيِءَ لکيو ته ’بمبئي ڇاپي وارو داستان ڇهون، فتح فقير جو چيل آهي.‘ موجوده تحقيق دوران پوري تصديق ٿي ته سر ڪيڏاري جا بيت، هالن پراڻن جي قادري طريقي جي شيخ ۽ مرشد سيد عبداللطيف ۽ سندس فقيرن چيا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي احسان فقير لانگاهه چيا، سيد عبداللطيف هالن پراڻن ۾، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ولادت کان ۲۷سال اڳ وفات ڪئي.“ (۱۸)
    اهڙي قسم جي جرحن ۽ تحقيق وَ تنقيد جو بنياد ميرعبدالحسين خان سانگيءَ جي ان ڳالهه کي بڻايو ويو، جنهن اها تصديق ڪئي هئي ته: ” بمبئي ڇاپي وارو آخري (ڇهون) داستان فتح فقير جو چيل آهي.“ مير سانگي مرحوم بنيادي طور مذهب اهلبيت سان واسطو رکندڙ هو، ان جو اهو بنياد وٺي ته هو مذهب اهلبيت جو هوندي به لکي ٿو ته آخري داستان فتح فقير جو چيل آهي ته ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه ٿيندي ته سر ڪيڏارو ئي شاهه لطيف جو چيل ناهي، بلڪه ممڪن ئي ناهي؛ ان بنياد تي علامه آءِ. آءِ قاضي۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جاکوڙي انداز سان سر ڪيڏاري کي شاهه جي رسالي مان رد ڪيو.
    ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ رواجي نسخن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري چند بيت تحقيق جي بنياد تي رد ڪندي باقي سر ڪيڏاري ۾ بحال رکندي لکي ٿو ته:” ڪن صاحبن جو رايو آهي ته هي سر شاهه جو ڪلام ناهي، مگر احسان فقير جو چيل آهي، جيڪو شاهه جو همعصر هو؛ شاهه جي رسالي ۾ انهن جي هڪ نه ٻي مصرع ۾ ’احسان سين‘ لفظ آهن، هي صاحب چون ٿا ته اهي لفظ اصل ۾ ’احسان چوي‘ آهن، مگر رسالي ۾ بدلائي ’احسان سين‘ ڪيا ويا آهن، انهيءَ دعوى جي ٻي ڪابه شاهدي ڪانهي، احسان فقير به امامن جي شهادت بنسبت گھڻيئي بيت چيا آهن، مگر عبارت توڙي خيالي قوت ۾ اهي شاهه جي بيتن سان مٽ پئي نه سگھندا.“ (۱۹)
    هوبهو ساڳيو رايو شارح غلام محمد شهواڻيءَ بغير تحقيق جي رکيو، باقي اڳتي ايترو ضرور لکيو اٿس ته: ” ڪي صاحب شايد شاهه کي صرف سُني ثابت ڪرڻ جي خيال کان سر ڪيڏارو شاهه جو ڪلام ڪري نه ٿا مڃين، اها هنن جي تنگ دلي آهي، شاهه فرقي بازيءَ جي فتني کان گريز ڪندو هو.“ (۲۰)
    سر ڪيڏاري کي شاه جو تسليم نه ڪرڻ جو هڪ سبب اهو به ڄاڻايو ويندو آهي ته شاه جو اڪثر ڪلام ڄاڻايل هنڌن تي وڃي ذاتي مشاهدن تي مبني آهي؛ جڏهن ته شاهه لطيف ڪربلا ويو ئي ڪونه هو ۽ نه وري ڪو خيال هيس! اهڙي ڳالهه مير عبدالحسين سانگيءَ جي ”لطائف لطيفي“ جي حڪايت ۱۸ ۾ ملي ٿي ته : ”ان ڪربلا جي سفر(کي ترڪ ڪري پنهنجي مريد) کان موٽڻ بعد فقيرن کي فرمايائون ته جنهن کي به اڇا ڪپڙا آهن، اهو رنگين ڪري ۽ ڪارو پٽڪو ٻڌي. پاڻ به رنگين ڪپڙا پهريائون. ”سر ڪيڏارو“ جيڪو خاص امام عليه السلام جي ماتم ۽ غم ۾ آهي، چيائون ۽ فقيرن کي فرمايائون: سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ان ڪري اوهان تي ڪيڏارو چوڻ ، انهن جي ياد ۾ روئڻ ۽ محبت رکڻ لازم آهي. توهان کي انهن جي صدقي الله تعالى بخشيندو. ان ڪري هينئر به فقير ڪيڏارو ضرور چوندا آهن ته ڄڻ ماتم واقع ٿو ٿئي. ۽ ڪيڏارو لطيف جو چيل آهي، پر ان جو آخري داستان ”فتح فقير“ جو چيل آهي، جو اهو به شاعر هو. ان جي ئي التجا تي ئي ان داستان کي فقيرن ياد ڪيو ۽ آخر رسالي شريف ۾ داخل ڪيائون. داستان جي شروعات جو بيت هي آهي، جيڪو فتح فقير جو چيل آهي:
    ڪونر قلعي جا ڪوڏيا! جانڪيتائين جيءُ،
    مـــــــٿان اڙن اســـــري، رڪ پيـــــالو پـــــــيءُ،
    ڳاه ڳجھـــن جـــو ٿــيءُ، ويٺي جن ورهه ٿـيا. “ (۲۱)
    ساڳي روايت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ’رسالي جو ڪلام‘ جي مقدمي ۾ نقل ڪئي آهي جتي اهم فقري کي ٽٻڪن ۾ رکيو ويو آهي، اُها اِها ته: ”سر ڪيڏارو جيڪو خاص امام عليه السلام جي ماتم ۽ غم ۾ آهي، چيائون ۽ فقيرن کي فرمايائون: سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. ان ڪري اوهان تي ڪيڏارو چوڻ ، انهن جي ياد ۾ روئڻ ۽ محبت رکڻ لازم آهي. توهان کي انهن جي صدقي الله تعالى بخشيندو.“ ۽ اها جرح ڪئي اٿس ته ”غور ڪرڻ سان مير سانگي جي نقل ڪيل هيءَ روايت نهايت ڪمزور نظر اچي ٿي: جيڪي چيو ويو آهي سو نه شاهه صاحب جي شان وٽان آهي، ته نه وري ان مان ڪيڏاري جو شاهه جو چيل هجڻ ثابت ٿئي ٿو. هڪ ته مير سانگي اهو ڪونه لکيو آهي ته هيءَ روايت ساڻس ڪنهن بيان ڪئي: ڄڻ ته سندس هن روايت جو ڪو راوي ئي ڪونهي. شاهه صاحب ڪربلى معلى وڃڻ جو پوري سڪ سان ارادو ڪيو ۽ ڀٽ تان روانو به ٿيو: بيشڪ اهو هڪ اعلى مقصد هو؛ پر سڄي رسالي ۾ شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا ترغيب ڏنل آهي سا هي آهي ته جڏهن ڪو اعلى مقصد سامهون هجي ته تتي ٿڌي ڪاهجي ۽ ضرور ان تائين پهچجي. شاهه جي ڏنل تعليم ۾، وچ مان ورڻ ۽ واٽ تان موٽڻ هڪ وڏو عيب آهي. ’موٽڻ‘ واري مصلحت ٻڌڻي ئي ڪانهي!
    موٽڻ جي مصلحت، مونکي ڏئو مَ جيڏيون
    موٽڻ بدران بهتر ته موٽڻ کان اڳ ماڻهو مري وڃي:
    موٽي مران ماء ، موٽڻ کان اڳ مران.
    ڪربلا جو ارادو ڪري هلڻ ۽ اچانڪ واٽ تان وري اچڻ شاهه صاحب جي اعلى ڪردار توڙي رسالي ۾ ڏنل سندس تعليم ۽ ترغيب جي ابتڙ آهي.“ (۲۲)
    ڄاڻايل جرح مان مُلاپَڻ واري بوءِ پئي اچي، ڇوته هي تصوف آهي، روحانيت آهي، روحاني ڪيفيتن جي آمد وَ رفت آهي. فقيرن وٽ روحاني ديدار يا ميلاپ جي وڏي اهميت آهي؛ جڏهن ته شرعي ليکا ظاهر تي آهن، ان ليکي تحت روحاني خواب جي به شرعي ڪا حيثيت ڪانهي. جڏهن بيان ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”سيد الشهداء (امام حسين عليه السلام) جي زيارت ته ڪانه ٿي سگھي، پر اسان جي سچي دل سان اسان کي زيارت جو شرف حاصل ٿيو.“ ته ڊاڪٽر بلوچ جي ڪيل جرح ڪا معنى نه ٿي رکي. هي شاعريءَ جون ڪيفيتون آهن: ڪڏهن سسئي جي وڇوڙي جي صورت کي سونهن بخشيل آهي، ته ڪڏهن وري ڪو وجود نه هوندي به وصال جي اپٽار آهي:
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان، شال مَ ملان هوت.
    پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.
    يا وري لطيف سائين ڪنهن مهل ستل سسئي پيو چِٽي، ته ڪنهن ويري سجاڳ سسئي جا ورلاپ پيو واري:
    توکي ڳَهَرَ ڳرو ڪِئو، هوء ٿا هوت هلن.
    مٺيس جھل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو.
    هاڻ جي انهن ڪيفيتن کي ويهي مُلن جيان جاچبو ته سڄي رسالي تان هٿ کڻڻو پوندو! اهڙو مُلاپڻ وارو اظهار علامه عثمان علي انصاريءَ ۱۹۴۴ع ۾ لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي ڪانفرنس ۾ پڻ هيئن ڪيو هو ته: ”بيت نه ڀانيو ڀائرو، آيتون آهين، نيو من لائين پريان سندي پار ڏي‘. اهو به بيت شاهه جو ناهي. جيڪڏهن شاهه لطيف پنهنجي بيتن کي قرآن جون آيتون ٿو ڪوٺي ته اهو ڪلام اسانکي نه کپي.“ (۲۳) پر جيئن ته هي روحانيت جو پَهو پيچرو آهي، انلاٰءِ فڪر جا انداز به اهڙا رکڻا پوندا.
    شاهه جو موجوده شارح ٻانهو خان شيخ ڪيڏاري کي شاهه صاحب جو مڃيندي، اهڙن مڙني مفروضن کي رد ڪري ٿو، جيڪي دليل ڄاڻي حرف آخر طور مڙهيا ويا آهن، مثال: ” مرحوم مير عبدالحسين سانگيءَ جي روايت ته سن ۱۲۵۰هه يا ان کانپوءِ شايع ٿيل شاه جي رسالن جي آخري داستان وارا بيت (جن جو عدد ۱۹ آهي) فتح فقير جا چيل آهن، پڻ بي بنياد آهي ڇاڪاڻ ته اهي سڀيئي بيت سن۱۲۰۷هه ۾ لکيل گنج شريف ۾ موجود آهن. ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ جنهنجو خلاصوتاريخ ۱۲‐اپريل ۱۹۹۵ع واريءَ عبرت اخبار ۾ شايع ٿيو هو، اظهار ڪيو هو ته شاهه صاحب جي رسالن ۾ درج ٿيل سر ڪيڏارو هالن پراڻن جي هڪ سيد عبداللطيف حسنيءَ جو چيل آهي جيڪو شاهه صاحب کان. آڳاٽي دؤر جو شاعر هو ۽ سر ڪيڏارو اڃا تائين ان سيد جي درگاهه تي ڳايو ويندو آهي
    ( جڏهن ته مرحوم محمد صالح ڀٽيءَ هالن پراڻن واري جو چوڻ هو ته احسان فقير جي پڙ تي ڳايو ويندو هو ) پر سن ۱۴۱۷هه / ۱۹۹۶ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڇپايل ڪتاب ”شاهه جو رسالو _ رسالي جو ڪلام“ جي صفحي ۸۱۱ تي ڄاڻايو ويو آهي ته رسالي ۾ شامل ڪيڏاري جا گھڻا بيت قادري طريقي جي شيخ ۽ مرشد سيد عبداللطيف (پراڻا هالا) جي فقيرن چيا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي احسان فقير لانگاهه چيا. مسٽر ايس. تبسم لطيفؒ سائين جي ۲۳۸ ورسيءَ جي موقعي تي رسالي ”نذر لطيف“ ۾ شايع ٿيل پنهنجي مقالي ۾ چيو ته ’شاهه جي رسالي ۾ درج ٿيل سر ڪيڏاري ۾ ڪل ۷۳ بيت آهن جن مان ۴۳ بيتن جي لاءِ خود شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ صاحب جي راءِ هئي ته شاهه صاحب جا چيل ناهن باقي ۳۰ بيتن مان ۱۲ بيت شاهه صاحب جي هم عصر ٿرپارڪر جي مشهور شاعر صوفي فقيرن جي جد امجد صادق فقير جي رسالي ۾ موجود آهن ۽ رهيل ۱۸بيتن کي جي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکبو ته اورئي نظارو پسبو. هن وڌيڪ چيو آهي ته شاهه جي رسالي ۾ هر سر ۽ هر سر جي هر داستان ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص موجود آهي مگر سر ڪيڏاري جي ڪنهن به هڪڙي بيت ۾ شاهه صاحب جو نه نالو آهي ۽ نه تخلص.‘ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ’فقير صاحب صوفي محمد صديق جو راڳنامون‘ جي مقدمي ۾ ڄاڻايو آهي ته فقير صاحب ڀٽائي صاحب جي وفات کان پنج سال پوءِ ۱۱۷۰ هه ۾ ڄائو هو، ۽ چاليهن سالن کانپوءِ فقيريءَ ڏانهن مائل ٿيو، اهو سن ۱۲۱۰ هه کان پوءِ چيو هوندو، جڏهن ته سر ڪيڏارو سن ۱۲۱۰ هه تائين شاهه صاحب جي رسالن جي پراڻن نسخن ۾ درج ٿي چڪو هو. صوفي صاحب جي رسالي ۾ ايس تبسم صاحب جا ڄاڻايل ۱۲ بيت به انهن پراڻن رسالن ۾ اڳيئي درج ٿي چڪا هئا. وري جيتريقدر سر ڪيڏاري ۾ ڪنهن به بيت يا وائي ۾ شاهه صاحب جي نالي يا تخلص نه هجڻ جو تعلق آهي، ان جو اهو جواب ڪافي ٿيندو ته شاهه صاحب جي مختلف رسالن ۾ هزارين بيت آهن جن مان صرف ڪن سَوَن بيتن ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص آهي پر کاهوڙيءَ جي سڄي سر جي ڪنهن بيت يا وائيءَ ۾ شاهه صاحب جو نالو يا تخلص ڪونهي. اهڙيءَ طرح سر رپ جي ڪنهن به بيت ۾ نالو يا تخلص ڪونهي. وري ايئن چوڻ ته شاهه صاحب جي رسالن ۾ درج ٿيل سر ڪيڏارو احسان فقير لانگاهه جي پڙ تي يا سيد عبداللطيف حسني/ قادريءَ جي درگاهه ته ڳايو ويندو آهي، تنهنڪري انهن بزرگن سان نسبت رکي ٿو، ناڪافي ۽ نامناسب آهي. ڊاڪٽر بلوچ صوفي فقير جي راڳنامي جي صفحي ۱۱ تي لکيو آهي ته:’صوفي صاحب شاهه جي رسالي مان گھڻو ڪلام پنهنجي مرشد جي درگاهه جھوڪ شريف تي ڳارايو‘ جنهن جو اهو مطلب نه ٿيندو ته اهو ڪلام صوفي صاحب يا ان جي مرشدن ڏانهن منسوب ڪجي. وڏي تپرس جي ڳالهه اها ٿيندي ته شاهه صاحب سر رامڪليءَ ۾ هندو جوڳي فقيرن، سر ڏهر ۾ ڪڇ جي لوڙائو ۽ ڌاڙيل لاکي ڦلاڻيءَ ۽ سر گھاتوءَ ۾ مورڙي مهاڻي ۽ ان جي ڀائرن جي ڪن خوبين کي ساراهي پر حضرت امام حسين ۽انجي خاندان جن دين اسلام کي زندهه رکڻ لاءِ هيڏي قرباني ڏني، ان لاءِ ڪجھ به نه چوي.“ (۲۴)
    احسان فقير جي سر ڪيڏاري جي مطالعي مان ايترو اخذ ضرور ٿئي ٿو ته هن جي ڄاڻايل مواد ۾ شاعري جا مختلف انداز آهن، جنهن مان اهو گمان ٿئي ٿو ته سندس پڙ تي ڳائڻ جي حوالي سان ڪيڏاري جا بيت هِتان هُتان گڏ ڪري ڳايا ويا هجن يا ڳائيندا هجن؛ ڇو ته پڙن جو اڪثر اهو ئي ماحول هوندو آهي، اهميت صرف محرم جي حوالي سان ڪربلا جي ياد کي تازو ڪرڻ ئي هوندو آهي. اهڙن مختلف شاعريءَ جي اندازن جي بنياد تي سڄي شاعريءَ کي ڏانهس منسوب ڪونه ڪبو. سندس هن نظم معرى جي اسلوب کي ڏسو جيڪو سندس الف اشباع جي نوعيت جي بيتن مان هڪ آهي:
    انهيءَ اونهي سر جي _ ڪـــــــل نه پــــــــوي ڪا
    ذرو ڪـــــــــو ظاهر ٿيو _ منجھ روضه الشـهداءَ
    حضرت مير حسين تولد ٿيو _ موچارو مقبولا
    رسول ڪريم سڪر ڏني _ ســــــرنهاري سهجا
    تان اڀنـــــئان لهــــــــي آئيو _ ملــــــڪ جبــــرائيلا
    انهـــــــيءَ پــــــر احســــــان چئــي _ حقيقــت حـالا
    مٺي ماٺ جڳائي _ ڪڇــــــــڻ آهي ڪـــــينڪي. (۲۵)
    ايترن حوالن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد ايترو اندازو ضرور ٿئي ٿو ته شاهه جو ڪيڏارو مذهبي ڪٽرپڻيءَ جي ور چڙهيل آهي، پوءِ ڪٿي احسان فقير جو نالو ته ڪٿي فتح فقير، ته ڪنهن مهل سيد عبداللطيف هالن پراڻن واري جو نالو، مطلب ته رڳي اها راءِ بيهارڻ ته سر ڪيڏارو ماڳهين شاهه لطيف جو ناهي يا ڪو هڪ بيت به ڪيڏاري جي حوالي سان ڏانهس منسوب نه ڪرڻ، سراسر ڏاڍائي آهي _ ڪٽرپڻي آهي. مولانا وفائي جي راءِ: ”پر جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته شاهه جو چيل ئي نه آهي، ته ڪنهن حد تائين درست آهي،“ جي موٽ ۾ مرزا ڪاظم رضا بيگ ’سنڌي مرثئي جي اوسر‘ واري مضمون ۾ ڄاڻايو آهي ته ” مگر اهو سراسر غلط ۽ بي بنياد بهتان آهي، جناب ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق مطابق سر ڪيڏارو شاهه صاحب جو ئي چيل آهي.“ (۲۶)
    جڏهن ته دؤر جديد ۾ نئين سر تحقيق موجب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سر ڪيڏاري کي شاهه جو ڪلام مڃڻ کان نابري واري بيٺو آهي، حالانڪه ٿيڻ ائين کپندو هو ته سواءِ مستند ڇاپي يا قلمي بياض جي، بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ خيالن جي پرواز ۽ لفظن جي ترڪيبي پختگيءَ کي به بنياد بڻائجي ها! ۽ اهڙا اصول يا معيار متعين به ڪيا ويا، ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي ڄاڻائڻ موجب: ”اهي معيار يا بنياد، جن کي ڪسوٽي بنائي اهو فيصلو ڪري سگھجي ٿو، يا ڪيو ويو آهي، ته هيءُ شاهه جو ڪلام آهي ۽ هيءُ شاهه جو ڪلام ناهي، سي ڊاڪٽر صاحب هيٺينءَ ريت مقرر ڪيا آهن:
    مطالعي هيٺ آيل رسالن جي تعداد جو معيار.
    رسالن جي قدامت جو معيار.
    رسالن جي ڀيٽ جو معيار.
    ٻوليءَ جو معيار.
    شاعريءَ جو معيار.
    اعلى فهم ۽ فڪر جو معيار.
    انهن معيارن کي ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي، ان وضاحت جي هتي گنجائش ناهي، البت ڊاڪٽر صاحب پنهنجي طرفان انهن جي ڪافي وضاحت ڪري ڇڏي آهي. ليڪن ڪنهن به محقق يا تنقيد نگار کي انهن معيارن کي ئي جاچڻو پوندو يا انهن تي تنقيدي نظر وجھڻي پوندي ته اهي ڪهڙي لحاظ کان گھٽ وڌائيءَ جو شڪار آهن يا انهن ۾ ڪهڙي تبديلي ڪري انهن کي بهتر ڪري سگھجي پيو! (۲۷ (
    جڏهن اعلى فهم ۽ فڪر جي معيار کي آڏو رکيو ويو ۽ بيتن کي سندن داستانن جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو ته سسئيءَ جي سرن جا ههڙا بيت به رد ٿيڻ کپندا هئا، جيڪي فڪر جي لحاظ کان ڪيڏاري جي ڏانءَ وٽان آهن، مثال:
    اکــين ڪين ڪيو، جــــو رت نه رنـــــائون،
    پــلاڻــيـندي پــرين کــــــي، بيٺي ڏٺـــائـــون،
    انهن اکين کي آئون، ڪجل ڪهڙو پايان.

    مٺيس جھل مهار، ڪٺيس ڪاهه مَ ڪرهو،
    مون نماڻيءَ جي نجھري، ڀيــــرو ڪج ڀتار،
    ساجن! توهـــــان ڌار، ڏٺــم ڏينهن قيام جو.

    الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرها مَ ڪاهيو،
    جانب جڏي جـــــيءَ جو آڳاندو آهيو،
    لاڳاپو لاهيو، متان منهنجو، سپرين.

    اکين ڪين ڪيو، رت نه رنائون،
    اُڀـــي ڏٺائـــــــون، ڦوڙائــبا سپرين.
    مذڪوره بيتن ۾ سجاڳ سسئي آهي، جيڪا دل گھرين کي اکين سان پلاڻيندي ڏسي ٿي ۽ روڄ راڙو ڪري ٿي، جڏهن ته عام رواجي قصي واري سسئي ته ستل ۽ غافل هئي: ”ستينءَ سنجھيئي، مُههُ ويڙهي مئن جيئن.“ مقصد ته چند بيت تحقيق جي بنياد تي ضرور رد ڪري سگھجن ٿا، ليڪن ڪيڏاري کي چڪي بڻائي پاڙون پٽڻ لاءِ تاويلون ڪرڻ مذهبي ڪٽرپڻي آهي.
    شاهه لطيف جي فڪر ۽ ڳوڙهائي جي بنياد تي سندس ڪلام جي پختگيءَ واري ڪسوٽيءَ تي جاچي ڏسجي ٿو ته سر ڪيڏاري کي لطيف جو ڪلام مڃڻ لاءِ لاچاري ٿي پوي ٿي. هن سر جي بيتن ۾ جيڪڏهن سندس شاعراڻي خوبين جي وسعت محسوس ٿئي ٿي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه حرج نه ٿيندو ته هي سر سندس ئي چيل آهي؛ ڇوته احسان فقير، فتح فقير يا سيد عبداللطيف هالن پراڻن وارو ته ٺهيو _ جن جو ڪلام عام تائين به رسيل ناهي _ پر سنڌ جي هفت زبان ( بلڪه چار ٻولين جو ) شاعر سچل سر مست جي شاعري به فلسفي جي ڳوڙهائيءَ ۽ پختگيءَ جي حوالي سان برميچي نه ٿي سگھجي، شاهه لطيف فرمائي ٿو:
    چار ترارون چيلهه ســـين، ٻـــڌي ٻه پاڳـــون،
    اڳين جون آڳون، ڪَونرَ ڪلي ۾ موکيون.
    هن بيت ۾ چئن ترارن مان مراد : هڪ نبوت، ٻي امامت. يعني ناني ۽ پيءُ جون ذميواريون ( ڇو ته، حديثن ۾ سورة ڪوثر جي روشنيءَ ۾ اچي ٿو ته ”منهنجو اولاد عليءَ جي صلب مان ٿيڻو آهي ) ۽ آڳ مان مراد : راند جو وارو، داءُ. مقصد ته جن نبين پنهنجين آزمائشن ۾ ڇوٽڪاري لاءِ دعائون گھريون، تن جو آڳون به امام حسينؑ ڪربلا جي ميدان ۾ ادا ڪري انسانيت ۽ دين الاهيءَ جو مان مٿاهون ڪيو. حضرت ابراهيمؑ پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ اکين تي پٽي ٻڌي، ته متان الله جي راهه ۾ خون جو رشتو حائل ٿئي. حضرت ايوبؑ جو صبر ۽ استقامت عالم آشڪار آهي، پر جڏهن برپٽ بيابان ۾ ڏيهه نيڪاليءَ جي حالت ۾ سندس گھر واريءَ گذرندڙ قافلي کان، ايوب جي گھر واري ڏَسڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ عيوض، کاڌ خوراڪ لاءِ چيو، تن تصديق لاءِ کيس ”سونهري وار“ ڏيکارڻ لاءِ چيو، بي بي صاحبه مڙس کان اهڙي اجازت نه وٺڻ جو عذر ڏيکاريو، ۽ جڏهن اهڙي ڄاڻ حضرت ايوبؑ تائين پهچايائين، ته نبي سڳورو اهو ٻڌي غيرت ۾ گوڏن تائين واريءَ ۾ لهي ويو ۽ پوءِ الله کان اهڙين مصيبتن کان ڇوٽڪاري لاءِ دعا گهريائين:
    ” رَبَهٗ اَنِّي مَسَنّيَ الضُّرُّ وَ اَنتَ اَرحَمُ الرّاحِمِين.“
    ڪربلا ۾ اهڙين مصيبت ڀرين آزمائشن جي تڪميل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جتي امام حسين پنهنجي ۽ پنهنجي ٻچن جي خون سان دين جي آبياري ڪري، پنهنجي انا، ظاهري عزت ۽ رتبو تڇ ڀانئي، پنهنجي ناني جو شان بلند ڪيو.
    ڏاڙهي رت رتــياس، ڏند ته ڏاڙهــــونءَ گل جيئن،
    چـــوڏهين مـــاهه چـــــنڊ جــــنءَ، پـــــڙ ۾ پاڳــڙياس،
    مـــــيڙي ۾ محــــمد جـــي، مَـــــــرُ مُرڪـــي مــــاس،
    تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پرزا ٿئي.
    اهڙي قربانيءَ لاءِ سنڌ جو مشهور اديب ۽ شاعر شيخ راز لکي ٿو ته: ”اها روايت پيغمبرانه آهي، جنهن روايت موجب پيغمبرن جدا جدا وقتن تي قرباني پيش ڪئي آهي، جيڪا فقط انهن برگزيده هستين جي ذاتي قرباني تصور ڪئي وڃي ٿي،ليڪن سيد الشهداءَ پنهنجي پوري خاندان، پنهنجي حوارين ۽ ساٿين سان گڏ قربان ٿي ويو ۽ الله جي راه ۾ اسلام جي عظمت کي بلند ڪرڻ حق ۽ صداقت ۽ آزاديءَ ۽ حريت لاءِ هڪ عظيم قرباني پيش ڪئي، جنهن تي مسلمان ساڍا تيرهن سؤ سالن کان وٺي اشڪ آلود آهن، اهو سلسلو قيامت تائين قائم رهندو، جنهن کي فنا ڪانهي ۽ بقا ئي بقا آهي. (۲۸)
    لطيف جي ڪيڏاري ۾ رنج وَ الم جيڪو مرثيه جي اهم ڪڙي آهي، سو گھٽ پر رزميه انداز وڌيڪ ملي ٿو، سندس شاعريءَ ۾ بهادري، ثابت قدمي ۽ اعلى اقدار جهڙن جزن جي اپٽار آهي، جيئن:
    ڀڳو آئون نه چئان، ماريو ته وسـهان،
    ڪانڌ مُـــهه ڌڪڙا، سيڪيندي سنهان،
    ته پـــڻ لـڄ مرانم، جي هونــس پٺ ۾.
    ڏسو ته ثابت قدميءَ ۽ اعلى قدرن کي ڪهڙي نه سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو اٿس ۽ تاريخي حوالن کي غور سان جاچڻ بعد اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته جهاد في سبيل الله ۾ رسول الله جي ساٿ ۾ حضرت ابوطالبؑ ۽ ان جي اولاد پاڻ موکيو آهي، جن مان ڪوبه، ڪنهن به ميدان تي پٺي ڏئي ڀڄڻ ته ڇا، پر پوئتي ڀرڪيو به ناهي، اهڙن جوڌن لاءِ لطيف چئي ٿو ته جيڪڏهن سندن پٺ تي ڌڪ هجن ها، ته اهو به امت لاءِ مرڻاس ثابت ٿئي ها، پر هي ته اهي جوڌا آهن جن جي منهن تي لڳل ڌڪن کي سيڪيندي به مرڪ ٿو ڀانئجي، شان ٿو محسوس ٿئي ۽ جيڪڏهن حق جي راه ۾ مارجي ٿا وڃن ته منهن مٿانهون هجڻ جي ڳالهه آهي. لطيف سر ڪيڏاري ۾ فرمائي ٿو:


    ڪربلا جـــــــــي پڙ ۾، خيــما کوڙيائون،
    جھيڙو يزيد سامهون، جنبي جوڙيائون،
    مُــــهُه نه مـــــوڙيائون، پسي تاءُ ترار جو.
    اهڙن ثابت قدم هستين کان الله بي پرواهه جي مدد گھرڻ جو انداز به عجيب آهي، ارشاد ڌڻي سڳورو آهي:
    ” يا اَيُهَا الّذِينَ آمَنُوا اِن تَنصِرُو الله يُنصِرَڪُم وَ يُثبتُ اَقدامَڪُم o“
    ترجمو: ”اي سپت ڀريؤ! مون الله جي واهر ڪريو، ته مان توهان جو اوهي واهي ٿيان ۽ توهان جا پير پختا ڪريان.“ سورة محمد، آيت نمبر: ۷
    جيڪي انسان الله جي راهه ۾ هر سختي سهي، پنهنجو الهه تلهه گھوري، بي فلڪا ۽ بي پرواهه ٿي، هر لحاظ کان مطمئن رهيا ۽ جن موت جي بستري تي به سڪون سان ننڊن جا مزا ماڻيا، اهڙن ٻانهن جي ناز ڀرئي انداز تي خود الله کي به جيجل ماءُ جيان دلي جھٻو ايندو آهي، ارشاد ڌڻي تعالى آهي ته:
    ” ومن الناس من يشري نفسـﮧ ابتغآءَ مرضاة الله، والله رؤف بالعبادo “
    ترجمو: ”۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي الله جي چاهت ڳنهندي، کپائي ٿو ڇڏي ۽ الله کي اهڙن ٻانهن تي دلي جھٻو ايندو آهي.“ سورة البقره آيت نمبر: ۲۰۷
    اهڙين هستين کان ئي الله بي مثل بي پرواهه دين خاطر مدد واهر جو طلبگار آهي ۽ موٽ ۾ ثابت قدمي ۽ پير ڄمائڻ ۾ اوهي واهي ٿيڻ جو واعدو وچن ڪري ٿو، ظاهر آهي ثابت قدمي يا پير ڄمائڻ جو تصور جهاد في سبيل الله ۾ آهي، سو به اهڙي مقام تي جت ٻچا ٻار به جهڙوڪر هٿ سان ڪهائڻا پون، اهڙي رمز کي لطيف سرڪار هيئن بيان ڪيو آهي:
    دوســــت ڪـــهائي دادلا، محـــب مارائـــــي،
    خاصن خليلن کي، سخــــتيون ســــهائــــي،
    الله الصمد بي نيـــاز، سا ڪري جا چاهي،
    انهي منجھ آهي، اونهي ڳالهه اسرار جي.

    سخــتي شهادت جي، نسوروئي ناز،
    رند پروڙين راز، قضئي ڪربلا جو.
    قاضي مقصود لکي ٿوته: ”جنگ جو نظارو پيش ڪندي ڀٽائي صاحب چوي ٿو ته ميدان ۾ ائين پئي تير هليا، ڄڻ پکي ٿي اڏاڻا، استعاري جو سهڻو مثال بيت ۾ ڏسو:
    حسن مير حسين جي، سُئي جنگ جهان،
    اڏاڻـــــا اوڙ ڪـــري، ڪارين پکــين ڪان،
    پـــــيءُ ڏاڏاڻا پاڻ، ســــــيد سڀ ملهائـــــيا.
    ٻئي هنڌ ڀٽائي سائين انهن شهيدن جي ڳالهه ڪري ٿو، جن امامن سڳورن جي حمايت ۾ وڙهندي شهادت ماڻي، تن کي به جنت ۾ جايون ملي ويئون، ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ هيئن چيل آهي:
    ڪوپا ڪلي ڪــــــــوڏيا، راوت ڪين رهن،
    ساڻوئن سر فـــــدا ڪيا، اڳــــــــيان امـــــــامن،
    يجاهدون في سبيل الله، ڪم اهو ئي ڪن،
    حـــــورون هـــــــار ٻڌن، سهــــرا شهيدن کي.“ (۲۹)
    ڪربلا ۾ حضرت امام عالي مقام پنهنجي آخري خطبي ۾ ڏيئا گل ڪري پنهنجن رفيقن کي ڪٺو ڪندي فرمايو ته توهان هن اونداهيءَ ۾ شرمساريءَ کان بچڻ لاءِ هليا وڃو، هنن کي منهنجو سر درڪار آهي ۽ مان ان لاءِ تيار آهيان، چند کسڪي ويا، باقي سڀني گڏجي عرض ڪيو ته توهان کي مصيبت جي منهن ۾ ڏيئي اسان ڪهڙو منهن کڻي واپس وينداسون، کسڪي وڃڻ وارن لاءِ سندن زالن واتان لطيف هيئن ٿو چوي:
    ڀـــــڄي آئين ڀڄـــڻا، لڄايئي مون سيڻ،
    ويٺيون وجھن ويڻ، مُهُه مٿانهان جن جا.
    ۽ جڏهن فاسق فاجرن جي جماعت ڇڏي عين وقت تي حضرت حر امام صاحب جي خدمت ۾ پاند ڳچيءَ پائي حاضر ٿيو ۽ وڙهندي شهادت ماڻي، اسلام جو ڳاٽ اوچو ڪري امر ٿي ويو، ان اهڙي ويري جي منظر ڪشي ڪندي ڀٽ ڌڻي فرمائي ٿو:
    حــــــر هــــــــلي آئــــــيو، مــانجھـــي مـــــــــردانو.
    آهيان عاشــــق آڳ جــــو ، پتنــگ پروانــــــــــو،
    مانَ راضي ٿئي رسول، رب جو، نبي تو نانو،
    هي ســـــر سمــــــانو، گھوٽ! مٿائين گھوريان.
    حق ناحق جي اها جنگ ، جنهن جنگين جي اصولن جا ئي منهن ڦيري، هڪ هارايل جنگ کي تا قيامت سوڀ جو نالو ڏنو، جنهن واقعي کي ئي ميسارڻ لاءِ تاريخ نويسن جو ڪافي انگ ڪوشان رهيو، پر ’خون ۽ کسٿوري ڪو لڪي سگھندو‘ مصداق جيان سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ واسجي ويو، لطيف سائين ان واقعي جي واسجڻ جو بيان هيئن ٿو ڪري:
    حسن مير حسين کي، رنــــــــو ٽــــــــن ٽولن،
    گھر ماڙهين، جھنگ مرئين، اڀن ۾ ملڪن،
    پکـــــــــين پاڻ پڇاڙئو، ته لــــــڏئو هوت وڃن،
    الا! شهـــــــزادن، سوڀون ڏييــــن ســــــچا ڌڻي!
    سر ڪيڏاري جي آخر ۾ هي بيت انسانيت جي ڇوٽڪاري جو ميزان ۽ حديث ”حسين مني و انا من الحسين“ جي شاهدي آهي:
    حسن مير حسين جو، جن نه هينئڙي جار،
    خـــالق رب جـــبار، ڪين مرهيندو تن کي.






    اڀياسي حوالا:

    ۱. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي _ شاهه جو رسالو _ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو _ 1993ع _ ص: 665
    ۲. غلام محمد شهواڻي _ شاه جو رسالو _ آر. ايڇ. احمد حيدرآباد _ 1961ع _ ص: 921
    ۳. علامه غلام مصطفى قاسمي _ شاه جو رسالو _ مهراڻ اڪيڊمي _ 1999ع _ ص: 236
    ۴. ڪلياڻ آڏواڻي _ شاه جو رسالو _ هندستان ڪتاب گھر بمبئي_ 1958ع _ص: 339
    ۵. پير بخش مغل _ راڳ ساگر _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز _ 1997ع _ ص: 25، 194
    ۶. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي موسيقي جي مختصر تاريخ _ ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز حيدرآباد _ 2003ع _ ص: 140
    ۷. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ حوالو ساڳيو _ ص: 175، 176
    ۸. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ حوالو ساڳيو _ ص: 219،221
    ۹. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ حوالو ساڳيو _ ص: 308، 309، 310
    ۱۰. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي _ حوالو ساڳيو _ ص: 52،53
    ۱۱. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل _ سنڌي ۾ رزميه شاعري _ ٽماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 3_4 / 1969ع _ ص: 125
    ۱۲. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل _ حوالو ساڳيو _ ص:
    ۱۳. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل _ علم عروض _ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد _ 1935ع _ ص: 136
    ۱۴. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي _ حوالو ساڳيو _ ص: 53
    ۱۵. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ سيد ثابت علي شاهه مرثيه گو _ ماهوار نئين زندگي حيدرآباد _ ڊسمبر 1978ع _ ص: 5
    ۱۶. علامه شبلي نعماني _ موازنه انيس و دبير _ ص: 11
    ۱۷. مولانا دين محمد وفائي _ لطف اللطيف _ ص: 141
    ۱۸. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ شاهه جي رسالي متعلق تحقيقي رٿا جي تڪميل _ ماهوار ’السنڌ‘ اسلام آباد _ شمارو 67، 1998ع _ ص: 48
    ۱۹. ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي _ حوالو ساڳيو _ ص: 664
    ۲۰. غلام محمد شهواڻي _ شاهه جو رسالو _ آر. ايڇ احمد حيدرآباد _ 1961ع _ ص: 921
    ۲۱. مير عبدالحسين سانگي _ لطائفِ لطيفي _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد _ 1986ع _ ص: 86_ 87
    ۲۲. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ شاهه جو رسالو۔۔۔شاهه جو ڪلام _ جلد ڏهون _ علامه قاضي رسالو تحقيقي رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد _ 1996ع _ ص: 20_21
    ۲۳. حميد سنڌي (مرتب) _ سر ڪاموڏ _ احمد خان مصراڻي _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد _ 1988ع _ ص: 41
    ۲۴. ٻانهو خان شيخ _ شاهه جو رسالو _ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي _ جلد پهريون، 2000ع _ ص: 26، 27، 28
    ۲۵. مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائي _ ڪيڏارو _ محمد يوسف اينڊ برادرس حيدرآباد _ 1965ع _ ص: 24
    ۲۶. مرزا ڪاظم رضا بيگ _ سنڌي مرثيه جي اوسر _ ماهوار پيغام، اطلاعات کاتو ڪراچي _ سيپٽمبر 1986ع _ ص: 18
    ۲۷. ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو _ سماهي مهراڻ _سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ سيارو 2005ع _ ص:21
    ۲۸. شيخ عبدالرزاق راز _ حسينيت موت جي آغوش ۾ _ ماهوار پيغام _ نومبر، ڊسمبر 1979ع _
    ص: 21
    ۲۹. قاضي مقصود گل _ ميدان ڪربلا _ ماهوار نئين زندگي _ نومبر 1981ع _ ص: 5، 6








    Address:
    Altaf Hussain Jokhio
    Lecturer in Sindhi
    Govt. Degree College Kandiaro.
    Residence: ward no: 07 Mahrabpur
    Distt. Naushahro Frroze
    Phone: 0242_430619
    Cell: 0301_3427500
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ڀاڳ ڀلا سائين جو ادا برڪت ۽ ڪاشف ٻانهون ڪنجي ڪڍ لڳا آهن
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    سائين سُر ڪيڏاري جي باري ۾ ايتري بهترين ريسرچ ونڊڻ تي اسين اوهان جا ٿورائتا آهيون
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ادا سُر ڪيڏاري جي باري ۾ معلومات ڏيڻ جي مهرباني.....
     
  5. barkat ali

    barkat ali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ادا طاهر اوهان جي مهرباني۔
    ڪاشف ۽ آءُ ن صرف دوست بلڪ ڀائر آهيون۔
     
  6. barkat ali

    barkat ali
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 مئي 2010
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ادا اوهان دوستن جي مهرباني۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ادا مولا اوهان کي آباد رکي
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    ادا ڪاشف توهان جي مهرباني جو اوهان تمام بهترين معلومات شيئر ڪئي آهي الله تعالى توهان کي ّخوش رکي۔
     
  9. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سر ڪيڏارو ۽ شاه لطيف

    هل ڀاء ڪتاب لکي ڇڏي وِي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو