بُزرگَ جا ٽي ڏينهن : زيب سنڌي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    (ڇا شاه لطيف جي ٽن ڏينهن واري ميلي ۾ هي سڀ ڪجهه وري نه ورجايو ويو...!!؟؟؟)

    بُزرگَ جا ٽي ڏينهن

    زيب سنڌي


    پهريون ڏينهن

    شاهه لطيف جي درگاه اندر مزار تي چادر چاڙهي، وقت جي حڪمران فوٽوگرافرن ۽ ٽي وي ڪئمرائن ڏانهن ڏسي، دعا لاءِ هَٿَ کنيا ته ان وقت اهو نوراني چهري وارو بزرگ شخص به اتي موجود هو. بزرگ شخص هڪ لمحو وقتَ جي حڪمران طرف ٿورو حيرت سان ڏٺو ۽ حڪمران جي دعا پوري ٿيڻ کان پهرين ئي اتان ٻاهر نڪري ويو. مزار ٻاهران درگاهه اندر پانڌيئڙن بجاءِ پوليس جا جٿا ڏسي بزرگ شخص جي حيرت ڏک ۾ بدلجي وئي ۽ هو درگاهه کان به ٻاهر هليو ويو.
    اهو بزرگ شخص ڀٽ شاهه جو ئي رهواسي هو، پر ساڳئي شهر ۾ رهندي به وڏي ڄمار واري انهيءَ شخص، ڀٽ ڌڻيءَ تي هر سال لڳندڙ ٽن ڏينهن وارو ميلو ڪڏهن به گهمي نه ڏٺو هو. اڄ هو زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڀٽ ڌڻيءَ جو ميلو ڏسڻ نڪتو هو ۽ هن فيصلو ڪيوهو ته هُو ميلي جا ٽئي ڏينهن ڪشالو ڪاٽي به مشاهدو ضرور ماڻيندو.
    درگاه ٻاهران گهٽيءَ ۾ سمورا دڪان بند هئا ۽ گهٽيءَ ۾ به مزار جي اڱڻ جيان، فقط پوليس اهلڪارن جا جَٿا هٿن ۾ هٿيار ۽ ڏنڊا کنيو بيٺا هئا ۽ ڪجهه وڏيون گاڏيون بيٺيون هيون. بزرگ شخص پانڌيئڙن کي ڏسڻ پئي چاهيو پر پانڌيئڙن جوپري پري تائين ڪو نالو نشان به ڪونه هو. بزرگ شخص سوچ ۾ پئجي ويو... ايتري ۾ تيز آواز سان اهلڪارن جون سيٽيون وڳيون ، جوڪجهه فاصلي تي ورديءَ وارن جي ميڙ ۾ درگاه کان ٻاهر آيل حڪمران پنهنجي جهنڊي لڳل گاڏيءَ ۾ ويهي رهيو هو. ڪجهه ئي لمحن اندر ڪيترين ئي گاڏين جا ڪنن جي پردن کي ڦاڙڻ جهڙا تيز آوازن وارا سائرن وڳا ۽ حڪمران توڙي وزيرن مشيرن ۽ ٻين حڪومتي عملدارن جون گاڏيون تيزي سان اتان هليون ويون. بزرگ شخص گهٽيءَ ۾ اڪيلو رهجي ويو ۽ هن سُکَ جو هڪ ڊگهو ساهه کنيو. هُن بس اِهو هڪڙو ئي سُکَ جو ساهه کنيو هو جو، اوچتو سامهون کان ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم ڊوڙندو درگاه واري گهٽيءَ ۾ داخل ٿيو. ڊوڙيندي ايندڙ هجوم طرف حيرت مان ڏسندي بزرگ شخص پاسي تي ٿي ويو، پر تڏهن به هو ماڻهن جي پيهه ۾ ڦاسي ويو. اوچتو هر طرف افراتفري مچي وئي هئي، دڪان ۽ هوٽل کُلڻ لڳا هئا ۽
    رونشي ڪوڏين ماڻهن جي پيهه ۾ بزرگ جو ساه منجهڻ لڳو. ڏاڍي مشڪل سان هوانهن رونشي ڪوڏين ماڻهن جي رش منجهان پگهر ڳاڙيندو ٻاهر نڪتو۽ سامهون چوراهي تي وڃي پهتو.
    چوراهي جي وچ تي هڪ وڏو دنبورو ٺهيل هو. دنبوري جي چوڌاري مختلف سياسي پارٽين جا رنگبرنگي جهنڊا، حڪمرانن جي آجيان وارا بينر ۽ ڪيترا ئي ڦاٽل پنن وارا اشتهار لڳل هئا ۽ هر طرف هڪ افرا تفري ڦهليل هئي. گوڙ ۽ گهمسان واري انهيءَ جاءِ تي بيٺي بيٺي ئي بزرگ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. هڪ دڪان اڳيان تمام گهڻي رش هئي ۽ ماڻهو هڪ پئي جي مٿان پئي ڪِريا. بزرگ شخص حيرت ۽ تجسس منجهان اُن دڪان طرف وڌيو ۽ ڪيتري دير جي ڪوشش ۽ مشڪل کان پوءِ هو دڪان اڳيان ڳاهٽ ٿيل ماڻهن جي اڳيان پهتو ته هُن ڏٺو، اِهو هڪ هوٽل هو. هوٽل ۾ ننڍي عمر وارا سهڻا ناچو ڇوڪرا ڪنهن اڍنگي گيت جي موسيقيءَ تي نچي رهيا هئا ۽ اندر ويٺل ماڻهن جو هجوم انهن سُهڻن ڇوڪرن تي نوٽن جو مينهنُ وَسائي رهيو هو. بزرگ شخص جي دل ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀرجي وئي ۽ هو هڪدم ڳاهٽ ٿيل ماڻهن جي هجوم مان واپس ٻاهر نڪري ويو.
    رش ۾ رستي تي هلندي بزرگ شخص جي هڪ طرف نظر وئي، جتي رستي جي پاسي ۾ هڪ طرف طبلي جي ٿاپَ تي ڪجهه کدڙا نچي رهيا هئا. بزرگ شخص جي دل وڌيڪ اداس ٿي پئي. هن انتهائي ڏک سان سوچيو،”هي ڪهڙا پانڌيئڙا آهن... هي ته سڀ رونشي ڪوڏيا اچي گڏيا آهن ... “ بزرگ شخص انهن ماڻهن جي ميڙ ۾ هلندي پاڻ کي ڏاڍو ڏکارو محسوس ڪيو. هُن اداسيءَ سان هلندي شاه جي باغ طرف وڃڻ جو فيصلو ڪيو، جو شاه جي باغ سان هُن جون ڪيتريون ئي ساروڻيون سلهاڙيل هيون.
    شاه جي باغ طرف ويندي سندس نظر ڪراڙ ڍنڍ تي پئي. سينواريل پاڻيءَ ڏانهن ڏسندي سندس من ماندو ٿي پيو. هن هڪ وار رونشي ڪوڏين ماڻهن طرف ڪنڌ ورائي ڏٺو ۽ پوءِ ٻيهر ڪراڙ طرف ڏٺائين ته سندس اندر ۾ ڪنهن آه جيان اِهو خيال آيو، ”اڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالُوريو ڪَنگن... تنهن سَرَ مٿي هنجڙا ايندي لَڄَ مَرن...“ هُن پنهنجي اندر ۾ لَڄَ جي جذبي کي جنم وٺندي محسوس ڪيو. هو ڪي لمحا ڪراڙ جي سينواريل پاڻيءَ طرف ڏسندو رهيو ۽ سندس مَنَ جي ماندائي وڌندي رهي. ڪجهه گهڙين کان پوءِ جڏهن هن ڪراڙ جي سينواريل پاڻيءَ تان اکيون مٿي ڪيون، ته سندس نظر وڃي ڪراڙ ڪنڌيءَ پوريل شاعر جي قبر تي پئي. سنگمرمر واري انهيءَ قبر ڏانهن ڏسندي بزرگ شخص جي چهري تي بيحد هڪلي بامعني مرڪ ڦهلجي وئي ۽ پوءِ هو اڳتي وڌي ويو.
    بزرگ شخص شاه جي باغ وٽ پهتو ته اُتي ڏنڊي بردار وردي پوش سرڪاري اهلڪارَ رستو بند ڪيو بيٺا هئا. هڪ سرڪاري اهلڪار اُتي گڏ ٿيل ماڻهن جو لائوڊ اسپيڪر تان ٿيندڙ اعلان طرف ڌيان ڇڪائي رهيو. لائوڊ اسپيڪر تان بار بار سرڪاري اعلان پئي ڪيو ويو، ”هن دفعي سرڪار شاه صاحب جي باغ ۾ شانائتو ثقافتي ڳوٺ جوڙيو آهي، جنهن جو وزير صاحبا اچي پنهنجي هٿن سان افتتاح ڪرڻ فرمائيندي ته پوءِ عوام لاءِ کوليو ويندو. عوام کي التماس آهي ته وزير صاحبا جي اچڻ جو انتظار ڪري ۽ وزير صاحبا جي اچڻ تي سندس ڀرپور اسقبال ڪري...“ بزرگ شخص جي چهري تي اهڙيون ريکائون اُڀري آيون، جيڪي اڻوڻندڙ ڳالهه ٻڌڻ سان ظاهر ٿينديون آهن. بزرگ شخص اُتان موٽي هليو ويو.

    ٻيو ڏينهن

    بزرگ شخص جڏهن ”شاه لطيف عالمي ادبي ڪانفرنس“ جو مشاهدو ماڻڻ لاءِ ايڪسيلينس سينٽر وٽ پهتو ته، ايڪسيلينس سينٽر جي لان ۾ هن کي ڪيترائي ماڻهو بيٺل نظر آيا ، جيڪي ٽولين جي صورت ۾ ، پاڻ ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هئا. اهو ڏسي بزرگ شخص جي ذهن ۾ پهريون خيال اِهوئي آيو ته شايد ڪانفرنس هال ڀرجي ويو آهي ۽ هال ۾ وڌيڪ ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش ناهي، جنهن ڪري اِهي سڀ ماڻهو ٻاهر بيٺا آهن، پر پوءِ کيس ٻيو خيال اهو آيو ته ، شايد ادبي ڪانفرنس جو افتتاح به ڪنهن وزير مُشير کي ئي ڪرڻو آهي، جنهن جو هال کان ٻاهر بيٺل اهي سڀ ماڻهو انتظار ڪري رهيا آهن! بزرگ شخص لاءِ اهڙي ڪنهن به ماڻهوءَ جو انتظار ڪرڻ ممڪن نه هيو، تنهن ڪري هُن اُتان واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو، پر جڏهن هال جي اندران ايندڙ آواز جو پڙلاءُ سندس ڪَنن تي پيو ته هو ايڪسيلينس سينٽر جي دروازي طرف وڌيو.
    ايڪسيلينس سينٽر جي دروازي وٽ ڪجهه پوليس وارا ۽ ڪجهه سرڪاري کاتي جا ننڍا عملدار بيٺل هئا. انهن ڪنهن کي به اندر وڃڻ کان نٿي روڪيو، جو اهڙي ڪنهن به موقعي تي هو سڀ اديبن ۽ شاعرن جي ٿيندڙ احتجاجن جا ماريل ۽ ڊنل هئا. پوليس وارا هڪ طرف خاموش بيٺل هئا. سرڪاري کاتي جي ننڍن عملدارن قيمتي ڪپڙا پهري آيل مهمانن کي سلام پئي ڪيو، جڏهن ته سادن سودن ڪپڙن ۾ آيل مهمانن کي ڏسي هُنن مُنهن ڦيري پئي ڇڏيو. جڏهن بزرگ شخص دروازي وٽ پهتو ته اهي ننڍا عملدار اِهو فيصلو نه ڪري سگهيا ته انهيءَ شخص کي سلام ڪجي يا مُنهن ڦيري ڇڏجي. ننڍا عملدار اڃا انهيءَ سوچ ۾ ئي هئا ته بزرگ شخص سندن پاسي مان گذري اندر هليو ويو.
    اندر راهداريءَ ۾ سرڪاري کاتي جا وِچولا عملدار بيٺل هئا، جن قيمتي ڪپڙن وارن سان هٿ ملائي کين کيڪاري اڳيان واري دروازي طرف پئي موڪليو ۽ سادن سودن ڪپڙن وارن مهمانن کي پري کان ئي هٿ جي اِشاري سان هال جي پوئين در ڏانهن پئي هڪليو! بزرگ شخص جو راهداريءَ ۾ به ٻاهرين دروازي جهڙو ئي استقبال ٿيو، جو نه ته کيس ڪنهن پوئين در ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڏنو ۽ نه ئي وري سرڪاري اداري جي ڪنهن وچولي عملدار ساڻس هٿ ملائي آجيان ڪئي. بزرگ شخص خاموشيءَ سان اڳئين دروازي مان هال ۾ اندر هليو ويو.
    هال ۾ اند داخل ٿيڻ شرط بزرگ شخص کي حيرت لڳي جو هال جون ڪيتريون ئي ڪرسيون خالي هيون. هال ۾ اندر موجود ماڻهن کان ته هال جي ٻاهران پاڻ ۾ ڪچهريون ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ هئا! بزرگ شخص پهرين قطار ۾ رکيل هڪ صوفا تي وڃي ويهي رهيو. ڀرسان قيمتي ڪپڙا پهري ويٺل شخص هڪ لمحي لاءِ ٿورو حيرت مان بزرگ شخص طرف ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ ورائي ڇڏيو. بزرگ شخص اسٽيج طرف ڏٺو. اسٽيج تي هڪ وزير۽ سرڪاري کاتي جي هڪ وڏي عملدار سميت ڊزن کن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالم ۽ اديب ويٺل هئا. هڪ عالم تقرير ڪري رهيو هو، پر اسٽيج توڙي هال ۾ ويٺل ڪنهن به ماڻهوءَ جي عالم صاحب جي تقرير سان ڪابه دلچسپي نه هئي. بزرگ شخص کي ماڻهن جي اهڙي رويي تي سخت افسوس ٿيو ۽ هن سڀني ماڻهن جي اهڙي رويي کي نظرانداز ڪري غور سان انهِيءَ عالم جي تقرير ٻڌڻ شروع ڪئي. اهو عالم ڪيتري دير تائين ڳالهائيندو رهيو، پر سندس علم جي خزاني مان نڪو معني جو موتي نڪتو ۽ نه ئي ڪو سندس گفتگو جو مقصد ۽ مطلب واضح ٿي سگهيو! انهيءَ عالم صاحب کان پوءِ ڪيترائي عالم فاضل، اسڪالر، دانشور، علامه ۽ ماهرِلطيفيات اسٽيج تي آيا ۽ ڊگهيون تقريرون ڪيائون، پر وريو ڪجهه به ڪونه! وقت گذرندو رهيو، ڊگهيون بي مقصد ۽ بي مطلب تقريرون ٿينديون رهيون ۽ هال ۾ توڙي اسٽيج تي ويٺل ماڻهن ۾ بيچيني پکڙبي رهي. بزرگ شخص خاموشيءَ سان اهو سڀ ڪجهه ٻڌندو، برداشت ڪندو ۽ مشاهدو ماڻيندو رهيو.
    هال ۾ هيٺ ويٺل عالمن جي اَبن تقريرون پوريون ڪيون ته ”شاه لطيف عالمي ادبي ڪانفرنس“ جي اسٽيج تي ويٺل ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، اديبن، دانشورن ۽ اسڪالرن جو وارو آيو. بزرگ شخص انهن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، اديبن، دانشورن ۽ اسڪالرن ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڌَريو ۽ کين وڌيڪ غور سان ٻڌڻ شروع ڪيو، پر ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگههَ هئا! شام تائين مٿي ۾ سور وجهندڙ ڊگهيون ۽ بي لاڀ تقريرون ٿينديون رهيون ۽ سڀئي ويٺل ماڻهو بُکَ ۾ پاههُ ٿيندا رهيا. بزرگ شخص کي محسوس ٿيو ته دَٻي ۾ ساڳيون ئي ٺڪريون هيون، پوءِ اهي فرش تي پيل هُجن يا کڻي عرش تي رکجن! بزرگ شخص خاموش رهيو. خاموشيءَ سان مشاهدو ماڻيندو رهيو. کيس انهن ڏيهي ۽ پرڏيهي عالمن، فاضلن، اديبن، دانشورن، اسڪالرن، علامائن ۽ عالمن جي اَبن جي حالت تي ڏاڍو رحم آيو. آخر ۾ جڏهن وزير صاحب کي ڪانفرنس جي صدارتي تقرير لاءِ سَڏُ ٿيو ته اوچتو ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه هال ۾ اندر ڌوڪي آيو. هال ٻاهران بيٺل سمورا ماڻهو اندر هليا آيا هئا. هال جون سموريون خالي ڪرسيون ته ڀرجي ويون، پر هال ۾ بيهڻ جي به ڪا جاءِ نه بچي هئي. ڪيترا ماڻهو دروازن م ڳاهٽ ٿيا بيٺا هئا ۽ زوريءَ اندر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر وڌيڪ گنجائش نه هجڻ ڪري انهن ماڻهن کي اندر اچڻ جي ڪا وِٿِي نه پئي ملي. بزرگ شخص کي وزير صاحب لاءِ ماڻهن ۾ ايڏي حُبَ ۽ اُڪيرَ ڏسي ٿوري حيرت لڳي ۽ هُن سوچيو، شايد اِهو وزير خدا جي خلق جو حقيقي هَڏَ ڏوکي انسان آهي، جنهن جي تقرير ٻڌڻ لاءِ سڄي خلق شام تائين انتظار جو ڪشالو ڪيو آهي. وزير صاحب پنهنجي هيڻي حال سارو ڳالهائي پنهجي ڪرسيءَ تي ويٺو مس ۽ مانيءَ جو اعلان اڃا پورو ئي نه ٿيو ته هال ۾ وٺ وٺان شروع ٿي وئي. ويٺل توڙي بيٺل سڀئي ماڻهو، هال جي ٻئي طرف کُلندڙ هڪڙي ئي دروازي طرف ڀَڳا ۽ هڪ ٻئي تي ڪِرندا ۽ ڊوڙندا رهيا. تڏهن بزرگ شخص کي اندازو ٿيو ته اهي سڀ ماڻهو وزير صاحب جا عقيدتمند يا سندس تقرير ٻُڌڻ جي انتظار ۾ نه ، پر مانيءَ جي انتظار ۾ هئا. بزرگ شخص پنهنجي اڳيان ڊوڙندڙ ماڻهن ڏانهن ڏسندي، پنهنجا پير ٿورو پوئتي ڪري ويهي رهيو. وزيرصاحب ۽ اسٽيج تي ويٺل سڀئي عالم، فاضل، اسڪالر، اديب، دانشور، ماهرِلطيفيات، علامه ۽ عالمن جا ابا اسٽيج تي ئي ماني اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا. جڏهن بزرگ شخص جي اڳيان ڊوڙندڙ ماڻهو گذري ويا ته بزرگ شخص پنهنجي جاءِ تان اُٿيو ۽ هال کان ٻاهر نڪري ويو.

    ٽيون ڏينهن

    بزرگ شخص جڏهن راڳ رنگ جي محفل ۽ ايوراڊ ورهائڻ واري تقريب جو مشاهدو ڪرڻ لاءِ شاه عبداللطيف آڊيٽوريم جي اڳيان پهتو ته هن ماڻهن جي ڏاڍي پيههَ ڏٺي. ڪيترائي ڏنڊي بردار پوليس جا سپاهي اُنهيءَ هجوم جو رستو روڪي بيٺا هئا. انهن ڏنڊي بردار سپاهين جي پٺيان ڪجهه فاصلي تي پوليس جا ڪجهه وچولا ۽ وڏا عملدار به موجود هئا. آڊيٽوريم ۾ فقط انهيءَ ماڻهوءَ کي اندر ڇڏيو پئي ويو، جنهن جي هٿ ۾ انهيءَ تقريب جو جاري ڪيل خصوصي ڪارڊ موجود هو. بزرگ شخص کي هر صورت ۾ ٽن ڏينهن جي ميلي واري انهيءَ پڄاڻيءَ واري تقريب جو مشاهدو ڪرڻو هو، ان ڪري هو ماڻهن جي ميڙ مان اڳتي وڌيو. هٿ ۾ خصوصي ڪارڊ نه هئڻ باوجود سپاهين سندس رستو نه روڪيو ۽ هو اڳتي وڌي ويو. نه ئي پوليس جي ڪنهن وچولي يا وڏي عملدار جي مٿس ڪا نظر پئي، ان ڪري بزرگ شخص بنا ڪنهن رڪاوٽ جي آڊيٽوريم ۾ اندر هليو ويو.
    آڊيٽوريم جي اسٽيج تي تجلا ڏيندڙ روشنين جي وچ ۾ ، َڀڙڪِيلا ڪپڙا پهريل ڪا ننڍي نيٽي سهڻي ڳائڻي مائيڪ هٿ ۾ جهلي، بيٺل حالت ۾ ڳائي به رهي هئي ۽ پنهنجي جسم کي لوڏا به ڏئي رهي هئي. سهڻي ڳائڻيءَ جي چوڌاري ڪيترائي نوجوان ڇوڪرا جهَنگَ جي ٻَڪرَن جيان ٺينگ ٽپا به ڏئي رهيا هئا ۽ ڏند ٽيڙي پنهنجن ڏندَن جو نماءُ به ڪري رهيا هئا. بزرگ شخص خاموشيءَ سان، آڊيٽوريم ۾ ويٺل ماڻهن جي پهرين قطار طرف وڌي ويو. پهرين قطار ۾ پرڳڻي جو حڪمران، ڪجهه وزير مُشير ۽ وڏا سرڪاري عملدار ويٺل هئا. ڪجهه ڪرسيون خالي به پيل هيون پر انهن خالي ڪرسين تي ڪنهن کي به ويهڻ جي جرئت نه ٿي رهي هئي، جو حڪمرانن واري انهيءَ حصي ۾ چوڌاري ورديءَ ۽ بنا ورديءَ وارا ڪيترا عملدار باادب ۽ باملاحضه هوشيار جهڙي حالت ۾ بيٺل هئا. بزرگ شخص پهرين قطار وارين ڪرسين وٽ پهتو ته انهن باادب ۽ باملاحضه هوشيار عملدارن جي پَتِ وائکي ٿي پئي ۽ بزرگ شخص، حڪمرانن کان پرتي وڃي هڪ خالي ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. بزرگ شخص ڪنڌ جُهڪائي اکيون بند ڪري ڇڏيون، جو هُن اسٽيج تي جسم لوڏينڙ ڳائڻيءَ ۽ سندس چوڌاري جهنگ جي ٻڪرن جيان ٺينگ ٽپا ڏيندڙ ۽ ڏند ٽيڙي پنهنجن ڏندَن جو نماءُ ڪندڙ نوجوانن ڏانهن ڏسڻ نٿي چاهيو. جسم لوڏينڙ ڳائڻيءَ کان پوءِ ٻيا ڪيترا راڳي به اسٽيج تي آيا ۽ انهن ڳائڻ کان اڳ ۾ پنهنجي تعريف پاڻ ڪري، پوءِ ڏاڍا پَلٽا هنيا ۽ ڳائڻ جي وچ وچ ۾ حاضرين کي تاڙيون وڄائي کين داد ڏين لاءِ التجائون به ڪندا رهيا. بزرگ شخص کي حيرت لڳي ته انهن سڀني راڳين شاه لطيف جي ميلي جي موسيقيءَ واري هن محفل ۾ ، شاه جي ڪلام بدران ٻين الائجي ڪهڙن شاعرن جو ڇَسو ۽ ٻُسو ڪلام ڳايو هو. ان ڪري بزرگ شخص لڳاتار پنهنجي مٿي تي هَٿَ رکي اهو سارو لڪاءُ ڏسندو رهيو. اوچتو جڏهن ڪنهن گَوَيي کي وڏن لقبن القابن سان سڏ ڪري حاضرين کي ٻڌايو ويو ته راڳ ۽ موسيقيءَ جو اِهو وڏو ماهر گَوَيو شاه سائينءَ جو ڪلام پيش ڪندو ته حڪمرانن سميت آڊيٽوريم ۾ موجود سڀني ماڻهن چڱي دير تائين انهيءَ گَوَيي جي تاڙيون وڄائي آجيان ڪئي. بزرگ شخص پنهنجي مٿي تي رکيل هٿُ هٽائي ڇڏيو ۽ اسٽيج ڏانهن ڏٺو. اهو وڏو گَوَيو ڪيتري دير تائين کنگهڪار ڪندو، سازندن کي هدايتون ڏيندو ۽ باجي کي لوڏيندو رهيو ۽ ويٺل ماڻهن جو وقت وڃائيندو رهيو. ڪافي وقت وڃائڻ کان پوءِ جڏهن انهيءَ مها راڳيءَ ڳائڻ شروع ڪيو، تڏهن به اهو ماڻهن جو وقت ئي وڃائيندو رهيو! شاه جي ڪلام جي رمز کان اڻواقف راڳيءَ کان شاه جو ڪلام ٻڌي بزرگ شخص مونجهه محسوس ڪري هڪ ڊگهو ساه کنيو. کيس محسوس ٿيو ته راڳ جي هن محفل ۾ به ادبي ڪانفرنس جيان دَٻي ۾ ٺڪريون ئي آهن، جنهن ڪري بزرگ شخص پنهنجو ڪنڌ ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي رکي، اوپن ايئر آڊيٽوريم منجهان آسمان ڏانهن ڏٺو، جتي اڪيلو چنڊُ کِڙيل هو ۽ چنڊ جي ڀرسان ڪوبه ستارو موجود نه هو.... بزرگ شخص آسمان تان نظر تڏهن هيٺ ڪئي، جڏهن شاه سائينءَ جي نالي سان ”شاه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ“ ورهائڻ جواعلان ڪيو ويو. جڏهن پرڳڻي جي حڪمران هٿان ايوارڊن جي ورهاست شروع ٿي ته شاه سائينءَ جي نالي سان اهڙن اهڙن ماڻهن کي ايوارڊن سان نوازيو ويو جو ، بزرگ شخص مُنهن ڦيري ڇڏيو ۽ اٿي آڊيٽوريم کان ٻاهر هليو ويو.
    ميلي جي ٽن ڏينهن جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ، رات جي پوئين پهر ۾ شاه سائينءَ جي درگاه ڏانهن ويندي، بزرگ شخص پنهنجي ذهن تي وڏو بوجهه محسوس ڪري رهيو هو. کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته وجود جو ورق ڌوئي صاف ڪرڻ بجاءِ اهو مانڌاڻ ڇو ٿو مچايو وڃي!
    رات جي آخري پهر ۾ بزرگ شخص جڏهن شاه سائينءَ جي درگاه جي اڱڻ ۾ پهتو، ته درگاه جا راڳي فقير وجد ۽ بي خوديءَ واري حالت ۾ شاه سائينءَ جو ڪلام ڳائي رهيا هئا. شاه جي راڳي فقيرن آڏو ويٺل ماڻهن مٿان به بي خوديءَ جهڙي ڪيفيت ڇانيل هئي. راڳي فقيرن ڏانهن ڏسندي بزرگ شخص جي چهري تي پيار ۽ ٻاجهه ڀَري هلڪي مُرڪ اچي وئي. بزرگ شخص آهستي آهستي هلندو اچي راڳي فقيرن جي سامهون ويهي رهيو. شاه جا فقير وجد ۽ بي خوديءَ واري حالت ۾ ئي رهيا، ڄڻ سندن وجود جي رَڳَ رَڳَ تنبوري جي تار بڻجي اُنهن جي روح اندر وڄي رهي هئي...

    صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو...

    راڳي فقير بند اکين سان بي خوديءَ واري حالت ۾ ڳائيندا رهيا. ائين، ڄڻ پنهنجي وجود جي ورق کي ڌوئي صاف ڪندا هجن ۽ پنهنجو اندرُ اُجاريندا هجن. ڪلام پورو ڪري جڏهن راڳي فقيرن پنهجا جُهڪيل ڪنڌَ کڻي اکيون کوليون ته سڀئي فقير ڇرڪي پيا. ڪي لمحا ته سڀئي فقير حيرتن جا بُتَ بڻيا رهيا ۽ پوءِ وڏو فقير اٿيو ته ٻين فقيرن کي به هوش آيو ۽ انهن قطار ۾ وڏي فقير جي ڪڍ هلڻ شروع ڪيو. وڏي فقير نهايت ادب ۽ احترام سان پنهنجا ٻئي ڏڪندڙ هٿ وڃي بزرگ شخص جي پيرن تي رکيا. بزرگ شخص پنهنجي جاءِ تي ويٺي ويٺي ئي پنهنجائپ ۽ شفقت واري هڪلي مُرڪَ مُرڪي، پيار سان فقير جي پُٺي ٺَپي ۽ فقير هَٿَ ٻَڌي ٿورو پوئتي ٿي ويو. واري واري سان سڀني راڳي فقيرن بزرگ شخص جا پير ڇُهيا، پنهنجي پُٺي ٺپرائي ۽ عقيدت سان ٻانهون ٻڌي بيهي رهيا. بزرگ شخص پنهنجي جاءِ تان اٿيو. هُن پيار ۽ پنهنجائپ واري نظر سان هڪ وار پنهنجي سامهون بيٺل فقيرن ڏانهن ڏٺو. پوءِ ڪنڌ ورائي ساڳئِي پيار ۽ پنهنجائپ واري نظر سان فرش تي ويٺل ماڻهن طرف ڏٺائين ۽ اڳتي وڌي ويو.
    صبح ٿيڻ ۾ اڃا دير هئي. شاه لطيف جي مزار جو دروازو اڃا بند هو، پر اُهو بزرگ شخص باوقار انداز سان آهستي آهستي هلندو، بند ٿيل دروازي منجهان ئي مزار اندر هليو ويو!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو