صُورَتَ سُوجِھ مَ تَنهِنجِي، پِيُ پُڇِين ٿو جو سُخُنُ ناهَي سو، جو مُنهَن مُقابِلِ نَہ ٿِيَي سُرُ آسا صُورَتَ = چهرو، پيشاني، مُنهُن سُوجِھ = ڳول، تلاش ڪر مَ = نہ تَنهِنجِي = اُن جي پِيُ = پرين، محبوب پُڇِين ٿو جو = جنهن کي معلوم ڪرڻ چاهين ٿو سُخُنُ = ٻولُ، گفتگو، ڪچهري مُنهَن مُقابِلِ = روبرو، آمهون سامهون بيت جو پس منظر ~ ان جَي صورت جِي ڳولا نہ ڪر، جنهن محبوب کي ڳولين ٿو. ~ انهن لفظن کي گفتگو نہ چئبو، جيڪي پرپٺ ڳالهايا وڃن. سمجهاڻي ڪنهن سان گفتگو يا ڪچهري ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ اهو توهان جي سامهون ويٺل هجي. اڪيلائيءَ ۾ پنهنجي منهن ويهي اندر جا احوال اورڻ کي گفتگو نٿو چئي سگهجي. ايئين ئي محبوب حقيقي يعني مولا پاڪ جي صورت کي ڳولڻ جي ڪوشش نہ ڪر، ڇو تہ هنن اکين سان تون ڏسي نہ سگهندين. اچو تہ ڀٽائيءَ کان ئي معلوم ڪيون تہ پوءِ کيس ڪيئن ڏسي سگهبو؟ ” پرين سي پسن، ٻيئي جنين ٻُوٽِيُون “ ڀٽائي چئي ٿو ته هنن اکين کي جڏهن بند ڪندين تہ پوءِ اندرئينءَ اک سان کيس ڏسي سگهدين. ٻئي هنڌ ڀٽائي چئي ٿوته ”ڪوڙين ڪايائون تنهنجون، لکن لک هزار “ ؛ اي محبوب ! هن ڪائنات ۾ جيڪي هزارين، لکين ۽ ڪروڙين مظهر ۽ صورتون آهن سي سڀ تنهنجون ئي آهن ڇو تہ تون ئي هر شئي ۾ موجود آهين. قران جي آيت آهي؛ ”ظاهِرُ و باطِنُ “ يعني پردي ۾ بہ آهي ۽ ظاهر بہ آهي. ظاهر ان کي چئبو آهي جنهن کي ڏسي سگهبو آهي. _____ چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل