• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان مشاعرو

صاحبڏنو شيخ

سينيئر رڪن
هن سال ايڪتا ڏهاڙو 13 نومبر 2015 تي ملهائڻ جي اعلان کانپو سنڌجي سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جون جوسرگرميون عروج تي آهن تازو سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين طرفان ايڪتا ڏهاڙي جي سلسلي ۾يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لا مُشاعرو منعقد ڪرڻ جي سلسلي ۾ انڊس پبلڪ اسڪول بدين ۾ ويهڪ ٿي گُذري جنهن جي صدارت صاحبڏنو شيخ ڪئي مذڪوره ويهڪ ۾ بدين جي نوجوان شاعرن اديبن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي ان موقعي تي بدين جي مشهور شاعر امرسومري نجم الهڏتو امر انصاري ۽ ٻين پنهنجون تخليقون پيش ڪيون ان موقعي تي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر اياز دانش پنهنجو طويل ترين نظم ”سڀ ڪجهه سکبوناهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾“ جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ان جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌي ويئي ۽ تنقيدي نشست ۾ ان تي تنقيد پڻ ڪئي ويئي.
هن ويهڪ ۾فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ جمع جي ڏينهن شام جو 7 بجي ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان ايوان صحافت جي هال۾ مشاعرو منقد ڪيو ويندو جنهن ۾ سمورن شاعرن اديبن کي ڀرپور شرڪت جي لاءِ گُذارش ڪئي ويندي ايڪتا ڏهاڙي دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ بدين جي سمورن دوستن کي سمورين سرگرمين ۾ اڳتي وڌي حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ويئي.
بعد ۾ صدارتي خطاب کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت جي ويهڪ پُڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ويهڪ جي صدر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيوته : اسان جي شاعري اسان جي تخليقڪارن جي جذبن جو اپٽار ڪري ٿي هي لطيف سائين ۽ اياز جو هڪ تسلسل آهي جيڪو صدين تائين هلندو رهندو اسان جي شاعري توڙي لکڻين ۾پهلو منفي بجاءِ مثبت هئڻ گهرجن تڏهن ئي اسين پنهنجو پيغام اثرائتي نموني سان ڦهلائي سگهنداسين لاڙ ۾ ادبي سماجي تهذيبي سرگرمين ۾ شيخ سومار مرحوم جي وفات کانپوء پيدا ٿيل ماٺارِ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڏڻ گهرجي.
 
Back
Top