• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز شريف کي ياد رکڻ گهرجي ته هو پاڪستان جو وزيراعظم آهي، پنجاب جو نه

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
وزيراعظم نواز شريف پيرس ۾ هلندڙ عالمي ماحولياتي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو آهي پر شايد کيس خبر ڪونهي ته پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف جي اجائي ضد سبب انڊس ڊيلٽا جيڪا دنيا جي ڇهين وڏي ڊيلٽا آهي سا تباهه ٿي وئي آهي ڇاڪاڻ ته اها سنڌ ۾ آهي پر جيڪڏهن انڊس ڊيلٽا پنجاب ۾ هجي ها ته پڪ سان پنجاب ان کي هرگز تباهه ٿيڻ ڪونه ڏئي ها ـ ڊيلٽا جي تباهي انهيءَ ڪري ٿي رهي آهي جو سال 1991 واري پاڻي معاھدي موجب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم ايَ ايف لازمي پاڻي ڇڏڻو آهي پر پنجاب جي اجائي ضد سبب معاھدي کي 23 ورهيه گذرڻ جي باوجود انهيءَ تي عمل ڪونه ٿي سگھيو آهي ـ جنهن ڪري ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ سنڌي سمنڊ يعني عربي سمنڊ جي وچ واري علائقي ۾ رهندڙ 26 لک ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن جيتوڻيڪ اهي انسان، مسلمان، پاڪستاني ۽ سنڌي آهن، شايد پنجابي نه هئڻ جي کين سزا ڏني پئي وڃي ـ
هاڻ وزيراعظم نواز شريف پيرس ۾ هلندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو آهي جت هو ماحولياتي تباهيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندو پر شايد کيس خبر ڪانهي ته دنيا جي ڇهين وڏي انڊس ڊيلٽا سنڌ ۾ آهي ۽ انهيءَ کي بچائڻ لاءِ هو ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي ـ نواز شريف کي ياد رکڻ گهرجي ته هو پاڪستان جو وزيراعظم آهي، پنجاب جو وزيراعظم ڪونهي ـ
 
Back
Top