ماجد ڀرڳڙي، صادق فقير ۽ علي نواز وڳڻ لاءِ لطيف ايوارڊ

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2015۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    حضرت شاهه عبداللطيف رحمته الله عليه جي 272 هين عرس جي پڄاڻي ٿي وئي، عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه لطيف ايوارڊ تقريب دوران زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ کي شاهه لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. ثقافت کاتي بابت وڏي وزير جي صلاحڪار شرميلا فاروقي، صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ ۽ ٻين شاهه لطيف ايوارڊ تقريب ۾ ايوارڊ ورهايا. جن ۾ شاهه جي راڳي جو ايوارڊ سيد علي ياور عرف گدا حسين شاهه، بهترين فنڪار جو ايوارڊ مرحوم صادق فقير، بهترين فنڪاره جو ايوارڊ تاج مستاني، بهترين سازندي جو ايوارڊ محمد آچر، بهترين سگهڙ جو ايوارڊ حاجي علي نواز وڳڻ، لائف ٽائم اچيومينٽ جو ايوارڊ سارنگ فقير، انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائڻ ۽ سنڌي زبان جي ترويج لاءِ ڪيل خدمتن عيوض عبدالماجد ڀرڳڙي ۽ اسپيشل ميڊيا پرسن لاءِ امتياز مير کي شاهه لطيف ايوارڊ ۽ پهريون ڀيرو 50 هزار ڪيش انعام ڏنا ويا.زرعي ۽ صنعتي شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي تي محمد اڪبر سومرو، محمد آچر ڪيريو، قربان علي، سوشل ويلفيئر جو ايوارڊ امتياز رحيم لاکو.چوپائي مال جي بهترين پالنا جو ايوارڊ، بشير ابڙو، ارباب احمد ناهيون کي شيلڊون ڏنيون ويون. شاگردن وچ ۾ شاهه لطيف بابت ڪرايل سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ مضمون نگاري جي مقابلن جا ايوارڊ اردوءَ ۾ جويريا اسد، فلڪ ناز، محسن علي، انگريزي ٻوليءَ ۾ ميرپور جي ساره الاهي، ڪراچيءَ جي سمن لوهاڻا، راولپنڊي جي فاطمه واجد، سنڌي زبان ۾ بهترين مضمون لکڻ تي ثقلين مسعود، سميره حق جلباڻي ۽ فريحه گبول کي ليپ ٽاپ ۽ سرٽيفيڪيٽ جا انعام ڏنا ويا.شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 272 هين عرس مبارڪ جي آخري ڏهاڙي جي تقريبن ۾ درگاهه ڀٽائي جي گادينشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي ڀٽائي سرڪار جو لباس (هال ڌاڳا) اوڍي عقيدتمندن، پانڌيئڙن ۽ مريدن کي ديدار ڪرايو، سيد وقار حسين شاهه ڀٽ ڌڻيءَ جو لباس اوڍي درگاهه جي اڱڻ تي اجتماعي دعا پڻ ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي، انهي موقعي تي شاهه لطيف جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه پنهنجو پيغام ڏيندي چيو ته شاهه ڀٽائي جي سموري ڪلام ۾ امن، محبت ۽ڀائيچاري جو درس ملي ٿو، انهي تي عمل ڪرڻ سان محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪري سگهجي ٿي، هن چيو تـ ملڪ ۾ وڌندڙ انتها پسندي ۽ دهشت گردي جي رستا روڪ شاهه لطيف جي ڪلام ذريعي ئي ڪري سگهجي ٿي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هنن شخصيتن کي اوارڊ ملڻ تي خوشي ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو