نذير احمد لغاري ڪوشش جهاد جو مطلب ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪنهن چيو نادان مارڻ ڪي مرڻ آهي. محبوب جي رضا خاطر نوڙت ۽ نياز گهرجي، انا کي اُڇلاءِ پري، سر سجدي ۾ ڌرڻ آهي. ڪري ڪنارا ڪشي گناهن کان سنڀالي وٺ، صحيح سالم وري واپس وجود ۾ ورڻ آهي. زندگي جا هي لمحا گذرڻا آهن، ويندا گذري، حياتي هڪ دفعو آ ملي، نڪي موت ۾ ٽرڻ آهي. ڪريو ڪو بلو ابدي آرام گاھ ڏانهن هلڻ جو، دنيا رڳو چار ڏينهن جو چسڪو ۽ چاهت ۾ چرڻ آهي. رڳو ٻين جا عيب اُڀاري وقت نه وڃايو هر هر، پاڻ پڏائڻ پاڻ اندر جي کوٽ ۾ کرڻ آهي. هن دنيا ۾ جا ٿي پوکي، تِنهنجو اڳيان آهي لابارو، نذير وٺ نفس کان ڪم اهڙو، جو روح ۾ ڀرڻ آهي.