ڪوشش

نذير احمد لغاري

سينيئر رڪن
نذير احمد لغاري

ڪوشش

جهاد جو مطلب ڪوشش ڪرڻ آهي،

ڪنهن چيو نادان مارڻ ڪي مرڻ آهي.


محبوب جي رضا خاطر نوڙت ۽ نياز گهرجي،

انا کي اُڇلاءِ پري، سر سجدي ۾ ڌرڻ آهي.


ڪري ڪنارا ڪشي گناهن کان سنڀالي وٺ،

صحيح سالم وري واپس وجود ۾ ورڻ آهي.


زندگي جا هي لمحا گذرڻا آهن، ويندا گذري،

حياتي هڪ دفعو آ ملي، نڪي موت ۾ ٽرڻ آهي.


ڪريو ڪو بلو ابدي آرام گاھ ڏانهن هلڻ جو،

دنيا رڳو چار ڏينهن جو چسڪو ۽ چاهت ۾ چرڻ آهي.



رڳو ٻين جا عيب اُڀاري وقت نه وڃايو هر هر،

پاڻ پڏائڻ پاڻ اندر جي کوٽ ۾ کرڻ آهي.


هن دنيا ۾ جا ٿي پوکي، تِنهنجو اڳيان آهي لابارو،

نذير وٺ نفس کان ڪم اهڙو، جو روح ۾ ڀرڻ آهي.
 
Back
Top