ڌرتي سان گڏ ڌڙڪي پيئي منهنجي دل درازن جهڙي اوڏن جهڙي.رازن جهڙِي اهڙو ديس اڏڻ ٿي چاهي ڪو به نه ڏاڍو.هيڻو هوندو هرڪو پاڻ_وهيڻو هوندو ڪوبه وڏيرو وڌ نه هوندو ڌرتي جو ڪو اڌ نه هوندو سڀني جا حق ساڳي هوندا راڄُ ڪندا اُت راڳي هوندا سڀئي ڌرم سريکا هوندا ڪائي ذات ۽ پات نه هوندي ڏات ته هوندي ڏانُ به هوندو هرڻي جهڙو هانُ به هوندو ڪوئي ڊپ ۽ ڊاءَ نه هوندو ڀوتارن جو ڀاءَ نه هوندو ڊاڪو توڻي ڊانءُ نه هوندو ان جو ڪو ارمان نه هوندو بک وگهي ڪو ڀيل نه مرندو ٻار ٻَري ۾ ڪو به نه ٻرندو ڪا به نه ڳڻتي چنتا هوندي جوءِ ڌڃاڻي جنتا هوندي ڪو نه مُجيري ماري هوندو ڪو به نه سِرڙيو هاري هوندو ڪين مڄوءَ جي مرضي هلندي ڪير نه ڪنهن جو قرضي هوندو ماڻهوءَ جو جت مانُ به هوندو دردن جو درمان به هوندو آجو هر انسان به هوندو ماضي جن جو مُهذب هوندو آئيندو ڀي اجرو ٿيندو ڌن به هوندو ڌڻ به هوندو وينگي جو هر وڻ به هوندو روهيڙي جا رنگ به هوندا بوڙينڊا ۽ چنگ به هوندا مور پکيءَ جا کيڙا هوندا ڳيرا بازن ڀيڙا هوندا خوشبو هوندي،کيٽ به هوندا چانڊوڪيون ۽ چيٽ به هوندا عشق جتي بي اونو هوندو کوهن تي ڪي کينچل ٿيندا جن کي ڪائي جهل نه هوندي ڪا به ٻيائي ٽلَ نه هوندي هر ڪو پنهنجو ميت سڏيندو گوڏو،گوڏي ساڻ گڏيندو ڳالهين جا ڪي ڳوٺ اڏيندو سرخ سويرو ظاهر ٿيندو ڪاري رات ڪميڻي کٽندي ڀوريَ ڀونءِ تي باک به ڦٽندي نيٺ ته ڌنئرو ڏينهن به ٿيندو نت نڪورو نينهن به ٿيندو مرڪ نه ڪائي ميري ٿيندي نيڻ نه ڪنهن جا آلا ٿيندا هڙئي هيج حوالا ٿيندا منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا نم جي وڻ جي ڇائون ٿيندا ڌرتي لاءِ دعائون ٿيندا ڪاوش اخبار تان ورتل