• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبد الغفار تبسم ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو، يادن ڪو ورق اٿلايو هئو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

عبد الغفار تبسم


ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو،
يادن ڪو ورق اٿلايو هئو۔

تو مرڪي ڏٺو هئو مون ڏي مٺا،
مان شرم وچان شرمايو هئو۔

ناراض ٿيڻ تي تو مونکي،
ڪي پهر ويهي پرچايو هئو۔

تنهن جي ڌار ٿيڻ تي مان روئي ڏنو،
تو سياڻن جيان سمجهايو هئو۔​
 
Back
Top