ڪتاب تي تبصرو : ڪتاب : ها مين جن هون، ليکڪ: ڊاڪٽر شفيع منصوري، تبصرو : رسول بخش جوڻيجو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2015۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    [​IMG]

    ڪتاب : “ها مين جن هون”. ليکڪ : ڊاڪٽر شفيع منصوري

    آخر اسان جي قوم ڪيستائين جنن جي نالي تي بيوقوف بڻجندي؟

    تبصرو: رسول بخش جوڻيجو

    اردو زبان ۾ هي ڪتاب “ها مين جن هون ” جي نالي سان لکيل آهي، جنهن جو ليکڪ مشهور نفسياتي ماهر ڊاڪٽر شفيع منصوري آهي، جنهن تمام وڏي تحقيق ، قرآن ۽ سائنس جي مطالعي کانپوءِ هن ڪتاب کي تخليقي عمل ۾ آندو.

    ليکڪ جو تعارف: ڊاڪٽر شفيع منصوري هڪ مشهور نفسياتي ماهر آهي، سندس تعلق ڪراچي سان آهي، ابتدائي تعليم دهلي اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪيائين، انٽر ڊي جي ڪاليج ۽ ايم بي بي ايس ڊاءُ ميڊيڪل ڪاليج مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ويسٽ چيٽر ميڊيڪل سينٽر آمريڪا مان سائڪا ٽري جي اعلي تعليم حاصل ڪيائين. اڄڪلهه ڊاڪٽر صاحب دارالصحت اسپتال، سنڌ نفسياتي اسپتال ۽ مشهور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي سينٽر ( آءِ بي ايس ڪراچي) ۾ سائڪاٽرسٽ جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

    مون هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي سنڌي قوم سان شيئر ڪرڻ تمام ضروري سمجهيم ۽ اهو مون تي هڪ قومي فرض به هو . ڇو ته اسان جي سنڌي قوم اهڙن ئي وهمن ۾ مبتلا آهي ، پيرن، عاملن ۽ ڀوپن جي رحم ڪرم تي آهي. جڏهن مون هي ڪتاب پڙهيو پئي ان وقت منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال اڀري آيا ته آخر هي جن غريبن جي جهوپڙين ۾ ڇو آهن؟ ٻيو وري توهان ڏٺو هوندو ته گهٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل يا شعوري تعليم کان وانجهيل ماڻهن وٽ ئي جن کي ڏٺو ويو آهي. آخر هي جن پڙهيل لکيل باشعور ماڻهن کي ڇو نٿا لڳن؟ ٻيو جن اوباما جي وائيٽ هائوس ۽ نواز شريف ۽ زرداري جي گهر ۾ ڇو نٿو وڃي ، اتي ته وڏا عيش آهن. پوءِ آخر هنن جن غريبن يا اڻ پڙهيل ماڻهن جي ئي گهرن ۾ رهڻ کي ئي آخر ڇو چونڊيو آهي. جن جو وجود صرف ٻن قسمن جي ماڻهن وٽ هوندو آهي. هڪ قسم جو جن غريب يا جاهل وٽ هوندوآهي هن قسم جي جن کي اسان جهالت ۽ غربت جو جن چئون ته وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ٻي قسم جو جن اسان سماج ۾ رهي اهو ڏٺو آهي ته جيڪي پير پرست آهن انهن وٽ ئي جن جو تصور هوندو آهي. جن جو تصور هر ماڻهو وٽ هوندو، هر ماڻهو جي ذهن ۾ جن جي تصوير به ڀيانڪ تصور ٿيندي آهي. ٻيو وري وهم يا خوف وارو جن ماڻهن کي ورغلائي ٿو. جيئن صديون اڳ ماڻهن کان هڪڙي ڳالهه ٻڌي ويئي ته فلاڻي جڳهه ۾ جن آهي، حقيقت ۾ اتي جن هوندو به نه آهي پر پوءِ به ماڻهو جي اندر ۾ وهم ضرور هوندو آهي.

    مفاد پرست ۽ دوکيباز ڪوڙن پيرن ، جعلي عاملن ۽ ڄٽ مُلن ۽ ڀوپن لفظ “جن” جو ناجائز فائدو ورتو آهي. انهن پيرن ، عاملن ۽ ڀوپن کي ٺڳڻ لاءِ صرف ڄٽ ، غريب ئي ڇو مليا آهن، اسان جهڙن ماڻهن کي به ته ٺڳي ڏسن، اسان به ڏسون اُنهن جون ڪرامتون. رڳو جاهل يا اڻپڙهيل ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن کي پنهنجون ڪرامتون ڇو ٿا ڏيکارين؟

    غريب ۽ بي سمجهه عوام کي جسماني ته غلام رکيو ويو آهي پر لفظ “جن” جي نالي تي “پيرپرستي” جي نالي تي انهن کي روحاني غلام به رکيو ويو آهي. ڇو ته هي پير ۽ عامل جيڪڏهن ماڻهن کي سچ ٻڌائين ٿا ته جن جو ڪو وجود ناهي ته پوءِ هنن جا ڌنڌا ڪيئن هلندا؟ ماڻهو هنن جا مريد ڪيئن ٿيندا؟

    ڊاڪٽر شفيع منصوري صاحب جي هن ڪتاب ۾ 7 مضمون ۾ شامل آهن پر پاڻ ڪجهه ضروري مضمونن تي بحث ڪنداسين..

    خواب

    1.پهرين مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ خواب جو ذڪر ڪري ٿو ، جيڪو هو ڏسي ٿو جنهن ۾ جن اچي ٿو. پاڻ جن سان ڊگهي گفتگو ڪري ٿو سياسي، سماجي ، مذهبي ۽ لساني معاملن تي بحث ڪري ٿو.

    جن جي تلاش

    2. ٻي مضمون جو عنوان “جن جي تلاش” آهي. جنن بابت تحقيق ڪري ٿو، جنن کي قبرستانن، ويران آستانن ، جهر جهنگ ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ان هنڌ به وڃي ٿو جتي هن کي ٻڌايو ويندو آهي ته هتي جن آهي.. پر هُو ڪٿي به جن کي ڳولي نه سگهيو. نيٺ هڪ اسپتال ۾ وڃي ٿو مختلف وارڊن جي مريضن سان ملي ٿو پر اتي به جن هن کي نظر نه آيو ۽ نه ئي جن جو تصور يا وري آثار ملي ٿو. نيٺ ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايو ويو ته جن توهان کي هڪ وارڊ ۾ ملي سگهي ٿو، اهو آهي نفسياتي مريضن جو وارڊ . جڏهن ڊاڪٽر صاحب اُتي وڃن ٿا ته هن کي واقعي صرف اتي ئي جن نظر اچي ٿو. ڇو ته اتي ويٺل مريضن جي اڪثريت اڻپڙهيل هئي ۽ ٻهراڙين مان آيل هئي. ( مون کي ته پڙهي محسوس ٿيو ته اُهي سنڌ جي ٻهراڙين جا سنڌي هوندا) ڪنهن ٻڌايو ٿي هن کي پري جو پاڇو آهي، ڪنهن چيو جن جو اثر آهي مطلب جيترا مريض اوتريون ڳالهيون ۽ اوترا ئي جن هئا. جڏهن ڊاڪٽر منصوري صاحب ان وارڊ جي ماهر نفسيات سان ملاقات ڪري ٿو ۽ ان کي چوي ٿو ته “هنن کي اها ڳالهه ٻڌايو ڇو نٿا ته جن ٻن ڪو ڪونهي اهو ماڻهن جو وهم آهي؟” ان تي ماهر نفسيات جواب ڏنو ته “مريضن جو وڏو تعداد اڻ پڙهيل آهي ، اهو هنن جو عقيدو آهي، هنن جي پيرن چيو ته جن جو اثر آهي. مطلب پير جي ڳالهه لوهه تي لڪير آهي . ان ڪري هي نه سمجهندا، ٿورو عقيدي جي خلاف ڪجهه چيوسين ته هتان هليا ويندا.”

    جنات ۽ قرآن.

    3. هن مضمون ۾ ليکڪ جي راءِ آهي ته قرآن ۾ لفظ جن جو 22 دفعا ذڪر آيو آهي ۽ هر لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون هونديون آهن، هر معنيٰ لاءِ ڪيترائي لفظ آهن، هڪڙي ڳالهه جا تمام گهڻا مفهوم هوندا آهن ۽ هر ذهن جي سمجهڻ جي پنهنجي پنهنجي صلاحيت هوندي آهي. هڪ هنڌ قرآن مجيد ۾ جنن جو ذڪر آيو آهي ته “جنن جي قوم حضرت محمدصلعم تي ايمان آندو ۽ مسلمان ٿي.” پر اصل ۾ جن هڪ عرب قوم جي هڪ قبيلي جو نالوهو. ٻيو عربي لفظ “جن” جي لغوي معنيٰ آهي ته دور يا پري تائين نظر نه ايندڙ. قرآن شريف ۾ هڪ ٻي هنڌ جن جو ذڪر آهي ته “ جن و انس لاءِ حضرت محمدصلعم کي نبي طور موڪليوسين” انس جو مطلب آهي ته شهري آبادي ۽ جن جو مطلب شهري آبادي کان دور ۽ نظر نه ايندڙ بيابانن ۾ رهندڙ قبيلا يا ٻهراڙي آهي. قرآن مجيد ۾ هڪ ٻي هنڌ به جن جو ذڪر آيو آهي ته “ اوهان (انسانن) کان اڳ جنن کي باهه مان پيدا ڪيوسين ۽ اوهان کي مٽي مان پيدا ڪيوسين.” مطلب ته جنن جو نسل انسان کان اڳ خلقيو ويو هجي ۽شايد انسانن وانگر زمين تي خدا جي عبادت لاءِ موڪليو ويو هجي ۽ اُهي خدا جي ڏيکاريل واٽ کان ڀٽڪي ويا هجن ۽ پوءِ خدا انهن جي نسل کي زمين مان بي دخل ڪري ڇڏيو هجي. لازمي ناهي ته باهه مان پيدا ٿيل جن اهڙا ڀيانڪ هجن جهڙا اسان جي تصور ۾ اچن ٿا پر اُهي به انسانن وانگر ئي ڪا مخلوق هوندي پر اُهي باهه مان پيدا ڪيا ويا ۽ اسان مٽي مان پيدا ڪيل آهيون. باهه مان پيدا ڪيل شيءِ باهه تي جيئي سگهي ٿي نڪي ڪي مٽي تي. جيئن انسان مٽي مان پيدا ڪيو ويو آهي ۽ مٽي تي ئي جيئي سگهي ٿو ، ساهه کڻي سگهي ٿو. سائنس موجب هي ڌرتي اڳ باهه جو گولو هوندي هئي ان کانپوءِ ڌرتي سج کان ڇڄي ڌار ٿي. شايد جڏهن ڌرتي باهه مان مٽي ۾ تبديل ٿي ته جن پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگهيا هجن ۽ ختم ٿي ويا هجن. جيئن انسان باهه برداشت نٿو ڪري سگهي ائين جن وري مٽي برداشت نه ڪري سگهيو هجي.

    نفسياتي بيماريون

    4. هن مضمون ۾ ليکڪ مختلف نفسياتي بيمارين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نفسياتي بيمارين تي بحث ڪيو آهي. ڳوٺن جا اڪثر ماڻهو نفسياتي بيماري کي جنن جي اثر واري بيماري سڏين ٿا. ڊاڪٽر صاحب اهو به لکيو آهي ته 1939 ۾ برصغير ۾ سڀ کان پهرين نفسيات تي ڪتاب سنڌي ٻولي ۾ ڊاڪٽر ابراهيم خليل لکيو هو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت سنڌي برصغير جي ٻين ٻولين اڳڀري هئي.

    نفسيات ۾ پنج اهم بيماريون اچي وڃن ٿيون

    (1) ڊپريشن، (2) شيزوفرينا، (3) هسٽريا، (4) مرگهي (5) اوهام

    ڊپريشن : ڊپريشن ۾ هيٺيون پنج علامتون ٿي سگهن ٿيون

    1. هر روز غمگين ۽ افسرده موڊ جو برقرار رهڻ

    2. هر روز تمام سرگرمين ۾ دلچسپي ۽ خوشي جو ختم ٿيڻ

    3. وزن ۾ مجموعي طور هر مهيني 5 سيڪڙو وزن گهٽ ٿي ويندو آهي ان ڪري بک جو به احساس ختم ٿي ويندو آهي.

    4. هر روز ننڊ جو ختم ٿيڻ يا وري وڌيڪ ننڊ اچڻ.

    5. سستي ۽ بيچيني پيدا ٿيڻ.

    علاج ۽ حل: (1) ڊپريشن جو علاج ڳالهه ٻولهه سان ڪيو وڃي ٿو. مطلب مريض سان خوشي واريون ۽ حوصلي افزائي واريون ڳالهيون ڪيون وڃن.

    (ٰ2) ٻيو طريقو ڊپريشن جي بيماري جو مشين سان علاج ڪرڻ آهي.


    شيزوفرينا: هن بيماري کي ذهن جي ڪينسر به چيو وڃي ٿو، هن بيماري جي مريض جي ڪهاڻي به تمام پراڻي آهي. هن بيماري بابت چيو ويندو هو ته هي جنن ، ڀوتن ۽ غيباطن جي ڪاروائي آهي، ڪڏهن هن کي چيو ٿي ويو ته جادو جو اثر آهي. ته ڪڏهن وري هن کي خانداني مرض به ڪوٺيو ويو. شيزو فرينا يوناني ٻولي جي ٻن لفظن شيزن ۽ فرينا جو ميلاپ آهي. شيزن جي معنيٰ انتشار جڏهن ته فرينا جي معنيٰ آهي ذهن. يعني ذهني انتشار يا بگاڙ آهي.

    علامتون:

    (1) بي ربط گفتگو يعني مريض عجيب غريب ڳالهيون ڪندو رهندو آهي

    (2) بي ربط رويو يعني مريض جو عجيب غريب رويو هوندو آهي آهي. مريض پنهنجو خيال رکي ناهي سگهندو، هن جو سماجي ورتاءُ خراب هوندو آهي. هن جا جذبا موقعي ۽ وقت جي مناسبت تي نه هوندا آهن. عجيب غريب نمونن سان پنهنجو چهرو خراب ڪندو آهي، ڪڏهن منهن بند ڪندو آهي ته ڪڏهن کوليندو آهي.

    (3) مغالڪ يعني وهم : هن علامت ۾ مريض کي لڳندو آهي ته هُو هڪ مقدس هستي آهي، ماڻهو هن جي عظمت تي سڙن ٿا، هن کي ايذاءُ پهچائڻ لاءِ سازش ڪندا آهن.

    اوهام :

    علامتون:

    (1) هن مرض ۾ مريض کي ڪنن ۾ عجيب ۽ غيبي آواز ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾اينديون آهن.

    (2)مريض جون اکيون انهن شين کي ڏسنديون آهن جنهن جو ڪو وجود ناهي هوندو.

    (3)مريض کي کنڊ جو ذائقو کارو ۽ مرچن جو ذائقو مٺو محسوس ٿيندو آهي.

    (4)مريض روز مرهه جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو آهي. الڳ الڳ ۽ چپ چاپ ٿي ويندو آهي. نه کائڻ جي فڪر هوندي آهي نه پيئڻ جي.

    (5) گهٽ ڳالهائڻ يا تمام گهڻو ڳالهائڻ هن مرض جي علامت ٿي سگهن ٿا.

    (6)مريض ڪنهن به قسم جي خوشي تي ڪو به ردعمل ظاهر ناهي ڪندو.

    هسٽريا:

    هي مرض به تمام ذهني بيمارين ۾ ڳڻجي ٿو. . هن مرض جو علامتون هيٺيون آهن.

    (1)ٽنگن ۽ ٻانهن ۾ فالج محسوس ٿيڻ

    (2) سوئي ڇڀڻ جو ڪوئي اثر نه ٿيڻ

    (3)مريض اڪثر ڏسڻ جي صلاحيت کان محروم ٿي سگهي ٿو.

    (4) مريض کي ڏڪڻي ۽ جهٽڪا محسوس ٿيندا آهن.


    مرگهي

    مرگهي به هڪ نفسياتي بيماري آهي. مريض کي دورو ايندو آهي نتيجي ۾ بي هوش ٿيندو آهي ۽ زمين تي ڪري پوندو آهي. ۽ جسم ۾ جهٽڪا به محسوس ڪندو آهي. ٻهراڙي ۾ اڪثر هن مريض کي جوتا سنگهائيندا آهن ، پر اهو طريقو غلط آهي. ڇو ته مرگهي جي دوري جو وقت ٿوري وقت لاءِ هوندو آهي پوءِ مريض ساڳي حالت ۾ اچي ويندو آهي.

    هن ڪتاب ۾ ليکڪ ٻين ڪافي موضوعن تي بحث ڪيو آهي ، جنن جا قصا ٻڌي ٿو ۽ ان تي تبصرا ڪري دليلن سان انهن جنن جي قصن کي رد ڪري ٿو.

    دوستو! آّخر ڪيستائين اسان جي قوم جنن ۽ ڪاري علم جي نالي تي بيوقوف ۽ روحاني غلام بڻجندي رهندي. ان ڪري منهنجي خيال ۾ سڀني دوستن کي هي ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي. ۽ سڀني پنهنجي دوستن ۽ پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن کي پڙهائي هن وهم جو هميشه لاءِ هن سماج مان خاتمو آڻڻو پوندو. ۽ پوءِ ئي اسان جي قوم روحاني غلامي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي.

    تبصرو : رسول بخش جوڻيجو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو