محبت جو ڪتاب ۽ سنڌ جو قومي سوال

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    محبت جو ڪتاب ۽ سنڌ جو قومي سوال​


    محسن علي جويو

    چوندا آهن ته هر شيءِ تبديل ٿئي ٿي، ۽ جيڪا شيءِ تبديل نٿي ٿئي، يا جنهن شيءِ کي بقا آهي، اها تبديلي پاڻ آهي. شين ۾، لقائن ۾ ڪٿي به ٽِڪاءُ نٿو اچي. هڪ يوناني ڏاهي ته ائين به چيو هو ته، ”هر شيءِ وهندڙ آهي“. اهڙيءَ ريت فطرت ۾ ۽ سماج ۾ پڻ تبديليءَ جو اهڙو اڻکٽ عمل روان دوان ئي رهي ٿو. ان هوندي به، تبديليءَ جا بنيادي طرح ٻه قسم آهن؛ هڪ تبديلي اها، جيڪا اوچتي ايندي آهي، ۽ سڀ ڪجهه اٿلائي پٿلائي ڇڏيندي آهي، ۽ ٻي تبديلي اها، جيڪا مرحليوار، محسوس ٿيندڙ طريقي سان ايندي آهي. تبديلين جا ٻئي مثال اسان کي مختلف ملڪن، قومن ۽ سماجن ۾، مختلف وقتن تي آيل ڏسجن ٿا.ڪاوش ا۾ سينئر صحافي علي قاضي وڏي عرصي کان سنڌ ۾ تبديليءَ واري سوال تي لکندو رهيو آهي. سندس تبديليءَ جي ڄاڻايل قسم جو تعلق ”گڊ گورننس“ يا اعليٰ حڪومتي انتظامڪاريءَ سان آهي، ۽ انهيءَ تبديليءَ جي قسم يا ماڊل کي ماڻڻ لاءِ هيل تائين جيڪا سندس راءِ آهي، ته جيڪڏهن منظم نموني ۽ رٿابنديءَ سان مختلف تڪن ۾ ورهايل تيرهن لک ووٽر گڏ ٿين ته اهڙي تبديلي اچي سگهي ٿي، ۽ اهڙي ڄاڻايل ووٽرن جي انگ جي ڪٿ لاءِ هن رجسٽريشن جو فارمولو ڏنو آهي. يعني مختلف علائقن جا ماڻهو پنهنجي پسگردائيءَ ۾ ويجهي پوندڙ شهر ۾ ڪنهن خاص موقعي تي اچي ”محبت جي ڪتاب“ ۾ پنهنجو نالو لکرائين. هڪ چيل يا ڪيل، يا ڪنهن خيال طور پيش ڪيلَ، ڪنهن بنهه وڏي آباديءَ يا عوام، يا ماڻهن جي ميڙ لاءِ ڳالهه، هر ڪنهن جو ڌيان ڇڪائيندي ۽ پيش ڪيل ڳالهه تي سوچڻ جي دعوت پڻ ڏيندي آهي، علي قاضيءَ جي پيش ڪيل ڳالهه تي به هيل تائين ڪارگر انداز ۾ بحث هلندڙ آهي. اها ڳالهه، جيڪا ووڪل ڪلاس جي هم آواز ۽ همسفر ٿيڻ کان شروع ٿي، مختلف مرحلن ۽ پيچيدگين ۽ پڻ موقفن جي ڏي وٺ ۽ تضادن ۽ وضاحتن مان پڻ گذري، هن وقت انهيءَ ووڪل ڪلاس جي ووٽرن جي صورت ۾ گڏجڻ کان پوءِ ”محبت جي ڪتاب“ ۾ تبديليءَ لاءِ نالو لکرائڻ يعني تبديليءَ لاءِ ريفرينڊم تائين وڃي پهتي آهي.
    ٻي ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اهو تعين ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي سماج ڪٿي بيٺل آهي؟ سنڌي سماج پنهنجي اصليت ۾ اڄ به وڏي حد تائين يا اڪثريت سان جاگيرداريءَ جي ڏاڪي تي بيٺل آهي. جيتوڻيڪ اهڙو جاگيردار سماج ڀُرندڙ جُهرندڙ صورتحال ۾ آهي، پر اهو ايترو ڪمزور ناهي جو انهيءَ کي ٿورڙي شعوري ڪوشش سان پَٽَ ڀر ڪيرائي سگهجي، يا اهو پاڻ ئي پنهنجي داخلي ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي وکري وڃي. سنڌي ماڻهن جي اڪثريت انهن ننڍين ننڍين جاگيردارين ۽ راڄن ۾ ورهايل آهي، انهن جاگيردارين يا راڄن جا چڱا مڙس پنهنجو سياسي پسمنظر پڻ رکن ٿا، انهن جي وڏي اڪثريت هڪ وڏي سياسي پارٽيءَ سان سلهاڙيل آهي. اهڙيءَ ريت انهن راڄن وسيلي سنڌ جو برادرين ۾ ورهايل عوام انهيءَ خاص وڏي سياسي پارٽيءَ جو ووٽر آهي، ۽ ڪنهن قدر اها وڏي وفاقي سياسي پارٽي هڪ مخصوص سياسي خاندان جي قربانين جي ڪري، پنهنجو راڄن کان آزاد ووٽ پڻ رکي ٿي. سياسي طرح سنڌي عوام انهن ننڍين جاگيردارين يا راڄن ۽ هڪ وڏي وفاقي سياسي جماعت سان، وڏيءَ حد تائين سلهاڙيل آهي. جنهن جا اثر سنڌي عوام جي نه رڳو سياسي، پر ان سان گڏ ان جي معاشي، قومي، سماجي ۽ ثقافتي زندگي تي پڻ پون ٿا. جڏهن اسان ”گڊ گورننس“ يا معياري حڪومتي انتظامڪاريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، ته ٻين لفظن ۾ اسين انهيءَ اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ جي حمايت ڪريون ٿا. ظاهر آهي ته اهڙو ڪم ڪنهن منظم رٿابنديءَ کان سواءِ عمل ۾ اچي نه سگهندو. ماڻهن کي راڄن مان ٻاهر ڪيئن ڪڍبو، انهن مختلف طبقاتي مفادن کي هڪٻئي سان ڪيئن سلهاڙبو، ۽ مختلف ۽ متضاد سوچون رکندڙ سماجي گروهن ۾ ويجهڙائي ڪيئن آڻبي؟ جاگيرداري نظام جو اسٽيٽسڪو رياستي مشينريءَ جي سهڪار سان بيٺل آهي، انهيءَ معاملي کي رياست جي مستقل مفادن کان الڳ ڪري ڪيئن بيهاربو؟! اهي سڀ وڏا سوال آهن، جيڪي تيرنهن لک ووٽرن جي گڏجڻ ۽ ”محبت جي ڪتاب“ ۾ نالي لکرائڻ کانپوءِ به سامهون اچن ٿا. انهيءَ کان سواءِ اهو به ڏسڻو آهي ته انهيءَ سموري اسٽيٽسڪو جي مخالف (پر ڪنهن قدر متبادل پڻ) سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ، سياسي پارٽيون ڪٿي بيٺيون آهن ۽ اهي ڇا ڪري سگهن ٿيون؟ هن وقت سنڌ جي قومي جماعتن ۾ ڳڻپ جوڳو يا ساراهڻ جوڳي جيڪا اڳڀرائي آيل ڏسجي ٿي ته اهي پوريءَ طرح ان نقطي تي سهمت آهن ته سنڌ کي 1940ع واري ٺهراءَ جي متن ۽ مفهوم پٽاندر آزادي ۽ خودمختياري ڏني وڃي، ۽ 1940ع جي ٺهراءَ پٽاندر ئي وفاق ۾ شامل وحدتن سان نئون سماجي معاهدو عمل ۾ آندو وڃي ۽ هڪ حقيقي وفاق بڻايو وڃي، جنهن ۾ سڀني وفاقي ايڪائين جي برابر شرڪت ۽ مساوي حقن کي يقيني بنايو وڃي. الميو هيءُ آهي ته هڪ پاسي سنڌ جي قومي جماعتن ۾ اهڙي مضبوط ذهني هم آهنگي تاريخ ۾ پهريون ڏٺي ويئي آهي ته ٻئي پاسي عوام جي اڪثريت اهڙي مثبت اڳڀرائيءَ کان بنهه الڳ ۽ اڃا به لاتعلق بڻي بيٺي آهي. هيءُ سنڌي سماج جو واقعي به الميو آهي ته جنهن عوام جون حقيقي نمائنده جماعتون هڪ وڏي عرصي کان پوءِ ڪنهن سهمتي نقطي تي پهتيون، پر عوامي سگهه اسٽيٽسڪو جي قوتن وٽ يرغمال بڻيل آهي. جيڪڏهن انهن ٻنهي ۾ ويجهڙائيءَ جي ڪا صورت نڪري اچي ته معياري تبديليءَ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا. جيستائين انهن ٽنهي شين، يعني جاگيردار طبقو، وڏي وفاقي سياسي پارٽيءَ جو اسٽيٽسڪو، سنڌي عوام ۽ سنڌ جي قومي ۽ سياسي جماعتن جي موقف کان بنهه الڳ بيٺل علي قاضي جي پنهنجي پيش ڪيل تبديليءَ واري خاڪي جو تعلق آهي، ته ڇا اهو مٿين ٽنهي شين ۽ انهن ۾ موجود انهن جي لقائن ۽ بيهڪن هوندي، پنهنجي الڳ جاءِ ڪيئن ٺاهي سگهي ٿو؟ اهو هڪ بلين ڊالر جو سوال آهي.
    بهرحال جڏهن به ڪنهن بيٺل ۽ سينوارجڻ جي ويجهو پهتل قوم، سماج ۽ ملڪ ۾ تبديليءَ جو سوال بنهه گهڻو منجهيل بڻجي وڃي، ۽ ”واٽون ويهه ٿيون“ واري ڪيفيت اوسر وٺي بيهي، ته اهڙي مرحلي تي انهيءَ قوم، سماج يا ملڪ ۾ رهندڙ عوام کي پنهنجي مفاد ۾ بنهه سولي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ تبديليءَ جي طريقيڪار کي اپنائڻ ۾ ڪا به دير نه ڪرڻ کپي. علي قاضي جو پيش ڪيل خاڪو پڻ منجهيل تبديليءَ واري ”ويهن واٽن“ نڪرڻ لاءِ ”هڪ واٽ“ جي پيشڪش ڪري ٿو، ۽ اهو خاڪو ”تبديليءَ واري ڪتاب“ ۾ پنهنجي نالي لکرائڻ کي ڪنهن وڏيءَ تبديليءَ لاءِ پهرين وک قرار ڏئي ٿو. جيڪڏهن سنڌي سماج ۾ عملي طرح ڪو به اهڙو مثبت خيال، سوچ، تصور، فڪر يا نظريو موجود ناهي، جيڪو سنڌي عوام جي پنهنجي فائدي ۾، سندن زندگيءَ تي خوشگوار نموني اثر ڇڏي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جو امڪاني طرح احاطو ڪندو هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ ”محبت واري ڪتاب“ ۾ نالي لکرائڻ وارو عمل، هڪ بنهه ڪمائتي، واقتائتي ۽ پرڪشش آڇ آهي، ۽ اهڙي خاڪي جي حمايت ۾ اڳتي اچڻ ۽ ان لاءِ عملي طرح ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪا به خرابي ناهي. اهڙي تبديليءَ لاءِ ڪيل مشق مان گهٽ ۾ گهٽ سنڌي عوام کي ڪو به نقصان نه پهچندو. هونءَ به وٽن هاڻي وڃائڻ لاءِ ته ڪجهه به نه رهيو آهي. پر حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه آهي، انڪري حاصلات جي جوش ۽ جذبي سان، سموري سنڌي عوام کي ”محبت (تبديليءَ) واري ڪتاب“ ۾ نالي لکرائڻ لاءِ اڳتي اچڻ کپي.
    بشڪريه ڪاوش اخبار
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محبت جو ڪتاب ۽ سنڌ جو قومي سوال

    ڳالهه ته ڪم جي ٿيل آهي، تبديلي جي حق م هن “ محبت واري ڪتاب ” ۾ نالو لکرائڻ ضرور گهرجي بلڪه پوري قوم کي پنهنجي را جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته هو تبديلي چاهن ٿا، هو موجوده پاڪستاني حالت کان غير مطئن آهن، هو چاهن ٿا ته پاڪستان کي بچائڻو اٿوَ ته قومن کي حق ڏيو ۽ اها پاڪستان سان وفاداري واري راهه ۾ آخري ڪوشش چئبي ۔۔۔
    جيتوڻيڪ پاڪستان جا اصل حڪمران، انڌا ۽ ٻوڙا آهن جو انهن کي ساڳي ڳالهه 1970 جي ڏهاڪي ۾ بنگالين ۽ ٻين پاڪستان ۾ شامل قومن جنهن ۾ سنڌ جا سڄڻ به شامل هئا وڏي واڪي ٻڌائي هئي ته قومن کي حق ڏيو ۽ 1940 جي ٺاهه مطابق ڪنفيڊريشن ٺاهيو پر انجي نتيجي ۾ پاڪستان جي بهادر اڳواڻن ۽ اسلام جي جذبي سان سرشار فوج، بنگالي مسلمانن جا لکين ماڻهون بيدردي سان ماري، ڪٽي ۽ ساڙي ڇڏيا ۽ لکين عورتن سان اهڙي ته شرمناڪ تعادي ڪئي جو الامان۔
    هاڻ ڏسجي ته اسين سنڌي انڳالهه کي مڃائڻ لئه ڪيتري بهادري ۽ ايڪي کان ڪم وٺونٿا، سو ته ايندڙ مستقبل قريب ٻڌائيندو ۔۔۔ ۽ اسانجي هي مسلمان فوج اسان سان ڪهڙو رويو اختيار ڪري ٿي انجي خبر به پئجي ويندي ۔۔۔

    جيتوڻيڪ ڪئي مونجهارا آهن پر سنڌ جي مستقبل خاطر، اسانکي اڳتي وڌڻو پوندو ۔۔۔ ۽ جان نثاري جا حادثا ته ٿيندا ۔۔۔ ياد رکڻ گهرجي ته اهي جان نثاري جا حادثا ئي سنڌ کي آزاد ۽ خوشحال ملڪ جي حيثيت ڏياريندا ۔۔۔۔
    هٿ مٿي آهن ۔۔۔ الله ۾ اميدون آهن ته ظلم جي پاڙ پٽبي ضرور ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو