دهلي پروپوزل (مسلمانن جون تجويزون) Dehli Proposals خلافت تحريڪ کان پوءِ ۽ سائمن ڪميشن جي اچڻ کان پهرين محمد علي جناح ۽ ان جي ساٿين هندو مسلم اتحاد لاءِ هڪ فارمولو پيش ڪيو، هي فارمولو عام طور تي “دهلي پروپوزل“ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو پر ڪجهه ماڻهون ان کي “مسلم تجويزون“ جي نالي سان به سڏين ٿا. پس منظر : محمدعلي جناح پنهنجي سياسي زندگي جي شروعاتي دور ۾ هندو_مسلم اتحاد جو علمبردار هو، 1916ع ۾ سندس ڪوششن سان آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ لکنو وارو ٺاھ طئه ٿيو، پر ڪانگريسي رهنمائن جي غير ذميوارنه روين، پهرين مهاڀاري ويڙھ جي واقعن، 1919ع جي مسئلن ۽ تحريڪ خلافت جي ڪري هي معاهدو پنهنجي منطقي انجام تائين نه پهچي سگھيو، پر انهن سڀني واقعن باوجود به محمدعلي جناح هندو مسلم اتحاد کي خودمختيار حڪومت لاءِ لازمي سمجھندو هو. 1027ع ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ بجيٽ جي اجلاس دوران هندو رهنمائن خاص طور پنڊت جواهرلال نهرو ۽ سري نواس آئينگر جون محمدعلي جناح سان غيررسمي ملاقاتون ۽ گفتگو ٿي، جنهن دوران ان خواهش جو اظهار ڪيو ويو ته جيڪڏهن مسلم ليگ جا رهنما ڌار چونڊن (سيپريٽ اليڪٽوريٽس) تان هٿ کڻن ته انهن جا ٻيا سڀئي مطالبا ڪانگريس تسليم ڪندي. ڪانگريسي رهنمائن جي اُن پيشڪش کان پوءِ محمدعلي جناح ليگ جي اڳواڻن جي هڪ ڪانفرس دهلي ۾ ڪوٺائي. 20 مارچ 1927ع ۾ محمدعلي جناح جي صدارت ۾ منعقد ٿيندڙ اُن اجلاس ۾ ليگ جي رهنمائن ڪانگريس سان مفاهمت لاءِ هڪ فارمولو تيار ڪيو جنهن کي عام طور تي “دهلي پروپوزل“ يا ”مسلم تجويزون“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. دهلي پروپوزل ۾ سڀ کان اهم شق اها هُئي ته قاعد اعظم ۽ ان جي ٻين ساٿين ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ ۽ گڏيل چونڊن کي منظور ڪرڻ لاءِ ڪانگريس کي هيٺيان مطالبا پيش ڪيا. 1 سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري ڌار صوبي جي حيثيت ڏني وڃي 2 : سرحد ۽ بلوچستان صوبي کي باقاعدي مراعاتون ڏنيون وڃن ۽ اتي آئيني سڌارن کي به لاڳو ڪيو وڃي. 3 : سنڌ ۾ مسلمانن کي اهڙي قسم جي اضافي نمائندگي جون مراعاتون حاصل هجن، جهڙيءَ طرح هندو اڪثريتي صوبي ۾ هندن کي حاصل هجن. 4 : اهڙي قسم جو آئيني دستور بلوچستان ۽ اتر_اولھه سرحدي صوبي ۾ به عمل هيٺ ايندو. 5 : پنجاب ۽ بنگال ۾ مسلمانن لي متناسب نمائندگي حاصل هوندي. رد عمل : دهلي وارين تجويزن تي گڏيل ردعمل سامهون آيو، ڪجهه حلقن انکي بيحد ساراهيو جڏهن ته ڪجهه حلقن ان تي تنقيد جا تير وسايا. سري نواس آئينگر جيڪو 1927ع ۾ ڪانگريس جو صدر هو ۽ جنهن جا محمدعلي جناح سان دوستاڻه رويا به هئا، ان هنن تجويزن جي کلي حمايت ڪئي. آل انڊيا نيشنل ڪانگريس به ان جو خيرمقدم ڪيو. پاتاٻائي سيتارا مايا جيڪو ڪانگريس جي تاريخ لکڻ تي مامور هوندو هو، ان تجويزن تي ڪجهه هيئن تبصرو ڪيو : “It is not evolution of a formula that was required but the approximation of the hearts a clearing of the minds, of the two great communities.” پنجاب جي هندوئن لالا لاجيت رائي جي اڳواڻيءَ ۾ انهن تجويزن جي اُن شق تي اعتراض ڪيو ته “پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ۾ مسلمانن کي انهن جي آبادي جي تناسب سان اڪثريت حاصل هوندي“. ڊاڪٽر مونجي ۽ هندو مها سڀا جي ٻين رهنمائن گڏيل چونڊن متعلق ليگ جي راضپي تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، سنڌ جي هندو رهنماء جئه رام داس دولت رام به بمبئي کي سنڌ کان ڌار ٿيڻ تي تنقيد ڪئي. مدارس ڪانگريس اهي تجويزون منظوريءَ لاءِ آل پارٽيس ڪانفرنس جي حوالي ڪرڻ جي تجويز ڏني . خود آل انڊيا مسلم ليگ انهن تجويزن جي ڪري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي. ليگ جا ٻه ڌڙا ٿي پيا، جناح ليگ ۽ شفيع ليگ. لاهور جي سر محمد شفيع ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ جناح جي ان فارمولي کي رد ڪيو. ڇو ته هو ڪنهن به صورت ۾ ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي نه هو. ڊاڪٽر علامه اقبال جيڪو شفيع ليگ جو سيڪريٽري هو، اُن به اِن مسئلي تي شفيع ليگ جو ساٿ ڏنو ۽ ائين ئي پنجاب جي مسلمانن جي اڪثريت ڪنهن به شرط تي ڌار چونڊن تان هٿ کڻڻ جي مخالفت ٿي بيٺي. خلاصو : 1916ع واري لکنو واري معاهدي کان پوءِ “دهليءَ واريون تجويزون“ جو فارمولو جناح ليگ ۽ ڪانگريس جي اتحاد متعلق ٻين سنجيده ڪوشش هئي. پر هندوئن ۽ مسلمانن طرفان گڏيل رد عمل ۽ سائمن ڪميشن جي ڪري قائداعظم جي اها ڪوشش به ڪاميابي نه ماڻي سگھي.