عمران فاروق قتل ڪيس جي FIR پاڪستان ۾ ۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خادم بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2015۔

  1. خادم بلوچ

    خادم بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عمران فاروق قتل ڪيس جي FIR پاڪستان ۾ ۔۔

    اصل مسئلو MQM جي قيادت ۾ ھٿ وجھڻ جو آھي، نالي ماتر جمھوريت جي ڪري اھو ڪم حڪومت کي ئي ڪرڻو آھي، سمجھ نٿي پئي اچين تہ ڪيئن ڪريون ، ڇو تہ ڪراچي جو امن وڏو مسئلو آھي، MQM سڌي طرح ورھين جي بدامني ۾ ملوث آھي، ڪراچي ۾ ٿيندڙ 75%ڏوھن جا پيرا بلڪل سڌا ايم ڪيو ايم ڏانھن ٿا وڃن، سنڌ حڪومت مجبور آھي، اھا پاڻ MQM جي ڏوھن ۾ گذريل ڪيترن سالن کان برابر جي شريڪ رھي آھي ڏوھن ۾ ، پاٿاريداري ۾ بہ۔ وفاق پاڻ پريشان آھي ڇو تہ MQM انٽرنيشنل ڏوھاري تنظيم آھي، سندن آقا سپرپاور آھن، پاڪستان جھڙي ملڪ کي ککرن کي کڙو ھڻڻ کان پھرين 500 دفعا سوچڻو آھي، ڇو تہ انھن تي ايڪشن کڻڻ مطلب آمريڪا، برطانيہ، اسرائيل، ڀارت تي ايڪشن کڻڻ برابر آھي، رھي ڳالھ فوجي ايڪشن، اھو تہ مورڳو ڏکيو ۽ تنقيدي عمل ٿي ويندو خودبخود، سو ھاڻي اھي ايم ڪيو ايمي مڇيء واري ڪنڍي ٿي چڪا آھن، جنھن کي ڪڍڻ لاء وڏي ڪاريگري جو مظاھرو ڪيو پيو وڃي ، ڇو تہ مڇي ھاڻي ڪني ٿي چڪي آھي، ڪوشش اھا بہ آھي تہ ھٿ بہ ڪنا نہ ٿين ۽ ڪنڍيء بہ سلامتي سان نڪري ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو