طوفان جي ڊائري

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    طوفان جي ڊائري​

    ڊاڪٽر ايوب شيخ

    جيڪڏهن عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ انڊيا جي ٿر ۾ ساهه ڏيندڙ ”پيٽ“ phet نالي طوفان هڪ ڊرامو هجي ها ته ان جو مرڪزي هيرو موسميات کاتي جو ڊي جي هجي ها. جڏهن ته ان ۾ ”ولين“ جو رول ڪندڙ اهي ڪامورا هجن ها، جن کي ظاهر ۾ طوفان جي ور چڙهيل عوام جو اونو هجي ها، ۽ اندر ۾ سندن پيٽ جي ٽجوڙي جو خالي خانو ڀرڻ جو شوق هجي ها. ميڊيا ان ڊرامي ۾ بدستور ”معاون“ اداڪار جو ڪردار ادا ڪري ها، ۽ وزير ڪبير وري ”عوام کي مصيبت جي ميدان ۾ اڪيلو نه ڇڏبو“ جا زبردست بيان جاري ڪن ها، پر اهو ڊرامو نه، هڪ حقيقي قدرتي مصيبت يا آفت آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جا ايم پي ايز ۽ وزير آغا سراج دراني، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سسئي پليجو، ڄام مهتاب ڏهر، ڊاڪٽر صغير احمد ۽ ايم پي ايز فياض ٻٽ ۽ حميرا علواڻي ۽ ٻين جا نالا کڻي ۽ ڳڻي سگهجن ٿا. انهن ۾ مهڙ وارو رول چيف منسٽر سنڌ ادا ڪيو آهي، جنهن پاران امڪاني طور متاثر ٿيندڙ سر زمين تي وڃڻ جي ڪري منظور شيخ جهڙن ڪامورن توڙي عوام ۾ سرڪار پاران ان مصيبت سان منهن ڏين ۾ سنجيدگي جو ماحول پيدا ٿيو آهي.
    طوفان، جيڪو سنڌ توڙي هند ۽ دنيا لاءِ نئون ناهي، تنهن جي باري ۾ هڪ ڊائري سنڌي ۾ لکڻ جي پڻ گهرج آهي ته جيئن جيڪي به پهلو ۽ پاسا هر سرڪار کان رهجي وڃن ٿا ۽ هر سرڪار، ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪار ٿئي ٿي، تنهن کان بچي سگهجي. هونئن ته جيڪي به اخبارون ڪنهن وڏي واقعي، حادثي يا سانحي کي رپورٽ ڪن ٿيون، اها پڻ ان بابت هڪ ٽڙيل پکڙيل ڊائري هجي ٿي. پر سنڌ ۾ خاص ڪري 1999ع واري طوفان کان پوءِ اهو محسوس ٿيو هو ته اڳوڻي وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن ان ڊائري جي اکر ”ڊ“ جو نقطو ڪڍي ان کي ”د“ ڏئي عوام ۽ ڪامورن کي ساڳئي ”دائري“ يا چڪر ۾ ڦاٿل رهڻ تي مجبور ڪيو هو. اڄوڪي سرڪار کي ان طوفان جي رمي وڃڻ کانپوءِ عوام ۾ حوصلو پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي مڪمل سهائتا ڪري عوام ۾ اعتماد جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
    عام طور دنيا جا وڏا ماڻهو هر روز رات جو پنهنجي ڊائري لکي سڀاڻي جي ٿيندڙ ڪم کي ياد ڪندا آهن. پر اسان وٽ ڊائري لکڻ جو گهڻي ڀاڱي رواج نه هجڻ ڪري اسان کان سڀاڻي جو ڪم رهجي يا وسري وڃي ٿو. ان ڊائري لکڻ جي ڪري خرچ پکي جو حساب ڪتاب به سڌو رهي ٿو ۽ پاڇي يا بچت جي باري ۾ به هر وقت خبر هجي ٿي. اسان اها ڳالهه نوٽ ڪندا رهيا آهيون ته جڏهن به سنڌ ۾ طوفان اچي ٿو ته وچ ۾ وٿي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ورهيه هجي ٿي. پر اسان هر طوفان ۾ پراڻي طوفان وارين حالتن ۾ هجون ٿا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مينا ڪماري جي اها فلم، جيڪا سٺ سال اڳ رليز ٿي هئي، اڄ به اها ئي اسان جي سامهون آهي.
    پهرين جون اڱاري جون خبرون: موسميات کاتي جي ڊي جي چوڌري صاحب چيو آهي ته عربي سمونڊ ۾ پيدا ٿيندڙ طوفان “پيٽ” اربع 3 جون تي ”ڪراچي ۽ سنڌ“ جي سامونڊي علائقن سان ٽڪرائبو، ان جو خاص نشانو ٺٽو ۽ بدين جا علائقا هوندا. انٽرنيٽ ڏسندڙن کي اها خبر اڳ ئي هئي، پر انٽرنيٽ تي ”ڪراچي ۽ سنڌ“ وارو اصطلاح ڪٿي به نظر نه آيو. ( ڪوئي اسان جي موسميات کاتي ۽ ان جي آفيسر صاحب کي ٻڌائي ته اهي اصطلاح هڪ ٻيو طوفان پيدا ڪندا آهن، جيڪو پيٽ بدران دماغ ۾ پيدا ٿيندو آهي).
    ٻه جون اربع جون خبرون: سنڌ جا وزير بدين، ٺٽي ۽ ڪراچي جي هيٺاهين وارن علائقن جي دوري تي نڪتل آهن. متاثر ٿيندڙ ضلعن جي ماڻهن جون تصويرون ”سرڪاري ماني“ کائيندي ڪاوش، ۽ ٻين اخبارن ۾ آيون آهن. بدين جي ان تصوير ڊائري جو هڪ صفحو وڌائڻ ۾ مدد ڪئي آهي. ڪنهن آفريقي مسڪين وسندي جهڙو اهو فوٽو ڏسي احساسن جي گرمي وڌڻ شروع ٿئي ٿي. مونکي هڪ جيل سپرنٽنڊنٽ ٻڌائي ٿو ته، ”ان کان ته بهتر هو ته ماني اسان واري جيل مان ٺهرائين ها“. لاڙڪاڻي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر موجب، ”سرڪار اسان جي اسپتال ۾ ماني گهر جي ماني جهڙي ڏئي ٿي“. آغا سراج دراني ڪراچي شهر، جنهن کي اڳوڻي سٽي سرڪار ”اشتهاري بورڊن“ سان سٿي ڇڏيو هو، تن سمورن بورڊن کي بنا دير هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڪم جي نگراني ڪئي آهي. ( لاهور ۾ اهي بورڊ ڪرڻ جي ڪري 22 ماڻهو مارجي ويا آهن).
    ٽي جون خميس جون خبرون: موسميات کاتي جي ڊي جي چيو آهي ته، ”سنڌ ۽ ڪراچي“ ۾ طوفان هاڻي اربع بدران ڇنڇر تي ايندو“، ساڳيو اصطلاح ٻڌڻ کانپوءِ ان کي نه ان ٽي وي چينل جي نمائندي روڪيو، نه سنڌ سرڪار ان جو نوٽيس ورتو. اها ”چوطرف لاپرواهي“ تمام وڏا طوفان آڻي ٿي، جنهن لاءِ خبردار رهڻ ضروري آهي. ڪي ٽي اين تي مصطفيٰ جروار ڪوئيٽا ۾ حسن بلوچ کان طوفان بدران جاگرافي جا سوال پڇڻ شروع ڪيا، مثلن... گوادر کان ڪراچي گهڻو پنڌ آهي؟.... پسني کان اورماڙا ڪيترو پري آهي؟ جي هاڻي طوفان گوادر ۾ آهي ته ڪراچي ڪڏهن پهچندو؟ مسٽر بلوچ به ڪم سڌو ڪري ڏيکاريو... گوادر 800 ڪلوميٽر آهي... پنهنجي گاڏي ڇهه ڪلاڪ وٺندي طوفان شايد 10 ڪلاڪ وٺي.... ٻئي ان ڳالهه تي متفق ڏسڻ ۾ پئي آيا ته ڄڻ اهو طوفان گوادر کان روڊ رستي ڪراچي پهچندو!!
    چار جون: انگريزي، اردو ۽ سنڌي خبرون: سنڌ جي وڏي وزير ڪيٽي بندر شهر ماڻهن کان خالي ڪرائڻ ۽ انهن کي بچائڻ جي بندوبست جو معائنو ڪيو. ساڻس گڏ هڪ ليڊي وزير ۽ ليڊي ايم پي اي ايز هيون. شاهه صاحب کي وزير موصوف مختلف ڳالهين تي بريفنگ پڻ ڏني. شاهه صاحب سنجيده نظر پئي آيو.... چوڌري صاحب پڻ سنجيدگي سان ساڳيو اصطلاح استعمال ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو.... شايد سرڪار هڪ وقت ۾ هڪ ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ چوڌري صاحب کان پڇاڻي لاءِ وٽس وقت ڪونهي. قومي ميڊيا به ڪو نوٽيس نه وٺڻ جي ڪري ساڳئي پير تي آهي.
    پنج جون ڇنڇر جون خبرون ۽ تبصرا: ڪراچي پوليس نوجوانن جي ايڊوينچر کي نظر ۾ رکندي ڪلفٽن جي سي ويو واري علائقي ڏانهن ويندڙ سڀ رستا سيل ڪري پوليس بيهاري ڇڏي آهي. بندش جي باوجود نوجوانن جو گهڻو انگ وري وري اوڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پوليس انهن کي واپس اماڻي ٿي. نوجوانن ڪڏهن طوفان ڏٺو ناهي، ان ڪري ”اهو ڇا آهي؟“ وارو سوال کين پاڻ مشاهدو ڪرڻ تي هرکائي ٿو. سندن جواني جو جوش سمنڊ پار ڪري ٽپا ڏيندڙ ڇولين کي ڏسڻ چاهي ٿو. ٻئي پاسا جوش. هڪ پاسي سامونڊي هوائن جو جوش، ٻئي پاسي دل جي آڳ جي تپش ۾ تبديل ٿيندڙ جواني جو جوش!
    رات جو ساڍي يارهين وڳي ڪراچي شهر جي الهندي پاسن حب، مواڇ ڳوٺ، يوسف ڳوٺ، بلديه کانپوءِ برسات ڪلفٽن ۽ ڊفينس مان ڦيرو ڏئي بلوچ ڪالوني، گلشن ۽ سهراب ڳوٺ پهچي سڄي شهر کي ٻن ڪلاڪن ۾ جل ٿل ڪري ڇڏيو. جن کي گرمي ختم ٿيڻ جي خوشي هئي، سي ٻهڪندا ويا، پر سرڪار اڳيان اهو امتحان شروع ٿيو ته جي برساتي نالن ڪم نه ڪيو، ماڻهو ڦاسي ويا ۽ پاڻي اٿلي پيو ته ايم ڪيو ايم ان ”ڪوتاهي“ کي پڻ ڪيش ڪرائيندي. پر هن ڀيري آغا سرزمين تي پاڻ موجود رهيو. گورنر سنڌ کي ساڻ کڻي ڪراچي شهر گهمائي سندس ڪنهن به ميڊيا ٽرائل جا حساب بند ڪرائي ڇڏيا. اڌ شهر بجلي کان محروم رهيو، پر اڌ ۾ مڪمل بجلي هئي، غريب امير جي فرق کانسواءِ.
    ڪراچي مان بادل پنهنجي ڪوٽا ورهائي، هوائن جي آڌار درد ونديءَ جي ديس ۾ ٻين پاسن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. بادل اڇلون ڏيندا سسئي جي پيچرن جي باهه کي ٿڌو ڪندا ڀنڀور جي آثارن کي سندن وجود جي آخري چتاوڻي ڏيندا، ڪيٽي بندر ڏانهن رخ ڪندا ويا. ڌاٻيجي، گهارو، ساڪرو، شاهبندر، پنگريو، سانگهڙ، شاهپور چاڪر، ميرپورخاص، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ مٺي ۾ پنهنجا سڀ رنگ ترنگ ڪري ڏيکاريا.
    ڇهه جون آچر جون خبرون، ٿيڻيون ۽ اڻ ٿيڻيون: برسات، هوا، بجلي، روشني ۽ وڻن جو جهومڻ، بادلن جي مستيءَ سان گڏ رهيو. سڀني اک ٻوٽ ۾ بهرو ورتو. آچر ڏينهن هجڻ جي ڪري ماڻهن جي پيهه گهٽ رهي، پر موسميات کاتي جي اڳڪٿين شهر آهستي آهستي ويران ڪري ڇڏيو. ٽريفڪ، هوٽلون، ريسٽورنٽ، تفريحي ماڳ بند ٿي ويا. ڏينهن جو ڪابه اڳڪٿي سامهون نه آئي ته ڪراچي جا هزارين ماڻهو پنهنجي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي شهر جي وڏن روڊن تي نڪري پيا. رات واري برسات جو پاڻي رڳو غريبن جي ڪچي آبادين يا غير قانوني آبادڪارين ۾ بيهجي ويو. ساڳين حالتن جي ڪري انهن ڪچين آبادين جي ماڻهن کي ڪيٽي بندر ۽ شاهبندر جي تباهي جو اڳواٽ احساس ضرور هوندو. ڪراچي جو آباد شهر 1860ع کان پنهنجي اوج تي رهيو. تڏهن کان اهو سنڌ جي گادي جو شهر رهيو. ڪراچي جي ڪل پکيڙ 3725 ڪلوميٽر آهي، جنهن ۾ 2100 ڪلوميٽر رڳو هڪ ٽائون گڏاپ آهي، جنهن ۾ منگهو پير، سهراب ڳوٺ، معمار، يوسف ڳوٺ وغيره جهڙيون يونين ڪائونسلون شامل آهن. اڄ گڏاپ جي انتظاميا پاران اعلان آيو ته جي سامونڊي طوفان ڪراچي ڏانهن منهن ڪيو ته پوءِ ”ٿڌو ڊيم“ جو خير ناهي. اتان جي ڊي ڊي او آغا فخر موجب اهو ڊيم 33 هزار ايڪڙ زمين سيراب ڪري ٿو.
    شام جو ڇهين وڳي اوچتو ڪراچي شهر جي مٿان موجود صاف آسمان مان اس ليئا پائيندي نڪري آئي، پر بادلن پندرنهن منٽن ۾ کيس ڍڪي غائب ڪري ڇڏيو. اهڙن ڏينهن ۾ ڪراچي جي روشني آئرلينڊ جي شهرن ڊبلن ۽ بيلفاسٽ جهڙي هجي ٿي. روشني گهٽجڻ جي ڪري اوندهه جي دوکي ۾ اچي پکي آسمان مان اڏرندي پنهنجي آکيرن ڏانهن سفر شروع ڪرڻ لڳا. سڄو ڏينهن طوفان جي انتظار کان تنگ ٿي رڪشا وارا سواريون ڳولڻ نڪري پيا. سڄي ملڪ مان فون ۽ خيريت پڇڻ جا سوال شروع ٿيا. خاص سوال اهو ته طوفان جو ڇا ٿيو؟
    رات جو ساڍي ستين وڳي طوفان جو ٻاهريون حصو ڀنڀور سان وڃي ٽڪريو، ڪيٽي بندر ۾ ماڻهن لاءِ اهو طوفان آدم بو... آدم بو بنجي آيو هو. 1901ع جي ميونسپل ڪميٽي ڪيٽي بندر جي ڪاغذن ۾ لکيل آهي ته ڪيٽي بندر ميونسپل هر سال ڪراچي جي گذاري لاءِ ساليانو رقم موڪليندي رهي. ڪيٽي بندر جو اهو پورٽ آهستي آهستي طوفانن ۽ بي خيالين ۽ واري جي وڌڻ ۽ ڪنارن جي بي جان ٿيڻ جي ڪري ان زماني جي هندو واپارين جي اهميت کان خالي ٿيندو ويو هو. ڪراچي جي آبادي ۾ ڪيٽي بندر جي انهن هندن جو هٿ هو، جن ڪيٽي بندر جي پهرين تباهي کانپوءِ ڪراچي ڏانهن رخ ڪيو هو. موسميات کاتي پنهنجي تازي سماچار ۾ آچر رات طوفان ٽڪرجڻ کان پوءِ ڪراچي ۽ ڀرپاسي وڏين برساتن جي پيشنگوئي ڪري ڇڏي. ( ان کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪابه برسات نه پئي) ڪاش! موسميات کاتي وارن کان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ ڪو وقت ڪڍي سگهي.
    طوفان کان پوءِ: ان ڳالهه کي نوٽ ڪجي ته ڇا اسانجو موسميات کاتو ۽ ان جا آفيسر توڙي اوزار جديد گهرجن جو پورائو ڪري سگهن ٿا، يا انهن وٽ اهي ئي پراڻا حساب ڪتاب آهن. ڇوته تازو لنڊن ۾ مونکي بي بي سي جي موسم وارو چينل ڏسندي پنجن پنجن ڏينهن جي اڳڪٿي جي نتيجن ۾ ڪجهه منٽن جو فرق ته محسوس ٿيو، پر انهن ۾ ڪنهن به هنڌ ڪلاڪن يا ڏينهن جو فرق نه هو. طوفان جي رفتار ۽ رخ جي ڪري اڳڪٿي هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿي، پر ڊي جي موصوف برسات جي جيڪا به اڳڪٿي ڪئي سا خير سان اسان کي ڪٿي به ڏسڻ ۾ نه آئي.
    وفاقي سرڪار کي گهرجي ته ”پيٽ“ طوفان جي گهڻي نقصان نه ڪرڻ جي باوجود متاثر ٿيندڙ عوام جو ازحد خيال ڪيو وڃي. جي اڄ به اڳوڻي سرڪار وارو رويو رکيو ويو ته ان طوفان جي پندرنهن ڏينهن جي اڻ تڻ وارن ڏينهن ۾ متاثر ٿيندڙ عوام ”پيٽ کان دماغ“ تائين جيڪو خيالي سفر ڪيو آهي، اهو ڪنهن به آنڌ مانڌ ۾ بدلجي سگهي ٿو. انساني دماغن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪاوڙ ڪنهن ملڪ، صوبي، موسم يا صنفي جنس ۽ علائقي ۾ ڪنهن مهل به پيدا ٿي سگهي ٿي.
    (الف) آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضلعي بنيادن تي ”ڊزاسٽر مئنيجمينٽ سينٽر“ ٺاهي انهن مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي.
    (ب) ڀنڀور جي قديم آثارن، ڪيٽي بندر، شاهبندر، جاتي، زيرو پوائنٽ ۽ احمد راڄو جي خصوصي حفاظت لاءِ جيڪي ڪم طوفان مهل سوچيا ويا، سي طوفان جي خاتمي کان پوءِ شروع ڪري عوام منجهه ”بي موت مري وڃڻ“ يا ”سرڪار جي لاپرواهي“ هٿان مرڻ جو ڪلچر پيدا ٿيڻ نه ڏنو وڃي. جڏهن به طوفان اچي ٿو ته ڪچا گهر، جهوپڙيون ڊهڻ، چوپايو مال مرڻ، ايل بي او ڊي، سم نالا اٿلي پوڻ جا ساڳيا ساڳيا قصا ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا. گذريل طوفان کي 11 سال لنگهي ويا آهن. هاڻوڪي سرڪار انهن مامرن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪري ته جيئن انهن ماڻهن جو ڪو جيئڻ جو مقصد بنجي سگهي.
    سنڌ جي روينيو وزير کي گهرجي ته امن امان جي وزير سان گڏجي مڪاني ادارن جي وزارت جي مدد سان متاثر ماڻهن جي واپس آبادڪاري لاءِ بنا دير تڪڙا اپاءَ وٺن. اوهان کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو ڪي ٽي اين جي ستار سروهي کي ڏنل اهو انٽرويو ته بر زبان ياد هجڻ گهرجي، جنهن ۾ ڊاڪٽر مرزا چيو ته ”گذريل سرڪار جي بي مروتي جي ڪري عوام پنهنجا گهر ڇڏڻ بدران مرڻ کي اوليت ڏني، پر اسان انهن جي اعتماد کي نقصان نه رسائينداسين“. ان هڪ مشاهدي ۾ اها ڳالهه صاف بيٺي آهي ته جي جمهوري سرڪار جي وزيرن، پارٽي توڙي ڪامورن ٿوري به غفلت ڪئي ته اهي پڻ عوام کان وسري سگهن ٿا ۽ عوام کي وري اها ”بي مروتي“ هڪ تازي ياد وانگر چنبڙي پوندي. جيڪا ڪنهن به منٿ ميڙ سان ذهن کان جدا ٿي نه سگهندي
    .

    بشڪريه روزانه ڪاوش
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: طوفان جي ڊائري

    سائين پِيٽ جو طوفان ته خير سان گذري ويو پر پَيٽ جو طوفان جيڪو هڪ ڏهاڪي کان وٺي سنڌ جي غريبن کي ڌونڌاڙي رهيو آهي ان جو ڇا ڪجي۔۔؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو