• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عبد الغفار تبسم ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

عبدالغفار تبسم

ويندي ويندي گلاب ڏيندي وئي
سوچ جو نئون سراب ڏيندي وئي،

هُن نهاري چَڪيو مٿئين چپ کي
بيٺلن کي حساب ڏيندي وئي،

ڪوري ململ تي ڇيپ اجرڪ جي
خالي نيڻن ۾ خواب ڏيندي وئي،

ميلي ۾ بيٺو هو ته ” تبسم“ کي
ڪو ڪهاڻي ڪتاب ڏيندي وئي.​
 
Back
Top