• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بدنام ڪالاباغ هجي ها ته انگلنڊ جا شهر سيلاب ۾ ڪونه ٻڏن ها ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
انگلينڊ جا ڪيترا شهر ٻوڏ اچڻ ڪارڻ ٻڏي ويا آهن ـ خطرناڪ سيلابن جي ڪري آمريڪا ۽ آسٽريليا جا ڪيترائي شهر به اڪثر ٻڏندا رهندا آهن ـ
جيڪڏهن پاڪستان ۾ سيلاب اچي ها ته پنجاب اها زوردار پروپئگنڊا ڪري ها ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته اسان جا شھر ڪونه ٻڏن ها پر ممڪن آهي ته ڪي ائين به فرمائن ها ته جيڪڏهن پنجاب ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته انگلنڊ جا شهر سيلاب ۾ ڪونه ٻڏن ها ـ
هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته انگليند، آمريڪا ۽ آسٽريليا جا ملڪ، پنجاب جي ڀيٽ ۾ بيوقوف آهن؟ جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته ساري دنيا ۾ سيلاب جو پاڻي، ٽيڪنيڪلي آبپاشي ڊيمن ۾ بنيادي طرح گڏ ڪونه ٿيندو آهي پر پنجاب اُلٽي دعوى ڪري ٿو، شايد پنجاب انگلينڊ، آمريڪا ا۽ آسٽريليا کان وڌيڪ عقلمند آهي ـ شرم ڪريو ۽ سنڌ خلاف زهر اوڳاڇڻ بند ڪريو ـ
 
Back
Top