• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي هوشيار ٿين / ڪراچيءَ ۾ نئون ڦتنو شروع ٿيڻ وارو آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي هوشيار ٿين جو ڪراچيءَ ۾ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کانپوءِ مهاجر صوبي جي شڪل ۾ نئون ڦتنو شروع ٿيڻ وارو آهي ـ ايم ڪيو ايم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ اردو ميڊيا به، پنهنجي پاليسي هڪ ڀيرو وري سندس فائدي ۾ تبديل ڪري ڇڏي آهي ـ

هاڻ مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ سنڌين کي گھرجي ته هو ڏينهن رات پاڻ ۾ ڏاڙهي پٽ ڪرڻ بدران، سنڌ جي وحدت کي برقرار رکڻ لاءِ ڳنڀيرتا سان سوچن ۽ هڪ ٿي وڃن ۽ سڀ گڏجي ايم ڪيو ايم جي سنڌ ڌرتيءَ سان غداريءَ کي وائکو ڪن ـ انهيءَ سلسلي ۾ سنڌي قومپرست به پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪن ٻي حالت ۾ تاريخ کين ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي ـ جن دوستن وٽ ڪي بهتر رٿون آهن، سي ڀلي هتي ڏين ـ
 
Back
Top