آڪاش انصاري اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا

    آڪاش انصاري

    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا
    نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو
    نه هي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو
    نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
    نه سگريٽ جو ڪو ڦلو ٿي ڇڻياسين
    دکياسين جلياسين اڌورا اڌورا

    دکن کان به دل پنهنجو رشتو نه ٺاهيو
    سکن ۾ به من کي سڪون ڪون آيو
    کِلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو
    رناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
    نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رناسين
    کلياسين رناسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا

    ڦاهي جا ڦندا چمڻ کان به وياسين
    ۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين
    نه تون ئي ملئين نه ڪنهن جا ٿياسين
    هِتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين
    مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
    ۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهيا سين اڌورا اڌورا

    طارق ٿي دنيا نه تياڳي سگھياسين
    جهان جو به جهنجهٽ نه جهاڳي سگھياسين
    عمر اڌ اڻکٽ عبادت ۾ وئي
    ۽ باقي بتن سان بغاوت ۾ وئي
    خدا به نه مليو ۽ نه ان جي خدائي
    او آڪاش جندڙي اينئن وئي اجائي
    ۽ ڳولا جي رڻ ۾ رلياسين اڌورا اڌورا
    اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا
     
  2. محمد ابراهيم سنون

    محمد ابراهيم سنون
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 نومبر 2023
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
  3. محمد ابراهيم سنون

    محمد ابراهيم سنون
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 نومبر 2023
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    آخري بند ۾ طارق بجاءِ تارڪ ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو