• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آڪاش انصاري اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!

آڪاش انصاري

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي!
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

اسان جو جڏهن خـون خوشبو ٿي ايندو،
ته ويڙها وطن جا به واســـي ڇـــڏيـــنــدو،
جڏهن ٻارڙي ڪنهن ڪئي ٻولي ٻاتي،
تــــه مـــــــاڻــيـندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.

اسانجون هي ٻانهـون، اسان جـــون نــــگـاهـــون،
ازل کان لـــــوچــــيــــن ٿـــيـــون اهــڙيون راهون،
انهيءَ ڪرٽ ۾ جي ڪُسي وياسين ڪاتي،
ته ماڻيــنـــدا مـــنـــزل پــنـــهـــنجـــا ڍول ڍاٽــــي.

جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي.

جڏهن وڏ ڦڙو ڪو ولهارن تي وسندو،
مٿان پارڪر جي پنونهارن تي وسندو،
نــــه رهنـدي ڪا مارئي، مارن لاءِ آتي،
تــــه مــاڻــيــنـدا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
 
  1. جڏهن منهنجا جھانگي، نه جھوريءَ ۾ جھُرندا،
  2. ٻَـــــري ۾ نـــــــه ٻــــڪــــرار جــــا ٻـــار ٻـــــرنــدا،
  3. سُڪي سکڻي ٿيندي نه جيـجل جــي ڇــــاتـــي،
  4. ته ماڻيندا مـنـــزل پـــنـــهــنـــجــا ڍول ڍاٽــــــــــي.

    سائين آڪاش جي قومي شاعري سچ پڇو ته جڏھن به مان اداس پريشان ھوندو آھيان ته آڪاش جي شاعري يا سرمد جا ڪلام ٻڌندو آھيان
 
Back
Top