آڪاش انصاري جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي

    آڪاش انصاري

    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
    جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
    تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
    منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
    ذھن جنھن جو اڃان ڀي ورھايل ھجي،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
    ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
    عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
    جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
    جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
    منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
    ۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    89
    ورتل پسنديدگيون:
    128
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي زبردست شاعري سائين آڪاش انصاري جي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    آڪاش انصاري جن جي قوم شاعري روح کي تازگي بخشيندي آھي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو