• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي تبصرو ـ 02

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
خبرون تي تبصرو ـ 02
* رينجرز اهم سياسي گرفتارين کان اڳ اجازت وٺي: سنڌ سرڪار (خبر)
** ......جيئن ڏوهارين کي ڀڄائڻ ۾ سولائي ٿئي ـ

* ترقياتي رٿائن ۾ بدعنوانين تي وڏي وزير کي ڪاوڙ (خبر)
**...... اها خبر توهانکي ڏاڍي دير سان پئي...!!

*پي آءِ اي جي نجڪاريءَ خلاف مظاهرا (خبر)
** ڇو ٿا نواز شريف جي روزگار تي لت ڏيو؟

* ڪشمور جي ڪچي ۾ عورت ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل (خبر)
** ڪاش...ڪا عورت، مرد کي به ڪارو ڪري..!!

* سنڌ سرڪار 25 لک پرڏيهين جي نيڪاليءَ لاءِ وفاق کان مدد گهري (خبر)
** اٺ ورهيه گھري ننڊ ۾ غلطان رهڻ کانپوءِ هاڻ جاڳيا آهيو ـ

* صوبا تيل ۽ گيس جي رائلٽي ضلعن کي نه ٿا ڏين: وفاقي سرڪار (خبر)
**...وفاقي سرڪار وري صوبن کي حق نه ٿي ڏئي

* تڪڙ ناهي، رينجرز کي اختيار ڏينداسون: وڏو وزير (خبر)
** اختيار ختم ٿئي 3 ڏينهن ته گذري ويا، اوهان کي اڃا گھڻا ورهيه گھرجن؟
 
Back
Top