رنجيت
سينيئر رڪن
دوستو! هند ۽ دبئي جي مشهور پراڊڪشن ڪمپني سنڌي سنگت جيڪا سنڌي ٻولي لا پاڻ پتوڙي رهي آهي۔ تنهن حال ۾ ئي ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو!؟! جي نالي سان هڪ ٽيلي سيريل تيار ڪئي آهي ان جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو!؟! وڏا ته اها چوڻي چئي ويا آهن پر ان تي عمل ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هيءَ ڪهاڻي آهي ٽن وارثن جي جيڪي وڏ ي ملڪيت حاصل ڪرڻ پهتا آهن کٽومل کٽواڻيءَ (ايس پي لالواڻي) جي بنگلي تي. جن مان هڪ آهي گلابچند (جيتوُ وزيراڻي)، جيڪو پنهنجو خانداني ڌنڌو ٽين دٻن جو واپار نه ڪري، سال جي 365 ڏينهن ۾ الڳ الڳ ڌنڌا ٿو ڪري. پر اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به واپار ۾ ٽڪو به ڪونه ڪمايو اٿائين.
ٻي آهي لاجونتي (مومل پنجابي). 23 سالن جي عمر ۾ ڇوڪرا ٿي ڳولهي، پنهنجي لاءِ نه پر ٻين جي لاءِ ، مطلب هوءَ آهي مائٽن واري.
ٽيون آهي بنا دؤلت ۽ بنا روپ جي دؤلت روپاڻي (دؤلت روپاڻي)، هونئن ته هي هڪ پنڊت جو پٽ آهي پر سندس مٿي تي ائڪٽر بڻجڻ جو ڀوت سوار آهي.
ملڪيت ملڻ ته پري رهي مورڳوئي ڦاٿا آهن ڪاڪي کٽومل جي قرض ۾ . هيءَ به چوڻي ٻڌي اٿو نه! ته تڪڙي ڪُتي انڌا گلڙ ڄڻي، اهڙيءَ طرح هنن به صحيح ڪري ورتي آهي ائگريمينٽ تي ۽ اچي ويا آهن قرض چڪائڻ جي چڪر ۾.
اجهو حاضر آهي اها وڊيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=208e6cWqxtc

ملڪيت حاصل ڪرڻ جي خاطر،
قرض چڪائڻ پيو آ ويتر،
لالچ جو ڪم بڇڙو اهڙو
ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو؟
ان ٽيلي سيريل ۾توهان جي هن حقير دوست پڻ پنهنجي ڪلا جا جوهر ڏيکاريا آهن۔ قرض چڪائڻ پيو آ ويتر،
لالچ جو ڪم بڇڙو اهڙو
ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو؟
اجهو حاضر آهي اها وڊيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=208e6cWqxtc