*** اڄ اوطاق ۾ *** اوطاق جو ته صرف نالو آهي پر اڄ جي محفل هڪ اهڙي اداري ۾ ٿِي آهي جيڪو اوطاق کان تمام گھڻي مرتبي وارو آهي.. اسان ٽي ڄڻا هُئاسين، ڊسمبر جا ڏينهن به صفا ننڍا ٿيندا آهن ۽ انهن ڏينهن ۾ گھر کان نڪرندي ڏينهن جا 12 ٿيو وڃن، اڄ سنڌيونيورسٽيءَ پاڪستان اسٽيڊي ڊپارٽمينٽ وڃڻ ٿيو، محترم دوست گُل لاکو سان رابطو ڪيم ته ٻُڌايائون ته 2 بجي آفيس مان واندو ٿيندس ۽ مهراڻ اچجو.. موبائل ۾ شام جا 12 لڳي 18 منٽ ٿيا هُئا، ماما سبحان علي به فون ڪيو ته سينڊوز ڪمپني ۾ هليو اچ لنچ اسان ڪري پوءِ پنهنجا ڪم ڪار ڪجان.. ماما سان به ڪافي ڏينهن کان ملاقات نه ٿي هُئي، واپس موٽندي سوا ٻه ٿي چُڪا هُئا، گل سان مهراڻ جي استاد ۽ شاگرد ڪينٽين تي ڪجهه گھڙيون گذارڻ کان پوءِ اهڙي شخص ملڻ وياسين جنهن جو صرف سنڌسلامت تي نالو ڏِٺو هئم، پوءِ گل ٻُڌايو ته ان شخص کي ويلڪم به ڪيو هئم پر مونکي ياد ناهي.. سنڌورسٽي اي.سي2 کان ٿيندا آءِ آءِ قاضي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي آخري آرامگاھن واري روڊ تان شام جي ٽين وڳي ڌاري هلڪي ٿَڌ ۾ موٽرسائيڪل جي سواري ڪڏهن به نه وسرندي، علامه قاضي متعلق ته ننڍي هوندي کان پڙهندا اچون پر ڊاڪٽر بلوچ متعلق نصاب ۾ نه پڙهيوسين (شايد اڃا تائين سنڌي نصاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ جو نالو ناهي). “هيرن کاڻ“ ڪتاب، جيڪو بابا جي لائبريريءَ ۾ ٻئين خاني ۾ پيل هوندو هو اهو پڙهيو هئم، جنهن کان پوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر بلوچ به ڪا هستي آهي ان ڳالهه کي تقريبن 4 سال ٿي ويا آهن.. بورڊ آف ڪرڪيولم ۾ اڄ سائين محمديوسف جويو سان ملائڻ لاءِ گُل مونکي وٺي ويو، جيڪا ملاقات يادگار رهندي، ملاقاتون هميشه ياد رهنديون آهن پر جڏهن ملاقات ۾ ڪا نئين ڳالھه نکري اچي ته اها ملاقات سدائين ياد رهندي آهي.. اڄ به سائين جويو جَن نئين ڳالهه ڪئي جنهن متعلق شايد اڃا ڪنهن به سنجيدگي سان ناهي سوچيو يا شايد ڪنهن ان پراجيڪٽ تي ڪم به ڪيو هُجي پر اسان جي علم۾ نه هُجي..! الائي ڇو جنهن سان سنڌي ٻوليءَ متعلق ڳالهه ٻولهه هلندي آهي ته سنڌي لپيءَ جو ذڪر ضرور نڪرندو آهي پوءِ اهو سنڌسلامت ڊاٽ ڪام جو باني سائين عبدالرشيد سمون هُجي يا آئي.ٽي انچارج چاچا امرفياض هُجي ، محترم علي حسن ملاح يا ادا عباس ڪوريجو هُجي يا ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪو ٻيو دوست.. پر جيستائين لپيءَ جو ذڪر نه ٿئي ته سمجھه ڪچهري ٿِي ئي ڪانه!! هرڪو پنهنجا رايا ڏيندو.. ٻوليءَ ۾ نواڻ هُجي، پراڻا اکر نڪرڻ گھرجن.. يا ٻوليءَ جي لپي مٽجڻ گھُرجي.. بحرحال هرڪنهنجا پنهنجا رايا هوندا آهن.. پر اڄ جي محفل بنهه مختلف هُئي.. ٻوليءَ ۾ لپيءَ جو ڪوبه ذڪر نه ٿيو، نه ئي ٻوليءَ ۾ نواڻ آڻڻ جو.. ذڪر ٿيو ته صرف ڪمپيوٽر ۾ سنڌي سافٽوئير ۽ گيمز جو.. اڄ تائين صرف هڪ گيم سنڌيءَ ۾ ڏِٺي اٿم (سابه 2012 ۾)، “رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ نالي سان 2ڊِي گيم ۾ صرف ڌاڙيلن کي مارڻ لاءِ هٿيار استعمال ڪرڻ ڏيکاريو ويو هو.. سائين جويو صاحب پڇيو ته توهان گيمز تي ڪم ڪيو آهي؟ منهنجو ذهن ان پاسي نه هُئو ته گيمز تي به ڪم ٿيڻ گھُرجي.. آئون ٻوليءَ ۾ لپيءَ جي چڪرن ۾ سوالن جي صحيح جوابن جو انتظار پيو ڪريان، منهنجو ذهن ته هڪ پاسي هُو، مونکي انگلش مووي “لوسِي“ جو هڪ ڊائلاگ ياد پيو اچي ته جيڪڏهن توهانجو ذهن 15 في صد کان گھٽ ٿو ڪم ڪري ته توهان جو ذهن هڪ ئي جاءِ تي هوندو، جيڪڏهن توهانکي مَڇَرَ چڪ پائي ٿو ته توهان صرف اُن جو زهر محسوس ڪري سگھو ٿا.. جيڪڏهن توهان سامهون نانگ اچي ويو ته توهان صرف ان کان بچاءَ لاءِ ڪوششون ڪندا.. پر جيڪڏهن توهان جو دماغ 20 فيصد کان مٿي ڪم ڪندو ته توهان اهڙين ڳالهين کي درگذر ڪري ڇڏيندا ! پوءِ ڀلي کڻي توهان کي گولي لڳي پر توهان کي ان جو احساس به نه ٿيندو.. بحرحال ڪٿي فلمن جون من گھڙت ڪهاڻيون ۽ ڪٿي ٻولي...! سائين جويو صاحب هڪ تجويز ڏِني ته هاڻ گيمز تي به ڪم ڪرڻ گھُرجي.. هڪ اهڙي گيم ٺاهجي جيڪا سنڌ جي ڪنهن مشهور شهر جي هُجي.. مثال حيدرآباد.. ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته حيدرآباد ڪيئن آهي؟ اتي جو ماحول ڪهڙو آهي؟ اتي جون بازارون ، گليون ڪيئن آهن؟ روڊ رستا ڪيئن آهن ؟؟ اتي جي پوليس جو رويو ڪهڙو آهي؟ اهڙن سڀني سوالن جو جواب هڪ ئي گيم ۾ هُئڻ گھرجي.. راند کيڏندڙ کي ائين محسوس ٿئي ته ڄڻ هُو حيدرآباد ۾ پيو گھُمي.. اهڙي ريت پهرين وڏن شهرن ۽ پوءِ ننڍن شهرن جون رانديون اچڻ گھرجن.. هر علائقي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت، ٻولي وغيره اهو سڀ ڪجهه هڪ راند ۾ ڏيکاريو وڃي تاڪه ماڻهن کي خبر پوي ته سنڌ جي فلاڻن شهرن ۾ فلاڻي قسم جا ماڻهون رهن ٿا.. اسان امريڪا ۽ ٻين ملڪن جو مشهور رانديون ڏٺيون آهن، مثال ٿا وٺون گرانڊ ٿيفٽ آٽو (GTA) راند جو، جنهن ۾ آمريڪا جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏيکاريل آهي جيڪو اُتي آهي، هاڻ اسان آمريڪا وڃڻ کان پهرين به اهو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته آمريڪا ۾ ههڙي قسم جا ماڻهون رهن ٿا.. بحرحال..! آخر ۾ محفل پُڄاڻي ان ڳالھ تي ٿِي ته اهو ڪم ڪندو ڪير؟؟ ۽ مونکي هڪ جواب نظر آيو ته ايم.ايس.سِي پاس اُهي نوجوان جيڪي ٿيوريز پڙهي گھر ڀيڙا ٿي ويا آهن، سنڌ ورسٽي مان ڪئين سالن کان ڪمپيوٽرسائنس جا ڪلاس هلندا اچن.. هر سال نه ڄاڻ ڪيترا نوجوان ڊگريون حاصل ڪن پيا.. پر انهن اڄ تائين ڇا ڪيو آهي؟ اُهي ئي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا.. اهي رانديون ٺاهين.. انهن جون سي.ڊيز ٺاهي وڪرو ڪَري پنهنجو ڪاروبار به شروع ڪري سگھن ٿا.. سڀني دوستن کي اپيل آهي ته جيڪي به ڪمپيوٽرسائنس ۾ توهان يا توهان جا دوست ، مائٽ ، عزيز، ڊگريون حاصل ڪري گھر ڀيڙا ٿي ويا آهن انهن کي هاڻ پريڪٽيڪلي طور ڪم ڪرڻ گھرجي.. ٿيوريز جا پنا اُٿلائڻ گھرجن.. ڪمپيوٽر کي سمجھائڻ گھرجي ته هاڻ هيئن ڪر.. تڏهن وڃي ڪا نئين شئي مارڪيٽ ۾ ايندي..
صلاح سٺي آهي .... اسان وٽ ثقافت کان تاريخ ۽ جاگرافي .... شهرن کان ڳوٺ، اسان جي دريائن، اسان جي ڍنڍن ...... ڪيترا نالا لکان تي ڪم جي ضرورت آهي .... ميڊيڪل تي سنڌي ۾ ڪم بنهه گهٽ آهي .... گيمز واري ٿيوري به وڻي ..... مان سوچيان پيو ته اسان جي يونيورسٽيز ۾ نوجوانن کي پروجيڪٽ ڏنا وڃن ۽ انهن جي پذيرائي به ٿئي .... ته ڪافي ڪم سولا ٿي سگهن ٿا. يا انهن طرف وک کڻي سگهجي ٿي. اوهان جون علمي ڪچهريون ۽ علمي چاهه سدا سلامت ۽ برقرار هجي ... !!!