غزل
رضا بخاري
رات کان ڪٽجي وئي آ چاندني
ڪٿ ڀلا رهجي وئي آ چاندني؟
او مِٺي! تو جو اکيون پوري ڇڏيون
پيچرو ڀُلجي وئي آ چاندني
وڻَ ڪناري تان ڏٺو حسرت منجهان
ڍنڍ سان ٻکجي وئي آ چاندني
دل ته منهنجي آ جدائيءَ ۾ جَلي
خاڪ ڇو بڻجي وئي آ چاندني؟
لفظ ڪاغذ تي نچن ڪرڻن جيان
سوچ ۾ ڀرجي وئي آ چاندني
