• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو سنڌي ....نظم

نظم

اچو سنڌي
______________
اچو سنڌي اچو سنڌي ملي سڀ هي ملهايون ڏينهن
تهذيبن تونگر سنڌ محبت جو وسايون مينهن....

سدان سکيو رهي ٿو ساه هجون جي سنڌ ۾ سائين
محبت هي مٺو جذبو جيون ساڀ رکيو آ هيئن...

سڀ کي سڪ ساڻيه جي اندر ۾عشق اجاگر آ
لڳل لوري سنڌڙيءَ جي تڙپي جيءُ تنهن لئه تيئن...

اسان جو ڀائيچارو هي محبت ۽ اخوت جو
سدان پنهنجن لئه پانڌيڙا دشمن لئه آهيون سڀ شيهن...

صدين کان هليا آهيون هلنداسين اڃا اڳتي
جيون سان آهيون پانڌي سنڌ سان آ لڳايو نينهن ...


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top