رخسانه پريت نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    رخسانه پريت

    نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين،
    ڪنھن وڏي وشواس ۾ آھيون اسين.

    لوڇ سڏڪا درد پيڙا نيٺ ڇا،
    عشق جي اڀياس ۾ آھيون اسين.

    پيار جي احساس اينئن اوچو ڪيو،
    ڄڻ اڏيا آڪاش ۾ آھيون اسين.

    ڇا سندءِ من ۾ ٻه موھ آ ساڳيو،
    انھيءَ ٻڏتر قياس ۾ آھيون اسين.

    نيٺ اوسيئڙا به ماڳ ماڻيندا،
    بس انھيءَ احساس ۾ آھيون اسين.

    ايترو اوتيوسين پوءِ ڀي ڄڻ اڃيا،
    پريت“ ڪھڙيءَ پياس ۾ آھيون اسين.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نيٺ ايندو آس ۾ آھيون اسين،
    ڪنھن وڏي وشواس ۾ آھيون اسين.


    صفا دل لڳو نيٺ ايندو آس ۾ آھيون
     
  3. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ايڏو خوبصورت انتخاب هوندو آهي اوهان جو سليمان سائين.
    ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن اهڙي غير معياري شاعري جي چونڊ.... مزو نه آيو، پيسا واپس ڪريو... ههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پسند نه آيو ...ڪا ڳالهه ناهي
    وري ڪو سهڻو انتخاب موڪلبو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو