• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي پيار جا ماڻهو...

اسان جي پيارجا ماڻهو


اسان جي پيار جا ماڻهو وڏي سڪ سار جا ماڻهو

ڪيو يادن ۾ قدي تو نظر نهار جا ماڻهو ....

سدان سڪ ۾ رهين ٿو تون سدان ڇڪ ۾ رهين ٿو تون

اسان کي تڙپ تنهنجي آ عشق اسرار جا ماڻهو.....

گهمڻ ۾ ٿو رهين گڏجي ائين ير روح سان رلجي

سمايل ساه سان آهين اندر جي آر جا ماڻهو ....

ڏنئه مون روح کي راحت گذاريم جا گڏيل ساعت

اسان کي تنهنجي آ عادت وندر هن وار جا ماڻهو ....

تنهنجي محبت ڪيو ماندو پچر تنهنجي نه هان واندو

اسان ڏي عشق تون آندو اندر جي ٺار جا ماڻهو ....

اسان جي پيار جا ماڻهو وڏي سڪ سار جا ماڻهو


رسول بخش دائودپوٽه
 
اسان ڏي عشق تون آندو اندر جي ٺار جا ماڻهو ....

اسان جي پيار جا ماڻهو وڏي سڪ سار جا ماڻهو


واھ سائين دائودپوٽه صاحب واھ تمام بھترين
 
Back
Top