اجرڪ ٽوپي پايان ....

اجرڪ ٽوپي پايان

_________________

اجرڪ ٽوپي پايان سڀ کي پاڻ وڻايان
مونکي سنڌڙي پياري آهي ڇو ته مان سنڌي آهيان

اتر لاڙ وچولو پيارو ٿر آ منهنجو ٿاڪ ادا
ڪاڇي سان ڀي قرب وڏو آهي جاڏي وک وڌايان ..

روح کي هت سرور ملي پيو سڪ سنڌ جي آ سائين
محبت هت مهڪار وڏي آ پنڌڙا جاڏي پڇايان

سنڌوامرت جنهن جو پاڻي ساري سنڌ سيراب ڪري ٿو
مور پکي ٻابيها هن جا ڏسندي دل وندرايان ...

سون برابر ڌرتي سنڌ جي جنهن سان نينهن آ ناتو
پيارا ماڻهو پياري ڌرتي ڳڻ مان تنهن جا ڳايان

سهڻي ڌرتي سنڌ جي آهي سنڌي ماڻهو پيارا
نه ڪينو بغض عداوت جن وٽ چاه سڀن سان چاهيان..

.

.

.

.

.

.

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top