بجلي _جو_ بحران_ آخر_ ڇو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ M Pariyal طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. M Pariyal

    M Pariyal
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 اپريل 2010
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بجلي جو بحران

    هاڻ ڪنهن کي اهيو ٻڌائڻ جو تـ وقت رهيو ڪونهي جو ڪنهن کي هٿ کان جهلي سيڙاهي ٻڌائجي تـ ادا ملڪ ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ هلي پئي ڏاڍي تڪليف ٿئي ٿي جنهن مهل بـ ڪنهن ڪم سانگي بٽڻ هيٺ ڪر تـ ميڊم بجلي گم ،پوءِ ڀلي اوهان جا ڪم ڪيترا بـ اهم ڇو نـ هجن ، اخباري خبرون هونديون آهن ، تـ شهرن ۾ ست ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي ۾ 13 ڪلاڪ
    بجلي بند رهڻ جا اطلاع آهن، واه واه وري جو اخبار کڻي پڙه تـ پڙ ڪڍيو بيٺي آهي تـ ماڻهون بجلي جي اڻاٺ سبب رستن تي ٽائر ٻاري گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي آڻي رهيا آهن ، وڏن چئن ڪالمن جي خبر ۾ وزير بي پير جي خبر تـ شام تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿئي ويندي ، اهي خبرون الاهي ڪيترن سالن کان پڙهڻ ۾ اينديون رهنديون آهن مگر گذريل ٻن سالن کان ڪجهـ وڌيڪ محسوس ٿين ٿيون شايد جهموريت جي ڪري يا وري جڏهن آمرن جي وقت ۾ بجلي بند رهندي هئي تـ ماڻهون گرمي ۾ شل ٿئي حاڪم الوقت کي ڏاڍيون گاريون ڏئي پيٽ جي باهـ کي ٿڌو ڪري ماٺ ڪري ويهندا هئا۽ جنرل مُش جي شان بيحيائي م ڪجهـ بـ نـ ڪُڇندا هئا ڇاڪاڻ تـ ڏاڍي جي لٺ کي رڳوُ مٿا جتان وڻيس اُتان واهي ڪڍي ڪنهنجي مجال جو ڪجهـ ڪڇن ، مگر جڏهن کان عوامي حڪومت اوسر ڪئي آهي ويچارا وزير مشير سڄو ڏينهن ماڻهن کي منٿون ڪرڻ ۾ پورا آهن تـ يار ڏاها ٿيو اهي سڀ شيون اسان کي ڏاج (ورثي) ۾ مليون آهن اسان مسئلن کي قابو ڪري وٺنداسين.
    حڪمران ويچارا ڪڏهن ڏينهن کي وڏو تـ ڪڏهن رات کي ننڍو ڪرڻ جي حڪمت عملي جوڙيو جو کڻيون عوام جي سامهون آڻين تـ سواءِ ماٺيڻين جي ڪو هڪ بـ ٻڌڻ جي لاء تيار ڪونهي ، نـ واپاري ٿا ٻڌن ، نـ نوڪرشاهي ، نـ پرائيويٽ اسڪولن وارا ، چون تـ اسين ڇو ننڍ خراب ڪري صبح ساڻ وڃي دڪان کوليون . رات جو ڇو اٺين وڳي دڪان بند ڪريون ، بجلي جي ذميواري حڪومت جي آهي ، اسان جو ڪهڙو ڪم جو حڪومت سان تعاون ڪريون .وغيره وغيره ، اهي حال هن بيحس قوم جا ڏسي دل چوندي آهي تـ جنهن بـ شخص کي پنهنجي گهر جي تڪليف ۾ حصيدار ٿيڻ نـ اچي ان کي ٻانهن کان جهلي درجي ٻاهرن ڇڏي اچجي يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙي بدبخت گهر ڀاتي کي پنهنجي ڪٽنب مان ئي کڻي لادعوائ ڪجي ، مگر اهڙا فيصلا ڪرڻ محبتي ماڻهن جي وس ۾ ڪٿي _ خير ڇڏيون ٿا ان لٻاڙ کي اڌ ۾ پاڻهي پيا مسئلا حل ٿيندا .

    اچو اصل مسئلي جي طرف تـ بجلي جي بحران مان ڪئين نجات حاصل ڪجي؛
    اداسائين ڪو وقت هو جو پي ٽي وِي جا پروگرام شام جو 5 وڳيشروع ٿيندا هئا ۽ رات جو 10 وڳي بند . هرڪو سڀ ڪم ڪار ڪري ٻـ ٽي ڪلاڪ تفريح خاطر پروگرام ڏسي ، خير سان سڀ ڪم ڪار ڪرڻ بعد وڃي آرامي ٿيندو هو شاگرد بـ خوش تـ سرڪار بـ خوش ملڪ جو ڪاروبار سهڻي فضيلت جهڙي ماحول ۾ پيو هلندو هو . جيڪڏهن ڪي ڪچهري جا ڪوڏيا رهاڻ تي ويٺا تـ هڪ بلب جي روشني ۾ وڃي اسُر ٿيندو هو _ هاڻي تـ الاهي ڪيترا ٽي وي چئنل آهن جيڪي پنهنجن پيسن جي پيداگيري لاء ٽن ٽن ڏينهن جون پراڻيون بدبودار خبرو ن نغارن ۽ نوبتن جي جهنڪار سان چويهـ چويهـ ڪلاڪ هلائي ماڻهن جي ماٺ جو تماشو ڏسي رهيا آهن.تـ ادا انهن چئنلن کي ڏسڻ جي لاء بجلي جي کپت ڪانـ پئي ٿئي.سترهن ڪروڙ عوام جي ملڪ م جيڪڏهن فقط
    پنجاه لک ٽي وي سيٽ هجن جيڪي فقط ٻارنهن ڪلاڪ هلندا هجن تـ پاڻ فيصلو ڪريو تـ ڪيتري بجلي ضائع ٿيندي هوندي هي ڪو مفروضو نـ آهي هي اکين وارن لاءِ بقول انگريزين جي آئي اوُپنر آهي جنهنکي فقط اکين وارا ئي ڏسي ۽ سمجهي سگهن ٿا هر ڪنهنکي ان جي خبر پوڻ مشڪل ضرور آهي .x-(

    x-(
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو