• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
شاعر : آڪاش انصاري
ٻول : اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا.

اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا!
نڪي عشق آتش فشان ٿي اڀاميو،
نه ئي ديپ دل مان اوهان جو اجھاميو،
نه سورن جي شدت کان شعلو بڻياسين
نه سگريٽ جو ڪو ڦُلو ٿِي ڇڻياسين،
دُکياسين جلياسين اڌورا اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا

دُکن سان به دل پنهنجي رشتو نه ٺاهيو
سُکن ۾ به من کي سڪون ڪونه آيو،
کلياسين ته خلقت جي دردن ٿي روڪيو،
رُناسين ته دنيا جي نظرن ٿي ٽوڪيو
نه خوش ٿي کلياسين نه رنج ٿي رُناسين
رُناسين کلياسين اڌورا اڌورا..

ڦاهيءَ جا ڦندا چُمڻ کان به وياسين
۽ دنيا جا ڌنڌا ڪرڻ کان به وياسين
نه تون ئي ملئين ۽ نه ڪنهن جا ٿياسين
هتان کان به وياسين هُتان کان به وياسين
مرڻ جي مزي کان به محروم ٿياسين
۽ جيئندا رهياسين اڌورا اڌورا..

تارڪ ٿي دُنيا نه تياڳي سگھياسين
جَهان جو به جھنجھٽ نه جھاڳي سگهياسين
غُمر اڌ اڻکُٽ عبادت ۾ ويئي،
۽ باقي بُتن کان بغاوت ۾ ويئي
خُدا ڀي نه مليو نه اُنجي خُدائي،
او آڪاش جندڙي ائين وئي اجائي.
۽ ڳولا جي رِڻ ۾ رُلياسين اڌورا
اسين بس رهياسين اڌورا اڌورا...

[/CENTER​
 
Back
Top