رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هر شيءِ وقت سان پنهنجا رخ بدلائي ٿي يا مٽائڻ جي طرف هلي پئي ٿي پو جو مذهب ئي ڇو نه هجن جن جي واڳ ڌڻيءَ حوالي آ انبيائن کان ٿيندي اسان تائين پڳا ....ساڳي نموني انسان جا ڍنگ رنگ روپ تور طريقا اهڃاڻ ان خاص محور ۾ هلندي هلندي ٻين بي جا تصورن ۾ اٽڪي ڪڏهن ڪڏهن بيهي ٿا رهن تن کي سنوت ڏيڻ دڳ ڏيڻ سورڻ اورڻ تمام ضروري ٿي پوندو آ جنهن سان اها رفتار زندگي جنهن ۾ هن جي آسيس آ اهڃاڻ آ سڃاڻ آ سان يڪسوئي سان قدم قدم سان ملائي اڳتي سونهن ڀريو سلوڻو ساءُ ڏيندڙ بڻائڻ ئي دانشوري آ جوت آ جرڪاءُ آ سپت آ سڀاءُ آ سرچاءُ آ سينگار آ ونهنوار آ وڻندڙ آ ورونهن ڏيندڙ آ گڏيندڙ آ ميڙيندڙ آ ...
سو هي ثقافت اسان جي جوڌن لاءِ جرڪائيندڙ جوت ڏيندڙ ايندڙ نسلن کي سرجڻ واري سوچ آ ان کي ڀلي ڀت ورجائڻ گهرجي جيڪي به هن ڌرتي جا رنگ آهن ان کي نمودار ڪري سامهون شيشي وانگر ڪرڻ جي ضرورت آ ڪرڻ گهرجي جنهن سان ڦڪا ٿيل رنگ وري گهرا ٿي هن سنڌي نسل کي هن سنڌي جوڌي کي هن سنڌي ٻچڙي کي ٻاٻيهاڻي ٻولي سنڌي ٻولي سان گڏ گفتار ۾ رفتار ۾ سريلو بڻائڻ جو ڏينهن آ جنهن ۾ سنڌ جون راڳڻيو ...نه ڪي ڪوڪ اسٽوڊيوجهڙا بي هودا طريقا ،بين بانسري يڪتارا چپڙيون چنگ چوري ساٿ کي سوري سلوڻو ڪرڻ گهرجي پنهنجي اجرڪ ٽوپي جيڪا موئن جي دڙي جي منظر ڪشي آ تنهن کي اڄ ڏينهن تائين بهتر کان بهتر انداز ۾ پائڻ سڪ وڌائڻ مانائتي محبت سان هنڍائڻ وارو سنڌي وڏي ڀاڳ وارو ڄڻ ته جنت جو ڪو ٽڪرو آ سنڌ ...واه واه سهڻا ماڻهو ته ڏسو هي هي ڳڀرو ته ڏسو هي اجرڪن ۾ اوڍيل آس وند ته ڏسو هي نياڻيو ن راڻيون جن جي پوشاڪ لوئي لنگي سوسي ۽ برٿ ڀريل هنرسان حرکائيندڙ پوشاڪون ته ڏسو هي سنڌي عورت جو سڀاءُ ته ڏسو حيا ته ڏسو شرميلو پن ته ڏسو جو پنهنجي ڳوٺ جي منڱيندي جي منهن چڙهڻ کي عيب ٿي سمجهي ۽ ان لاءِ هي پنهنجو وجود ويڙهي رکي ٿي ...
هي آ سنڌي اصل عورت جو حيادار هجڻ ..
سو هر سنڌ جي وکر کي ولڙڻو آ ساره ۾ آڻڻو آ هر گڻ کي کولڻو آ ڦولڻو آ روين کان وٺي پائڻ رهڻ ڪرڻ کان وڃي ڪرت ڪم سڀ ياد ڪرڻا آهن ۽ سنڀالي رکڻا آهن ۽ استعمال ڪرڻا آهن نئين نسل کي گهر کان ويندي اسڪول تائين ۽ ان کان پو وڻج واپار ۽ دڪانداري تائين سڀ بي عيب طريقا سمجهائڻا آهن ...ته جيئن هي سنڌي هي سٻاجهو سلوڻو سپت ماڻهو پنهنجي نرالي وجود سان هن دنيا ۾ ڪارونهوار هلائيندي سرهو ٿي گذاري ۽ ٻين لاءِ مثال محبت هجي ....
سو هن ڏينهن کي وڌائي هڪ وڏو ڪري پاڻ به ته دنيا کي به سڀ رنگ ڏيکاري سوڀارو ڪرڻو آ ....
.
.
.
ساٿ سلامت سنڌ سلامت