رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان جي ڀاڳ جا ماڻهو
___________________
اسان جي ڀاڳ جا ماڻهو اسان جي جاڳ جا ماڻهو
سنڌي سپت سدان سهڻا وطن جي واڳ جا ماڻهو....
اسان جيون سڄو سارو سنڌ جي سوچ ۾ گهاريون
اهو اتساه اهڙو آ نه ٿين جي داڳ جا ماڻهو..
سدان سانگو سنڌ جو جن اهي سانگي سڪ وارا
اندر تن لئه اجاريل آ جيون جهاڳ جا ماڻهو ...
مکڻ ماکيون ڏهن چاڏيون ڌنارن ڌڻ ڏسي سرها
ٿرن جي ٿاڪ جا ماڻهو محبت ماڳ جا ماڻهو
پياري ٿا پائن پوشاڪ اجرڪ ٽوپي وڌائي سونهن
سلوڻا ساه سيباڻا اندر جي آڳ جا ماڻهو ..
ڌرتي سنڌ منهنجي جند هن ۾ ڪو نه ڪوئي ڦند
رهن ٿا روح سڀ راڻا سريلي راڳ جا ماڻهو ...