• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اينڊرائيڊ موبائل _ سافٽويئر جن کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي

سجاد علي چنا

سينيئر رڪن
انتظامي رڪن
ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ
دوستو، اڄ مان هتي ڪجهه اهڙيون اينڊرائيڊ ايپليڪيشنز ونڊڻ چاهيان ٿو جن کان سواءِمونکي موبائل فون بيڪار لڳندي آهي.

SwiftKeyboard

سوئفٽ ڪيبورڊڊ
12341181_993830740689182_634235056912307954_n.jpg


ڳالهه جڏهن ڪيبورڊ جي هجي ته مونکي SwiftKeyboard کان علاوه ٻئي ڪنهن ڪيبورڊ سان ٽائيپ ئي نه ٿيندو آهي ڪجهه. سبب هن جي تيز رفتار ۽ درست ٽائيپنگ کان علاوه اهو به آهي ته هي ڪيبورڊ اسان جي ٽائيپ ڪرڻ جي عادتن کان واقفيت حاصل ڪري ٿو ۽ ٽائيپ ڪندي اسان کي ايندڙ لفظ پنهجو پاڻ ئي ٻڌائي ٿو، فيسبوڪ، ٽوئيٽر، ايس ايم ايس مطلب جتي جتي جيڪو ڪجهه اسان لکون ٿا اهو پنهنجي ياداشت ۾ محفوظ ڪري ڇڏي ٿو. نه رڳو ايترو پر Swift Cloud ذريعي اهي لفظَ پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ پڻ محفوظ ڪري ڇڏي ٿو. اوهان موبائل تبديل به ڪريو ته به اوهان کي وري وري هن کي سمجهائڻو نه پوندو ته ڇا ٽائپ ڪرڻو آهي. مونکي هي ڪيبورڊ استعمال ڪندي هڪ سال کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، دوستن سان اڪثر ڪچهري رومن سنڌي ۾ هجڻ ڪري شايد ئي ڪو اهڙو سنڌيءَ جو لفظ هوندو جيڪو هن ڪيبورڊ کي خبر نه هجي.

ڊائونلوڊ لنڪ


- Multiling O Keyboard
ملٽي لنگ او ڪيبورڊ


12345571_993830304022559_7984472088529017360_n.jpg

سنڌي زبان سان پيار ڪندڙ لاءِ هن ڪيبورڊ جو نالو نئون نه هوندو. مارڪيٽ ۾ هونءَ ته ڪيترا ئي سنڌي ڪيبورڊ موجود آهن پر انهن ۾ ايترا نقص آهن جو بس. ان ڪري هي سنڌي لکڻ لاءِ مان هي ڪيبورڊ ضرور انسٽال ڪندو آهيان.
موبائل ۾ هي ڪيبورڊ انسٽال ڪرڻ جو طريقو هيٺ لنڪ ۾ ڏنل آهي.


ڊائونلوڊ لنڪ


Google Keep
گوگل ڪِيپ

12360276_993830700689186_6767179002409738023_n.jpg


سمارٽ فون اسان جي جسم جي عضوي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. اٿندي، ويهندي، گهمندي، پنهنجون مختصر سوچن ۽ ياداشت ناما محفوظ ڪرڻ چاهي اهي تحريري صورت ۾ هجن، تصويري صورت ۾ هجن يا آواز جي صورت ۾، ڇا ڪرڻو آهي وغيره وغيره رڪارڊ رکڻ لاءِ Google Keep کان وڌيڪ بهترايپليڪيشن مونکي ٻي ڪا نه ٿي سُجهي، نه رڳو ايترو پر Google Keep انهن ياداشت نامن کي پنهنجي Server تي پڻ محفوظ ڪندي رهي ٿي جنهن کي اوهان ڪنهن برائوزر سميت تقريبن هر پليٽ فارم تان حاصل ڪري سگهو ٿا. جيئن ته هي ايپليڪشن گوگل وارن طرفان آهي ان ڪري اوهان کي الگ سان پنهنجو اڪائونٽ نه ٺاهڻو پوندو.

ڊائونلوڊ لنڪ

gReader
جيِ ريڊر

12316328_993830804022509_2533132622215078899_n.jpg
12321290_993830870689169_866103764910330121_n.jpg
12391263_993830877355835_7918158797832119512_n.jpg

هي هڪ RSS/ FEED ريڊر آهي . مون سنڌ سلامت سميت ڪجهه سنڌي اردو اخبارن جا RSS هن ۾ لڳائي ڇڏيا آهن جنهن ذريعي هي انهن اخبار جي ويبسائيٽس جون نيون تحريرون ڊائونلوڊ ڪندو رهندو آهي جيڪي ڪنهن به وقت واندڪائي ۾ پڙهي سگهندو آهيان.


ڊائونلوڊ لنڪ


Opera Mini
اوپيرا مني

12373388_993830910689165_487878628721236498_n.jpg



12341493_993830927355830_247096920314564317_n.jpg

جيڪڏهن اسان پاڪستان جي ڪنهن وڏي شهر ۾ نه ٿا رهون ته اسان کي قسمت سان ئي موبائل تي تيز انٽرنيٽ نصيب ٿيندي آهي: گهٽ انٽرنيٽ رفتار تي Opera Mini تمام تيزيءَ سان ڪم ڪندو آهي. هن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو اهو آهي ته هي گهربل ويبسائيٽ پهريان پنهنجي سرور تي compress ڪري ان کان پوءِ اسان جي سامهون آڻيندو آهي جنهن ڪري ويبسائيٽ تيزيءَ سان کلندي آهي.

ڊائونلوڊ لنڪ

Pocket
پاڪيٽ

12359819_993830590689197_555375383226493076_n.jpg


12347875_993830627355860_4559726989187772422_n.jpg


اوهان سان ڪڏهن ائين ٿيو آهي جو جلديءَ هجو ۽ گهر کان نڪرندي نڪرندي اوهان جي سامهون ڪنهن دلچسپ تحرير جي لنڪ اچي وڃي جيڪا اوهان پڙهڻ کان سواءِ رهي به نه سگهو پر ان مهل اوهان پڙهي نه سگهو؟ ان صورت ۾ اوهان ڇا ڪندئو؟ ان جو حل هي ايپليڪشن آهي ته اوهان لنڪ ڪي Pocket تي رکي ڇڏيو. هيءَ اپليڪيشن اوهان لاءِ اها لنڪ آفلائن پڙهڻ لاءِ محفوظ رکي ڇڏيندو. ضرور آزمائجو.

ڊائونلوڊ لنڪ

Link Bubble
لنڪ ببل


linkbubble.jpg

موبائيل ۾ ڪا اپيليڪشن، مثال طور تي ڪا خبرن واري ايپليڪشن يا ٽوئٽر وغيره، هلائيندي اسان ڪا لنڪ ڪلڪ ڪندا آهيون ته موبائل ۾ هڪ قسم جو ٻڙڌڪ مچي ويندو آهي، لنڪ ڪلڪ ڪندي سامهون ويب برائوزر اچي ويندو، وري لنڪ کلڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي. ان حال ۾ Link Bubble ته زندگي ئي آسان ڪري ڇڏي. ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙو بوڻيو (bubble) ظاهر ٿيندو، جيئن فيسبوڪ ميسينجر تي چيٽ کلندي آهي. جنهن ۾ پسمنظر ۾ اها ويبسائيٽ لوڊ ٿيندي. جيڪا اوهان ان بوڻئي کي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهندئو. اوهان به آزمائي ڏسو.

Google Drive
گوگل ڊرائيوِ


12369123_993830980689158_1118294027020030754_n.jpg

موبائل هجي يا ڪمپيوٽر جي هارڊ ڊسڪ ان جي ڪرپٽ ٿيڻ جو هر وقت انديشو رهندو آهي، ان ڪري پنهنجن انتهائي اهم فائلن کي محفوظ رکڻ لاءِ يا وري وقت سر انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گوگل ڊرائيوِ جي 15 گيگا بائيٽ جي آنلائن اسٽوريج ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي.

ڊائونلوڊ لنڪ



مون هن ننڍڙي لسٽ ۾ فيسبوڪ، واٽس ايپ، ٽوئٽر، جي ميل وغيره جو ذڪر نه ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان به ڪنهن ايپليڪيشن جي صلاح ڏيڻ چاهيو ته اوهان کي ڀليڪار...


ٽائپنگ ۾ يا بيان ۾ ڪجهه غلطيون هجن ته درگزر ڪجو.
 
گهڻو ڪري انهن مان اڪثر مان به هلايان ..... پر ڪجهه ايپ مون لاء نيون آهن، ڪوشش ڪيون ٿا انهن کي ڪلڪ ڪرڻ جي
 
ڪجهه ايپليڪيشنز اڳ ئي انسٽال ٿيل هُيون ۽ ڪجهه هاڻ ڪريان پيو.. مونکي هڪ اهڙي ايپليڪيشن جي تلاش آهي جنهن ۾ آئون ڪوبه سوال ڪريان ته انجو مثبت جواب مِلي.. اهڙي ايپ موجود ته آهي پر نالي جي خبر ناهي..
 
بھترين ونڊ اھڙو ڪو طريقو جنھن سان motorola razar م مين موبا ئل ھاٽ اسپوٽ کلي سگھي مھرباني ڪري ونڊ ڪندا
 
Back
Top