آڪاش انصاري جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صاحبڏنو شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2015۔

  1. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جنھن نه مٽيءَ جي خوشبوءِ کي ڄاتو ھتي،
    جنھن نه سانگين جي سَڱ کي سڃاتو ھتي،
    تنھن سان ڪھڙو ڀلا منھنجو ناتو ھتي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جو نه اجرڪ جي عظمت جو قائل ھجي،
    منھنجي ٻوليءَ ڏي جيڪو نه مائل ھجي،
    ذھن جنھن جو اڃان ڀي ورھايل ھجي،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن سنگينن سان سانگين جا سينا چٿيا،
    ڄڻ محبت جا مڪا مدينا چٿيا،
    عشق عرفان جا آبگينا چٿيا،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جنھن جي اک ماروئن ڏانھن ميري ھجي،
    جيڪو وانگين جي ٻچڙن جو ويري ھجي،
    جيڪو جلاد، قاتل ۽ قھري ھجي،
    تنھن کي چئو! منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.

    جيڪو لاڻن ليارن سان نفرت ڪري،
    منھنجي پورھيت پنھوارن سان نفرت ڪري،
    ۽ درد وند ديس وارن سان نفرت ڪري،
    تنھن کي چئو منھنجي نگريءَ مان نڪري وڃي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو