• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اچو ته ايڪتا ڏينهن کي سياسي، علمي ۽ تعليمي انقلاب ۾ تبديل ڪيون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

EnWyTzY.jpg


ايڪتا ڏهاڙو يا ثقافت جو ڏينهن يا وري ان کي سنڌ ڌرتيءَ جو ڏينهن چئو .... هي ڏينهن سنڌين لاءِ هڪ ثقافتي عيد جو ڏينهن ٿي پيو آهي، هند، سنڌ يا پرڏيهه ۾ رهندڙ هن ڏينهن کي ملهائي خوش ٿين ٿا. گذريل پنجن سالن کان هن ڏينهن سنڌين کي يڪجا ۽ متحد ڪيو آهي ..... اڄ ڪراچي پريس ڪلب جي رستن تي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ۽ سنڌي لباس ۾ ماڻهن کي ڏسي خوشي ٿي .... هاڻي ضرورت آهي ته هن ڏينهن کي، هن لهر کي قومي ايڪتا ۾ تبديل ڪندي سياسي، علمي ۽ تعليمي انقلاب ۾ تبديل ڪري سنڌ جي خوشحالي ۽ آجپي ڏانهن قدم وڌايون.
ٻي صورت ۾ صرف ناچ ۽ گانا اسان جي قسمت ڪونه بدلائي سگهندا. ڏسون ته سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند هن موقعي کي ڪيئن ٿا سنڌ جي خوشحالي ۾ تبديل ڪن .... !!!!!
 
Back
Top