خبرون تي تبصرو / 14 ڊسمبر 2015

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
خبرون تي تبصرو

* رينجرز کي دير سان اختيار ڏيڻ تي آسمان ڪونه ڪرندو (قائم علي شاهه)
**....ڀلا وقت سر اختيار ڏيڻ سان آسمان ڪرندو ڇا؟ ڪڏهن ته عقل جي به ڳالهه ڪر

* آصف زرداريءَ کي پ پ پ پارليامينٽرين جو سربراهه بڻائڻ جو فيصلو
** سنڌين جي نئين بدقسمتي

* رينجرز کي نوٽيفڪيش ذريعي اختيار ڏئي سگھجن ٿا
**...پر اهو صدمو شايد نوجوان قائم علي شاهه برداشت ڪري نه سگھندو

* سنڌ سرڪار رينجرز جي معاملي کي مذاق بڻايو آهي (پي ٽي آءِ)
** ڀلا مسخرن کان به چڱائيءَ جي اميد ڪري سگھجي ٿي ڇا؟
 
Back
Top