• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

قائم علي شاهه کان ڪرپشن بابت هڪ سوال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه تازو سيمينار ۾ تقرير ڪندي ميڊيا کان شڪايت ڪئي آهي ته مٿس اجايو ڪرپشن جا الزام مڙهيا پيا وڃن جڏهن ته هو وڏڙن کان مليل گھر ۾ رهي ٿو ۽ ساڳي زمين جو مالڪ آهي جيڪا کيس ورثي ۾ ملي هئي.
شاهه صاحب جيڪو خير سان 90 ورهين جي ڄمار ڪراس ڪري چڪو آهي ۽ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهي، تنهن کان هڪ سوال آهي ته هو خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي عوام کي اهو ٻڌائي ته ڇا سندس ليڊر آصف علي زرداري به ايترو بي ڏهي ۽ معصوم آهي جيترو هو پاڻ کي سمجھي ٿو؟ شاهه صاحب پهريان انهيءَ سوال جو جواب ڏئي ۽ پوءِ پنهنجي صفائي پيش ڪري ته بهتر ـ
 
Back
Top