آفيس جي فائل کي پي ڊي ايسف ۾ ڪنورٽ ڪرڻ لا ڇا ڪرڻو پوندو ڪنهن دوست وٽ حل هجي ته ٻڌائي .....................
فائل کي مائيڪروسافٽ آفس ۾ کوليو. ڪنٽرول + پي دٻايو يا پرنٽر جي آئيڪان تي ڪلڪ ڪريو. پرنٽر جي آپشن ۾ microsoft print to pdf چونڊيو. ٿي سگهي ٿو توهان وٽ microsoft print to pdf جو آپشن نه هجي. انهي صورت ۾ توهان کي هڪ ننڍڙو پروگرام "true pdf" انسٽال ڪرڻو پوندو. "true pdf" هتان ڊائونلوڊ ڪريو. ۽ پوءِ microsoft print to pdf جي بجاءِ true pdf سيليڪٽ ڪريو... پرنٽ جو بٽڻ دٻايو.. نئين پي ڊي ايف فائل کي ڪنهن نالي سان محفوظ ڪريو...
پياري دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ هڪ دفعي هن سوال جو جواب ڪجهه هن طرح لکيو هو: جيڪڏنهن اوهان مائڪروسافٽ ورڊ 2007 استعمال ڪري رهيا آهيو ته پوءِ ڪنهن به جهنجهٽ ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي۔ هتي ڪلڪ ڪري هي ايڊ آن ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔ ۽ پوءِ جڏنهن به فائل کي ڪنورٽ ڪرڻو هجي فائيل ۾سيو ايز ۾ وڃي هيٺ نظر ايندڙ ڏيک کوليو۔۽ هائلائيٽ ٿيل اکرن PDF or XPS تي ڪلڪ ڪريو۔ فائل پي ڊي ايف ۾ ڪنورٽ ٿي ويندي۔