786 ڏينهن زندهه رهندڙ منهنجي اڪيلي پوٽي تي سنڌ ايڪسپريس، اڱارو 15 ڊسمبر 2015 تي ڇپيل منهنجوڪالم

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
منهنجي ننڍڙي پياري ۽ اڪيلي پوٽي منتشا عامر جيڪا هن فاني دنيا ۾ رڳو 786 ڏينهن زندهه رهي، تنهن تي روزاني سنڌ ايڪسپريس، اڱارو 15 ڊسمبر 2015 تي ڇپيل منهنجو ڪالم جنهن جو عنوان هو: هزارين معصوم ٻارڙن جي حياتين کي خطرو ـ
ulU7kk1.jpg


ڪالم پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪِلڪ ڪندا ته مهرباني ـ
https://epaper.sindhexpress.com.pk/...x?newsID=130340917&Issue=NP_HYD&Date=20151215

130340917.GIF
 
آخري ترميم:
تمام گهڻو ڌک رسيو هو جڏهن اها خبر اوهان جي فيسبوڪ اسٽيٽس تي پڙهي هيم

ٻارڙن جو ڪمهلو موت صفا جيءُ جهوري وجهندو آ
 
ڪالم پڙهندي پهريان چهري تي مرڪ ترندي رهي پر اچانڪ... سينو ڳورو ۽ ڳلو سوڙهو ٿيندي محسوس ٿيو... ۽ پوءِ جڏهن ڳوڙها ڳلن تان ٿيندا ليپٽاپ تي ڪريا ته تڪليف ۽ پيڙاء جو احساس به وڌي ويو .. رب پاڪ توهان کي ۽ ننڍڙي جي امڙ ابا جن کي صبر عطا فرمائي... آمين
توهان طرفان اٿاريل اشارن تي جيڪڏهن واقعي به عمل ٿئي ته هوندر قيمتي جانيون بچنديون رهن...
 
Back
Top